18 جمعرات , جنوری 2018

نيوز: ملڪ ۾ ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻ واري ڪا به پارٽي ناهي: آصف زرداري

اڳوڻي صدر آصف علي زرداي چيو آهي ته ملڪ ۾ موجوده صورتحال جو ذميوار نواز شريف آهي. ڪنري ۾ نواب يوسف ٽالپر جي دعوت تي تقريب کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته ملڪ هن وقت مختلف مسئلن جي گهيري ۾ آهي. سندس چوڻ هو ته سي پيڪ منصوبي جا دعويدار 60 سال ڪٿي هئا جيڪي هاڻي سي پيڪ منصوبي تي ڪم ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪري رهيا آهن. آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته ميان صاحب ۽ جعلي خان جي وس جي ڳالهه آهي، جنهن سبب ملڪ جي معشيت تباهه ٿي رهي آهي. هن چيو ته هنن جڏهن حڪومت سنڀالي هئي تڏهن ملڪ جو ڏيوالو نڪتل هو، ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ جو وڏو بحران هو جنهن کي حل ڪري عوام کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون. اڳوڻي صدر زرداري جو چوڻ هو ته عوام جي مدد سان نواز ليگ جو تختو اونڌو ڪري ٻيهر حڪومت ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته جعلي خان تبديلي جي نالي تي عوام کي بيوقوف نٿو بڻائي سگهي، هاڻي عوام سجاڳ ٿي ويو آهي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ ڪي پي ۾ شڪست ڏئي پيپلزپارٽي کي ڪامياب ڪندو. هن چيو ته پيپلزپارٽي عوامي طاقت تي يقين رکي ٿي، جنهن ڪري ملڪ جي چئني صوبن جو عوام پيپلزپارٽي سان هر ڏکي گهڙي ۾ به بيٺل رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز: مومل جي ماڙي: جهوني ڪارڪنن ڪامريڊ ولي محمد ڪلادي کي پ پ قيادت وساري ڇڏيو

مومل جي ماڙي جو رهواسي ڪامريڊ ولي محمد ڪلادي پيپلز پارٽي  کي 60 سال ارپي  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے