18 جمعرات , جنوری 2018

سياسي اختلاف ٽڪراءُ ۾ تبديل نه ٿيڻ گهرجن

پاڪستان م هونئن ته پاناما ليڪس کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ ڀونچال آيل آهي پر اليڪشن جيئن جيئن ويجهو اچي پئي، تئين تئين نيون سياسي صفبنديون به ٿيندي نظر اچي رهيون آهن. نواز ليگ جنهن جي مرڪز ۾ ۽ پنجاب ۾ حڪومت آهي، سا پاناما پيپرز کان وٺي لاڳيتو دٻاءُ ۾ آهي، پاڪستان ۾ سياسي طور يا ادارن جي سطح تي جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي. سو سڀ ڪجهه گذريل 70 سالن کان ٿيندو پئي رهيو آهي. جنهن جي ڪري هتي جمهوريت ڪڏهن به پاڙون پختيون ناهي ڪري سگهي ۽جڏهن به ڪنهن جماعت جي چونڊيل حڪومت قائم ٿي آهي ته اها هميشه لوڏن ۽ لاهن چاڙهن ۾ رهي آهي.

پاڪستان جي تاريخ ۾ هي پهريون ڀيرو آهي جو هڪ چونڊيل حڪومت 2008ع جي عام چونڊن کان پوءِ اقتدار جون واڳون سنڀاليون ۽ پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري ٻين چونڊن يعني 2013ع وارين عام چونڊين جي نتيجن ۾ چونڊجي آيل جماعت جي حوالي اقتدار ڪيو ۽ ايئن پاڪستان اندر هڪ چونڊيل حڪومت کان ٻي چونڊيل حڪومت ڏانهن اقتدار جي پرامن منتقلي جي روايت پئي، جيڪا ان کان اڳ هن ملڪ ۽ سماج ۾ هڪ اڻ ٿيڻي ڳالهه هئي. نه رڳو ايترو پر سمجهو اهو ٿئي ويو ۽ اڃا به اهو سمجهيو پيو وڃي ته موجوده حڪومت به مدو پورو ڪندي ۽ چونڊون وقت تي ٿينديون، ايئن ايندڙ چونڊن يعني 2018ع وارين عام چونڊن۾ جيڪا به جماعت قائم ٿيندي، اقتدار ان جي حوالي ٿيندو، ڇو ته ڪمزور جمهوريت جيئن جيئن هلندي، تئين تئين مضبوط جمهوريت ۾ تبديل ٿيندي ۽ جمهوريت جيئن ته چئبو ئي عوام جي حڪمراني کي آهي، تنهن ڪري عوام جڏهن راڄ ڪندو ته لازمي آهي ته هر ڪنهن کي پنهنجو آئيني ڪردار ۽ فرض ئي نڀائڻو پوندو. ڪير  به آئيني حدون پوءِ  اورانگهي نه سگهندو.

اسان جي ملڪ جي بدقسمتي اها رهي آهي ته هتي چونڊيل حڪومت کي دٻاءُ ۾ رکڻ لاءِ مختلف قسمن جا حربا استعمال ڪيا ويندا رهيا آهن ۽ هٿ ٺوڪا جٿا روڊن تي آڻي حڪومتن جو ڌيان ئي ان طرف ڪرايو پئي ويندو رهيو آهي. پوءِ ٿيندو ايئن آهي جو حڪومتون بحرانن کي منهن ڏيندي ڏيندي يا ته مدو پورو ڪرڻ کان اڳ ختم ٿي وينديون آهن يا وري مدو پورو جي ڪري به وينديون آهن ته اهي عوام جي امنگن تي پورو لهي نه سگهنديون آهن. پوءِ اهي ڌريون ۽ سندن ڇاڙتا سماج ۾ جمهوريت کي گهٽ وڌ ڳالهائيندي ئي نظر ايندا آهن.

سياسي ڌرين طرفان اليڪشن کان اڳ سياسي صفبندي ڪرڻ هر ڪنهن جو بنيادي ۽ جمهوري حق آهي پر ڪي ڪي اهڙيون شيون به ٿيندي نظر اچي رهيون آهن، جيڪي اصولن آدرشن ۽ نظرين جي بنهه ابتڙ آهن. سو جيڪا شيءَ ۽ جيڪو عمل اصول جي ابتڙ هجي، تنهن جا لازمي آهي ته هن ملڪ ۽ سماج تي ڪي مثبت اثر پئجي نٿا سگهن. سياسي سماجن کي هن ملڪ کي تجربيڪار بڻائڻ بدران يا اهڙو ڪو عمل ڪرڻ، جنهن سان ٽئين ڌر کي موقعو ملي، بدران سياسي دانائي جو مظاهرو ڪرڻ کپي، حقيقت ۽ دليل جي بنياد تي اڳتي وڌڻ کپي، سرڪار تي جيڪڏهن ڪا جائز تنقيد ٿي رهي آهي ته ان تنقيد کي اصلاحي سمجهندي ان ۾ سبق وٺڻ گهرجي، پر تنقيد ڪندڙ سياسي ڌريون جيڪڏهن فقط سياسي مفادن کي آڏو رکندي اٻهرائي مان ڪو قدم کڻنديون ته اهو هن ملڪ ۽ نظام لاءِ ته فائديمند نه هوندو پر خود سياسي جماعتن لاءِ به ڪو گهڻو فائدو وارو نه هوندو.

جهڙي نموني پاناما ليڪس وارو معاملو هن ملڪ جي پچر نه ٿو ڇڏي، تهڙي طرح ماڊل ٽائون  وارو سانحو به هن ملڪ جي پچر ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهي. هاڻي جيئن ته جسٽس باقر نقوي جي رپورٽ به پڌري ٿي چڪي آهي، تنهن ڪري سرڪار کي انا جو مسئلو بڻائڻ بدران ان بابت جيڪي جائز مطالبا ٿي رهيا آهن، سي تسليم ڪرڻ گهرجن ۽ گڏوگڏ مخالف ڌر کي به پنهنجو آئيني ڪردار جاري رکندي پنهنجو پاڻ کي آئيني حدن تائين محدود ڪرڻ گهرجي، ڇو ته حدون ادارا اورانگهين يا سياسي جماعتون، ان جا نتيجا بهتر نه نڪرندا.

سومر 11 ڊسمبر 2017ع، 22 ربيع الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

مڪلي سيمينار جي اهميت ۽ ضرورت

ڪنهن به قوم جي پهرئين سڃاڻپ ان جي ٻولي آهي ۽ پوءِ تهذيب آهي. قديم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے