21 ہفتہ , اپریل 2018

هيملٽن ٽيسٽ جو ٻيو ڏينهن به ڪيويز جي نانءُ، ويسٽ انڊيز ڏکيائين جو شڪار

هيملٽن (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊين ڪرڪيٽ ٽيم نيوزيلينڊ خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ به ڏکيائين جو شڪار آهي ۽ ميزبان ٽيم طرفان پهرين اننگز ۾ 373 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ ويسٽ انڊين ٽيم 215 رنسن تي 8 وڪيٽون وڃائي چڪي آهي. هيملٽن ۾ جاري سيريز جي ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ ٻئي ڏينهن ڪيوي ٽيم پنهنجي رهيل اننگز 7 وڪيٽن جي نقصان تي 286 رنسن کان شروع ڪئي. ان موقعي تي ٽام بلنڊل، ٽم سائوٿي ۽ ٽرينٽ بولٽ بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ٽيم جو مجموعي اسڪور 373 تائين پهچائي ڇڏيو. بلنڊل 28 ۽ سائوٿي 31 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته بولٽ 37 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ موٽيو. ويسٽ انڊيز طرفان شينن گيبريل 4 ۽ ڪيمار روچ 3 وڪيٽو وٺي اڳڀرا رهيا. جواب ۾ ويسٽ انڊين ٽيم جي شروعات سٺي نه رهي ۽ ڪيرن پاول بنا کاتو کولڻ جي پويلين موٽي ويو، جنهن کانپوءِ مهمان ٽيم جون وڪيٽون وقفي وقفي سان ڪرنديون رهيون ۽ ٻئي ڏينهن راند ختم ٿيڻ تائين ويسٽ انڊيز 215 رنسن تي 8 وڪيٽون وڃائي ڇڏيون. ڪپتان ڪريگ بريٿ ويٽ 66 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ هٽمائر 28، شي هوپ 15، روسٽن چيز 12، ايمبرس 2، ڊورچ 35 ۽ ڪيمار روچ 17 رنسون ٺاهيون. ريمن ريفر 22 ۽ ميگوئل ڪمنز 10 رنسون ٺاهي ڪريز ناٽ آئوٽ رهيا. نيوزيلينڊ طرفان ٽم سائوٿي، ٽرينٽ بولٽ، گرينڊ هوم ۽ نيل ويگنر 2-2 وڪيٽون ورتيون. ويسٽ انڊيز کي ڪيويز جي سرسي ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 158 رنسن جي ضرورت آهي. واضح رهي ته پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم ويسٽ انڊيز کي اننگز ۽ 67 رنسن تان شڪست ڏني هئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

يونس خان رهڻ لاءِ ڪمرو نه ملڻ تي احتجاجن اين سي اي ڪوچنگ ڪورس ڇڏي هليو ويو

لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان يونس خان نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ ڪمرو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے