20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز: آبادگارن پاران سڀاڻي بلاول هائوس اڳيان ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

سنڌ ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل ۽ فارمرز آرگنائيزيشن ڪائونسل پاران ڪمند جي اگهه تي عمل نه ٿيڻ ۽ شگر ملون نه هلائڻ خلاف بلاول هائوس اڳيان ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو. آبادگار اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت 182 رپيا مڻ ڪمند جي خريداري جو اگهه مقرر ڪرڻ باوجود شگر ملز انتظاميا 130 ۽ 140 رپيا مڻ جي حساب سان خريد ڪرڻ لاءِ هڪ هٽي قائم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب آبادگارن کي ڪروڙين رپيا نقصان پهچڻ جو خدشو آهي. سندن چوڻ هو ته سنڌ حڪومت آبادگارن سان ملاقات ڪري ڪمند جو اگهه طئه ڪيو هو، تنهن باوجود به شگر ملز انتظاميا آبادگارن کي بليڪ ميل ڪري رهي آهي. هنن چيو ته ڪمند جي خريداري نه ٿيڻ سبب هزارين ايڪڙ زمين تي ڪڻڪ جي پوکائي نه ٿي سگهي آهي، جنهن سبب ايندڙ وقت ۾ ڪڻڪ بحران پيدا ٿيڻ جو انديشو آهي. هنن چيو ته سنڌ حڪومت فوري طور سندن مطالبن تي عمل نه ڪيو ته سڀاڻي منجهند جو بلاول هائوس جو گهيراءُ ڪري مطالبن جي مڃتا تائين لاءِ ڌرڻو هنيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ShareefFamily, BilawalBhuttoZardari, Khipro

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-19

*بلاول ڀٽو زرداري شريف ڪٽنب جي آزادي کي رليف قرار ڏئي ڇڏيو *اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے