21 ہفتہ , اپریل 2018

نيوز:احتساب عدالت اثاثا ٺاهڻ جي ريفرنس ۾ اسحاق ڊار کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي نيب جي درخواست تي فيصلو محفوظ

 آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي ريفرنس ۾ اسحاق ڊار کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي نيب جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو .

اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير نيب طرفان اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي.

 ٻڌڻي دوران نيب جي اسپيشل پراسيڪيوٽر عمران شفيق عدالت کان جوابدار کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي درخواست ڪئي جنهن جي جوابدار ڌر جي وڪيل مخالفت ڪئي ۽ اسحاق ڊار جي نئين ميڊيڪل رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي.

 عدالت اسحاق ڊار کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو جڏهن ته جوابدار ڌر جي وڪيل کي دليل جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

 اسحاق ڊار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سندس اصيل جي ايم آر آءِ جو انتظام هو، سيني ۾ اڃا به تڪليف آهي، جڏهن ته دل جي رڳ ۾ به معمولي مسئلو آهي.

ان موقعي تي اسپيشل پراسڪيوٽر چيو ته جوابدار کي سموري عدالتي ڪارروائي بابت ڄاڻ آهي، تنهن ڪري وارنٽ لنڊن موڪلڻ جي ضرورت ناهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز:لاڙڪاڻو: ڪاشف شاهه جي وارثن احتجاجن تڏو نه کنيو،  انصاف جي گهر

*لاڙڪاڻي ويجهو پوليس تشدد ۾مارجي ويل نوجوان ڪاشف شاهه جي وارثن احتجاجن تڏو نه کنيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے