20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز: گهارو: ڪي ڊي اي واهه ۾ ٺٽي واسي ٺيڪيدار جو لاش هٿ

گهاري ڀرسان ڪي ڊي اي واهه ۾ ٺٽي واسي ٺيڪيدار جو پراسرار نموني لاش هٿ آيو. علائقي واسين لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو ، جنهن واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي بنيادي مرڪز پهچايو. پوليس جو چوڻ آهي ته هٿ لاش جي سڃاڻپ ٺٽي واسي ٺيڪيدار محمد عامر طور ڪئي وئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي جي وارثن 2 ڏينهن اڳ محمد عامر جي گمشدگي جي رپورٽ داخل ڪرائي هئي، جنهن جو اڄ لاش هٿ آيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي جي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته محمد عامر  چار ڏينهن اڳ گهران نڪرڻ بعد واپس نه موٽي آيو، جنهن جي دوستن ۽ رشتيدارن ۾ ڳولها ڪئي پر ڪٿي به ڏس پتو نه مليو . گهاري پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته وڌيڪ چوڻ هو ته واقعي بابت جاچ ڪئي پي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ShareefFamily, BilawalBhuttoZardari, Khipro

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-19

*بلاول ڀٽو زرداري شريف ڪٽنب جي آزادي کي رليف قرار ڏئي ڇڏيو *اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے