16 اڱارو , جنوري 2018

اثاثا ريفرنس: احتساب عدالت اسحاق ڊار کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي ريفرنس ۾ اسحاق ڊار کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير نيب طرفان اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران نيب جي اسپيشل پراسيڪيوٽر عمران شفيق عدالت کان جوابدار کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي درخواست ڪئي جنهن جي جوابدار ڌر جي وڪيل مخالفت ڪئي ۽ اسحاق ڊار جي نئين ميڊيڪل رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي. عدالت اسحاق ڊار کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو جڏهن ته جوابدار ڌر جي وڪيل کي دليل جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسحاق ڊار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سندس اصيل جي ايم آر آءِ جو انتظام هو، سيني ۾ اڃا به تڪليف آهي، جڏهن ته دل جي رڳ ۾ به معمولي مسئلو آهي. وڪيل چيو ته اسحاق ڊار جون وڌيڪ ٽيسٽون ٿينديون، نيب اڃا تائين ميڊيڪل رپورٽ جي تصديق نه ڪرائي آهي جڏهن ته وارنٽن تي عمل لاهور جي ايڊريس تي ڪيو ويو، هو ته اتي رهندو ئي ناهي. ان موقعي تي اسپيشل پراسڪيوٽر چيو ته جوابدار کي سموري عدالتي ڪارروائي بابت ڄاڻ آهي، تنهن ڪري وارنٽ لنڊن موڪلڻ جي ضرورت ناهي. اڳوڻي ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل نيب قاضي مصباح به اسحاق ڊار طرفان عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته عدالت کي درخواست آهي ته هو اسحاق ڊار طرفان دليل ڏيڻ چاهي ٿو جنهن تي جج چيو ته توهان ڪيس ۾ وڪيل نه آهيو تنهن ڪري دليلن جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. احتساب عدالت نيب جي درخواست منظور ڪندي اسحاق ڊار کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پرويز رشيد چوڌري نثار علي خان کي منافق قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ پرويز رشيد چوڌري نثار کي منافق …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے