22 پیر , جنوری 2018

نيوز: ڪستو اڇلائڻ جا دعويدار حڪمرانن ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي: ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي

جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي چيو آهي ته ڪستو اڇلائڻ جي دعويدار موجوده حڪمرانن پنهنجي چئن سالن واري دور ۾ رڪارڊ ڏيهي توڙي پرڏيهي مالياتي ادارن مان ڳري وياج تي قرض کڻي ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي جو چوڻ هو ته صرف هڪ ڏهاڙو ڪرپشن خلاف ملهائڻ سان نه پر هر فورم تي ڪرپٽ قيادت مان نجات ۽ ديانتدار قيادت کي اڳتي آڻڻ کان سواءِ ملڪ جي ترقي ۽ ڪرپشن جو خاتمو نا ممڪن آهي. سندس چوڻ هو ته موجوده ن ليگ حڪومت اقتدار ۾ اچي اها دعويٰ ڪئي هئي ته اهي پنڻ وارو ڪستو ڀڃي ڀوراڪندا ۽ ڪفايت شعاري اختيار ڪري ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهاريندا پر خود حڪومتي اعتراف موجب ته هن حڪومت صرف چئن سالن دوران 4824 ارب رپيا ڏيهي ۽ عالمي مالياتي ادارن مان 35 ارب 99 ڪروڙ 50 لک ڊالر قرض ورتو جيڪو حڪمرانن جي داعوائن جي ابتڙ آهي.  هن جو چوڻ هو ته حڪومتي شاهي خرچن ۽ ڪرپشن سميت ڏيهي توڙي پرڏيهي قرضن سبب ملڪي آزادي ۽ سلامتي به داءُ تي لڳل آهي.  ڪرپشن سميت ملڪ کي موجوده مسئلن کان ڪڍڻ لاءِ عوام کي ايندڙ چونڊن ۾ ڪرپٽ ماڻهن بدران ديانتدار نمائندن جي چونڊ ڪرڻي پوندي جيڪي سنڌ جي خوشحالي ۽ عوامي  دردن جو درمان ڪري سگهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رات ڏهين وڳي وارو نيوز بليٽن 2018-01-21

*نواز شريف عدالتن خلاف تحريڪ هلائي ججن تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي: عمران خان *ايس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے