19 جمعہ , جنوری 2018

نيوز: حيدرآباد: دولتپور واسڻ پٽ کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

حيدرآباد ۾ دولتپور واسڻ پٽ کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو. ڳوٺ علي آباد ڪالوني جي رهواسڻ مسمات صغران پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته سندس پٽ کي هڪ مهينو اڳ پوليس اهلڪارن کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي. هن جو چوڻ هو ته پٽ جي بازيابي لاءِ پوليس سان رابطو ڪيو، جنهن گرفتاري کان لاتعلقي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته سندس پٽ فرحان عرف سني ڪنهن به ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث ناهي نه ئي ڪنهن سياسي پارٽي سان واسطو آهي. متاثر عورت جو چوڻ هو ته چونڊيل نمائيندن ۽ پوليس عملدارن کي پٽ جي بازيابي لاءِ شڪايت ڪئي آهي، پر ڪو به تدارڪ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. احتجاج ڪندڙ پيرسن عورت اعليٰ اختيارن کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي پٽ کي بازياب ڪرائي کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي،  هن چتاءُ ڏيندي چيو ته پٽ کي فوري طور بازياب نه ڪرايو ويو ته هو مرڻ گهڙي تائين احتجاج ڪندي رهندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز:نقيب الله قتل ڪيس: ايس ايس پي رائو انوار جاچ ڪميٽي اڳيان پيش

ايس ايس پي ملير رائو انوار مبينا پوليس مقابلي ۾ ماريل نوجوان نقيب الله محسود …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے