21 ہفتہ , اپریل 2018

نيوز:اسلام آباد ۾ ٻن گروپن ۾ جهيڙو،3 ڄڻا مارجي ويا

اسلام آباد ۾ ٻن گروپن ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا. سيڪريٽريٽ ٿاڻي جي علائقي ۾ ٻن گروپن ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا. پوليس موجب ٻنين ۾ ٻڪريون چارڻ تان جهيڙو ٿيو جنهن دوران ٻنهي گروپن هڪ ٻي تي فائرنگ شروع ڪري ڏني.

 مارجي ويل ماڻهن جي لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب فائرنگ ڪندڙ هڪ جوابدار ذيشان کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، مارجي ويلن ۾ زال مڙس به شامل آهي.

 عالم خان ۽ سندس گهر واري جا لاش گاڏي مان مليا، سندن تعلق وزيرستان سان آهي. مخالف پارٽي جي مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ مسڪين خان جي نالي سان ٿي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بريڪنگ نيوز: نوشھرو فيروز: باءِ پاس  تي وين ڪلٽي،  هڪ ٻارڙي فوت، 12 ڄڻا زخمي

*نوشھرو فيروز: باءِ پاس  تي وين ڪلٽي،  هڪ ٻارڙي فوت، 12 ڄڻا زخمي زخمي ڳڻتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے