18 جمعرات , جنوری 2018

لڳي نه ٿو ته حڪومت نئين سال جو سج ڏسي سگهندي: فواد چوڌري

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته لڳي نه ٿو ته حڪومت نئين سال جو سج ڏسي سگهندي، جڏهن ته چونڊن ۾ دير جو جواز آهي ۽ نه وري ايئن سوچڻ گهرجي. هڪ بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته آدمشماري جو قانون سينيٽ ۾ پيش ٿيڻ وڃي رهيو آهي، اهو قانون منظور ٿي يا نه ٿي، آرٽيڪل 224 بلڪل واضح آهي، جنهن تحت حڪومت جي وڃڻ کانپوءِ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ ضروري آهن. هن چيو ته لڳي نه ٿو ته حڪومت نئين سال جو سج ڏسي سگهندي، چونڊن ۾ دير جو جواز آهي ۽ نه وري ايئن سوچڻ گهرجي. فواد چوڌري چيو ته آدمشماري جا نتيجا جاري ٿيڻ تائين انهن جي ڪابه آئيني حيثيت ناهي، موجوده صورتحال ۾ آئين جي آرٽيڪلز 224 ۽ 51 سان ٽڪراءَ ۾ ناهي، جڏهن ته شهباز شريف ۽ راڻا ثناءَ الله جي استعيفائن تي ڊآڪٽر طاهر القادري سان گڏ آهن. هن چيو ته طاهر القادري جي تحريڪ کي تحريڪ انصاف جي مڪمل حمايت حاصل هوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي اسيمبليءَ ۾ عمران خان ۽ شيخ رشيد خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبليءَ ۾ عمران خان ۽ شيخ رشيد خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے