21 ہفتہ , اپریل 2018

نيوز: گهارو: مسافر وين ڪلٽي ، هڪ ڄڻو فوت ، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 8 ڄڻا زخمي

گهارو ڀرسان مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، جڏهن تھ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.  سلطان آباد بس اسٽاپ قومي شاهراھ تي ٺٽوکان ڪراچي ويندڙ مسافر وين تيز رفتاريءَ سبب ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ محمد صديق جت ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن تھ ٽن عورتن، ھڪ ٻارڙيءَ سميت  8 مسافر سخت زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ رمضان بنگالي، اشوڪ ڪمار، عبدالحميد، محمدمراد، ارشاد بيبي، راشده، افروز بيبي شامل آهن.  اطلاع تي پوليس پهچي زخمين کي کنائي اسپتال پهچايو، پنجن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب ڪراچي منتقل ڪو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

منجهند هڪ وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-04-21

*وزيراعظم ڪراچيءَ ۾ بجليءَ جي اڻ اعلانيل ۽ ڊگهي لوڊشيڊنگ جو نوٽيس  ورتو *ملير جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے