26 جمعرات , اپریل 2018

نيوز: سکر: ڳوٺاڻن سالن کان بند پيل ڊسپينسري ۾ عملو مقرر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

سکر ۾ ڳوٺ سعيد آباد جي رهواسين صحت جون سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو. ڳوٺاڻن اڪبر لاشاري، عبدالله کونهاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري صحت کاتي خلاف نعريبازي ڪئي. احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سندن ڳوٺ ۾ ڪيتري ئي عرصي کان ڊسپينسري قائم ٿيل آهي پر انتظاميا جي بي ڌياني سبب ڊاڪٽر ۽ ٻيو عمل مقرر نٿو ڪيو وڃي. سندن چوڻ هو ته ڊسپينسري ۾ عملي جي مقرري نه ٿيڻ سبب ڳوٺاڻ 20 ڪلوميٽر پري مختلف اسپتالن ۾ بيمار مريضن جو علاج ڪرائڻ تي مجبور آهن. سندن چوڻ هو ته ڊسپينسري جي عمارت ڪيترن ئي سالن کان تعمير ٿيل آهي، صحت کاتي پاران عمل نه مقرر ڪرڻ سبب هو زبون حالي جو شڪار ٿي رهي آهي. ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته هنن ڪيترائي ڀيرا چونڊيل نمائيندن ۽ صحت کاتي جي اختيارين کي شڪايت ڪئي آهي، پر ڪو به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي. احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي فوري طور عملو مقرر ڪري ڳوٺاڻن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز : اسان اقتدار جا بکيا ناهيون، ڌارين کي هو ۽ عوام رد ڪندو: سينيٽر ياسمين شاهه

پ پ سينيٽر ياسمين شاهه چيو آهي ته هو اقتدار جا بکيا ناهن، ڌارين کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے