17 بدھ , جنوری 2018

اسلام آباد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد ۾ ٻن گروپن ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا. سيڪريٽريٽ ٿاڻي جي علائقي ۾ ٻن گروپن ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا. پوليس موجب ٻنين ۾ ٻڪريون چارڻ تان جهيڙو ٿيو جنهن دوران ٻنهي گروپن هڪ ٻي تي فائرنگ شروع ڪري ڏني. مارجي ويل ماڻهن جي لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب فائرنگ ڪندڙ هڪ جوابدار ذيشان کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، مارجي ويلن ۾ زال مڙس به شامل آهي. عالم خان ۽ سندس گهر واري جا لاش گاڏي مان مليا، سندن تعلق وزيرستان سان آهي. مخالف پارٽي جي مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ مسڪين خان جي نالي سان ٿي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماڊل ٽائون سانحي پويان شريف ڀائرن جو هٿ آهي، راڻا ثناءُ الله ته صورت مان ئي قاتل لڳندو آهي: عمران خان

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته قصور ۾ ڪجهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے