22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

فاٽا کي ڪي پي ۾ ضم ڪرڻ لاءِ جماعت اسلامي جو باب خيبر تي ڌرڻو

پشاور( ويب ڊيسڪ ) باب خيبر تي جماعت اسلامي فاٽا کي ڪي پي ۾ ضم ڪرڻ لاءِ ڌرڻو هڻندي اسلام آباد تائين لانگ مارچ جو اعلان به ڪيو آهي. باب خيبر جمرود تي جماعت اسلامي فاٽا کي ڪي پي ۾ ضم ڪرڻ ۽ سڌارن لاءِ ڌرڻو هنيو آهي. ڌرڻي ۾ جماعت اسلامي جي ڪارڪنن جو وڏو انگ شريڪ آهي ۽ اڳواڻن باب خيبر کان اسلام آباد تائين ٽن ڏينهن جي لانگ مارچ جو اعلان به ڪيو آهي. جماعت اسلامي ڪي پي جي امير مشتاق احمد ۽ فاٽا جي امير سردار خان به ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي آهي. جماعت اسلامي اڳواڻ امير مشتاق احمد خان چيو ته فاٽا کي ڪي پي ۾ ضم ڪرڻ ۾ دير برداشت جوڳي ناهي، سڀاڻي پشاور مان وڏو قافلو ٽيڪسلا تائين ويندو، جڏهن ته پارليامينٽ هائوس سامهون ڌرڻي جي آخري ڏينهن سراج الحق خطاب ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ اسلام آباد ۾ عورت عملي کي هيسائڻ جو انڪشاف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ انتظامي آفيسرن طرفان عورت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے