16 سومر , جولاءِ 2018

عامر کي معافي ملي ٿي سگهي ته پوءِ مون کي ڇو نه؟: محمد آصف

لاهور (اسپورٽس نيوز) اسپاٽ فڪسنگ جي ڏوهه ۾ پابندي کانپوءِ ڪرڪيٽ ۾ واپسي ڪندڙ فاسٽ بالر محمد آصف پي سي بي طرفان سندس ۽ محمد عامر لاءِ ٻٽو معيار  اختيار ڪرڻ تي گلا ڪندي چاهيندڙن کي هڪ ڀيرو ٻيهر معافي جي اپيل ڪئي آهي. صحافين سان ڳالهائيندي محمد آصف جو چوڻ هو ته قائد اعظم ٽرافي دوران فارم ۽ رڌم ٻيهر حاصل ڪئي اٿم، جيڪڏهن موقعو ڏنو وڃي ته قومي ٽيم لاءِ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندس. هن چيو ته مان ڊوميسٽڪ سيزن ۾ پنهنجي ڪارڪردگي مان خوش آهيان، 5 ميچن ۾ 30 وڪيٽون حاصل ڪري فٽنيس ۽ رڌم سان گڏوگڏ پنهنجي ڪارڪردگي به ڏيکاري آهي. محمد آصف پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ تي الزام هڻندي چيو ته بورڊ منهنجي ۽ سلمان بٽ جي ڀيٽ ۾ محمد عامر تي هلڪو هٿ رکيو، عامر کي ٽيم ۾ واپس آندو ويو ۽ اسان کي ناهي آندو ويو، اهو ٻٽو معيار آهي، پاليسي سڀني لاءِ هڪ جهڙي هجڻ گهرجي، ڪرڪيٽ جي شوقينن جهڙي طريقي سان محمد عامر کي معاف ڪيو، کين اپيل ٿو ڪيان ته ان ئي ريت مون کي به معاف ڪري ڇڏين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Zimbabwe's decision to bat first against Zimbabwe's Green Shirts in One-Day match

پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ سيريز جي ٻئين مئچ اڄ بلاوايو ۾ کيڏي پئي وڃي

پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ اڄ پنج هڪ ڏينهن وارين ميچن تي ٻڌل سيريز جي  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے