26 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڪورنگي: جست ڪارڪنن پاران سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ احتجاج

ڪورنگي ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪارڪنن سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو. جست جي ڪارڪنن ڪراچي ڊويزن جي صدر ارشاد رانجھاڻي ، جمشيد قريشي ۽  سھيل ٻرڙي جي اڳواڻي چڪرا ڳوٺ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ پرامن قومي ڪارڪنن خلاف آپريشن ڪري بنا سبب کنڀي گم ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته آپريشن جي نالي تي پرامن شهرين کي کنڀي گم ڪرڻ غير امتيازي سلوڪ آهي، جنهن جي هو ڀرپور مذمت ڪن ٿا. احتجاج ڪندڙن انساني حقن جي عالمي ڏينهن تي انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي سنڌ جي مختلف شهرن مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي بازياب ڪرائي کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Jhol

نيوز | جهول: سوئي سدرن گئس ٽيم پاران مختلف علائقن ۾ ڇاپا، غير قانوني گئس ڪنيڪشن ڪاٽا

جهول ۾ سوئي سدرن گئس ٽيم پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي غير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے