21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

نيوز: سڪرنڊ : مذهبي جماعتن پاران امريڪار خلاف احتجاجي مظاهرو

سڪرنڊ ۾ مذهبي جماعتن آمريڪا پاران بيت المقدس کي اسرائيل جي گاديءَ جو هنڌ ڪرڻ جي حمايت ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.   مذهبي جماعتن جي ڪارڪنن ۽ شهرين مفتي فيض محمد سڪندري جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي چانڊيا پيٽرول پمپ کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي جتي  جلسي جي صورت اختيار ڪيائين. ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي مفتي فيض محمد سڪندري چيو ته امريڪي صدر جي اهڙي بيان کانپوءِ پاڪستان کي آمريڪا سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ گهرجن. هنن چيو ته مسلمان ڪڏھن به پنهنجي قبله اول جي توهين برداشت نه ڪندا ۽ نه ئي ڪنهن کي توهين ڪرڻ ڏيندا. هنن چيو ته امريڪي صدر جي اهڙي اعلان بعد مسلمان ملڪن ۾ هلچل پيدا ٿي وئي آهي، جڏهن ته اقوام متحده به امريڪا خلاف قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي. هنن امريڪا کان مطالبو ڪيو ته فوري طور ٽرمپ پنهنجي ڏنل بيان تي فوري طور معافي گهري ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Sukkur: Protest for freedom of young man

شام چار وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-07-21

*مرضي جا فيصلا ڪرڻ تي چيف جسٽس بڻائڻ جي آڇ ڪئي وئي: شوڪت عزيز صديقي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے