24 آچر , جون 2018

ايران جي انقلابي گارڊز ميزائل تجربا جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

download (10)تهران (ع آ نيوز) ايران جي انقلابي گارڊز ميزائل تجربن جو سلسلو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، پرڏيهي خابرو اداري مطابق ايراني انقلابي گارڊز جي سربراهه حاجي زيديح پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته ايران جو ميزائل پروگرام ڪنهن به صورت ۾ ختم نه ٿيندو، هن چيو ته انقلابي گارڊ ميزائل پروگرام بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ کي به تسليم ناهي ڪيو، هن چيو ته ايران جو جنگ جو ڪو ارادو ناهي پر ان جو ميزائل پروگرام پنهنجي ملڪ جي ڀرپور بچاءَ لاءِ آهي، واضح هجي ته ان کان پهرين ايراني پرڏيهي وزارت چيو هو ته ميزائل تجربا عالمي جوهري ٺاهه يا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ جي ڪنهن به صورت ۾ ڀڃڪڙي ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪمبوڊيا ۾ ڪُکُ ڪرائي تي ڏيندڙ 33 اميد واريون عورتون گرفتار

پنو پن(ويب ڊيسڪ) ڪمبوڊيا جي پوليس ڪُکُ ڪرائي تي ڏيندڙ 33 اميد وارين عورتن کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے