18 جمعرات , جنوری 2018

نيوز: حيدرآباد: شهيد ڀٽو پاران امريڪي صدر ٽرمپ جي اعلان خلاف احتجاج

حيدرآباد ۾پ پ  شهيد ڀٽو سنڌ جي سڏ امريڪي صدر ٽرمپ جي علان خلاف احتجاج ڪيو. ڪارڪنن محمد يوسف سولنگي، ستارڀٽي، ۽ ٻين جي اڳواڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري امريڪا خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته آمريڪي صدر ٽرمپ پاران يروشلم کي اسرائيل جي گادي وارو هنڌ مڃڻ فلسطينين سان هڪ وڏي ذيادتي آهي ،جنهن عمل خلاف هو فلسطينين سان گڏ آهن هنن جو چوڻ هو ته  طاقتور اسرائيلي فلسطنين کان پنهنجي ڌرتي کسي دربدر ڪڻ جي سازش ڪري رهيا آهن.  هنن وزيراعظم  شاهد خاقان عباسي ۽ عالمي طاقتن کان گهر ڪئي ته آمريڪا تي دٻاءُ وجهي بنا دير جي ٽرمپ جو فيصلو واپس وٺرائي فلسطينين کي حق ڏياريو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بريڪنگ نيوز : کارادر ۾ دستي بم حملو، هڪ ڄڻو فوت، پنج ڄڻا زخمي

کارادر ۾ دستي بم حملو، هڪ ڄڻو فوت، پنج ڄڻا زخمي دستي بم حملي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے