17 اربع , جنوري 2018

نيوز: ڇور: ڪائونسلرن پاران ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين خلاف احتجاج

ڇور ٽائون ڪميٽي جي ميمبرن ٽائون چيئرمين جي ڪرپشن خلاف احتجاج ڪيو.  ف ليگ ۽ ارباب گروپ جي ميمبرن فقير الهبچائي، غلام قادر آريسر ۽ ٻين  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽائون ڪميٽي جو 10 مهينن کان اجلاس نه ڪوٺايو ويو آهي، نه ئي شهر ۾ ترقياتي ڪم ٿي رهيا آهن، جنهن سبب عوام ڏکيائن کي منهن ڏئي رهيو آهي. سندن چوڻ هو ته ٽائون نظر محمد آريسر ٽي ايم او جي ملي ڀڳت سان سفيد پوش ماڻهن کي سينيٽري ۽ ٻين خالي جاين تي ڀرتي ڪري پنهجا نواز رهيو آهي، جنهن سبب سڄو شهر گندگي جو ڍير بڻجي ويو آهي. هنن چيو ته ٽائون چيئرمين جي نااهلي سبب گٽرنالن جو گندو پاڻي پيئڻ واري پاڻي جي پائپ لائينن ۾ داخل ٿيڻ سبب عوام غلازت وارو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهي. ڪائونسلرن جو چوڻ هو ته گندو پاڻي واپرائڻ سبب شهري پيٽ، چمڙي ۽ اکين جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، تنهن باوجود به ڪو تدارڪ نٿو ڪيو وڃي. هنن مڪاني کاتي جي اختيارين ۽ نيب کان مطالبو ڪيو آهي ته ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين خلاف جاچ ڪري سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪري عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن 2018-01-16

*ايس ايس پي ملير رائو انوار جي گاڏي تي آپگهاتي حملو *معجزاڻي طور بچي ويو، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے