ميهڙ پوليس ڳوٺ عاليواهه تي چڙهائي ڪري 20 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو. ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو جي اڳواڻي ۾ فريدآباد ، ميهڙ ،شاهه گودڙيو،ٿرڙي محبت، سميت 5 کان وڌيڪ ٿاڻن جي پوليس ميهڙ ڀرسان ڳوٺ عاليوال تي صبح جو سوير ڪاهه ڪئي. پوليس ڳوٺ تي ڪاهه ڪري عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪرڻ کان پوءِ 20 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪري کڻي وئي. ڳوٺاڻن نبي جڙيو چانڊيو ، امتياز چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پ پ جا جهنڊا کڻي ڌرڻو هنيو. هنن پ پ جي صوبائي وزير فياض علي ٻٽ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ معاملي جو نوٽيس وٺي گرفتار ڪيل ماڻهن کي آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي. ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي تھ ڳوٺ ۾ٻن ڌرين برڪت چانڊيو ۽ ستار چانڊيو ۾ سڱاوتي تان جهيڙو هلندڙ هيو، جنهن تان پوليس هڪ ڌر جي ونگار وهندي ڪاروائي ڪئي آهي.
هي به ڏسي سگهو ٿا
نيوز : اڳڙا: بااثر پاران ڪيس تان هٿ نه کڻڻ تي پيرسن جو ڪارو منهن ڪري تذليل
اڳڙا ڀرسان بااثر وڏيري ڪيس تان هٿ نه کڻڻ تي پيرسن کي ڪارو منهن ڪري …