24 منگل , اپریل 2018

نيوز: انساني حقن واري عالمي ڏينهن تي کنڀي گم ڪيلن جي وارثن پاران ريلي ڪڍي وئي

حيدرآباد ۾ انساني حقن واري عالمي ڏينهن تي سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي وارثن پاران ريلي ڪڍي وئي. سماجي ڪارڪنن ۽ کنڀي ڪيلن جي وارثن تنوير آريجو، سليم جروار، نيلم آريجو ۽ اسد گرگيز جي اڳواڻي ۾ اولڊ ڪيمپس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.  ان موقعي تي اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته هن وقت دنيا ۾ انساني حقن جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، پر سندن ماڻهن کي کنڀي گم ڪئي ڪيترائي مهينا گذري ويا آهن، پر انهن کي بنا ڪنهن ڏوهه جي قيد ۾ رکيو ويو آهي.  هنن انساني حقن واري عالمي ڏينهن تي انساني حقن جي تنظيمن، اقوام متحده ۽ ٻين ادارن کان مطالبو ڪيو ته جبري گم ڪيل سمورن قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: لاکاروڊ : روڊ رستا تباهه هجڻ ڪري رهواسين کي تڪليف، ڪاروبار تباهه

بک، بدحالي، بيروزگاري، پاڻي کوٽ ۽ ڌاري آبادڪاري سميت ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے