21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

نيوز: پکو: ھيومن رائٽس کاتي لاڙڪاڻي طرفان جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي

پکو شھر ۾ انساني حقن کي اجاگر ڪرڻ ۽ حقن جي حاصلات لاءِ  ھيومن رائٽس کاتي لاڙڪاڻي طرفان جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي. هيومين رائيٽس جي ضلعي آفيسر امداد حسين، اسسٽنٽ رئيس احمد ۽  ليگل ڪوآرڊينيٽرز غلام مصطفي’  جي اڳواڻي ۾ جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ شھرين سان گڏ سياسي سماجي ڌرين جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي . ريلي کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته 10 ڊسمبر انساني حقن جو عالمي  ڏينھن آھي ۽  ريلي ڪڍڻ جو مقصد انساني حقن جي حاصلات کي اجاگر ڪرڻ آھي.  سندن چوڻ هو ته ھيومن رائٽس سنڌ کاتو انسانن کي درپيش مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪردار ادار ادا ڪري رهيو آهي. هنن جو چوڻ هو ته سنڌ جا ڪيترائي ڏورانھان علائقا آھن جتي انسان کي حقن جي ڪا به خبر ناھي پر ھيومن رائيٽس ادارو واحد ادارو آهي جنھن عام ماڻهن کي به پنھنجي حقن بابت واقفڪار ڪيو آھي. سندن چوڻ هوته پُر امن ريلي جو مقصد اٻوجھه ۽ بي پھچ ماڻھن کي پاڻ ڀرو ڪري حق حاصل ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪرڻ آھي ۽ انھن ۾ شعور آڻي پنھنجا جائز حق تعليم , طبي , قانوني ۽ مالي امداد حاصل ڪرڻ جو بھترين طريقار ڪار ٻڌائڻ آھي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Sukkur: Protest for freedom of young man

شام چار وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-07-21

*مرضي جا فيصلا ڪرڻ تي چيف جسٽس بڻائڻ جي آڇ ڪئي وئي: شوڪت عزيز صديقي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے