21 ہفتہ , اپریل 2018

مسلم ليگ ن 30 مارچ کان اڳ اقتدار کان ٻاهر هوندي: شيخ رشيد

لاهور( ويب ڊيسڪ ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته ظلم پنهنجي انجام تي پهچڻ وارو آهي، 30 مارچ کان اڳ مسلم ليگ ن وارا اقتدار کان ٻاهر هوندا. لاهور ۾ ڊاڪٽر طاهر القادري سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد احمد چيو ته ڊاڪٽر طاهر القادري آخرڪار يزيديت خلاف خلاف اڌ جنگ کٽي ورتي آهي، عوامي مسلم ليگ ساڻس گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته ظلم پنهنجي انجام تي پهچڻ وارو آهي.  سندس چوڻ هو ته سڀاڻي کان شريف خاندان خلاف اهم ڪيس شروع ٿيڻ وارا آهن، شرافت، قانون ۽ آئين تحت سندن بچڻ جو ڪو به رستو ناهي. شيخ رشيد چيو ته پاڪستان ۾ ظالمن، چورن، ڦورن ۽ شريف خاندان جي سياست هميشه لاءِ ختم ٿيندي. هن چيو ته ماڊل ٽائون ۾ حڪمرانن قتل عام ڪيو، منهنجي تڪ ۾ هنن 6 ماڻهو ماريا ۽ 14 کي زخمي ڪيو، آمريڪا ۽ يورپي يونين کي خوش ڪرڻ لاءِ ختم نبوت قانون ۾ ترميم جي ڪوشش ڪئي وئي. شيخ رشيد احمد چيو ته ماڊل ٽائون تي نواز شريف کانسواءِ سموريون پارٽيون گڏ آهن ڇو ته هي معاملا سياست کان هٽي ڪري آهن، سموريون پارٽيون ڊاڪٽر طاهر القادري جو ساٿ ڇڏين پوءِ به طانيا جي ڪابه طاقت شريف خاندان کي پنهنجي انجام تي پهچڻ کان بچائي نه سگهندي ڇو ته هي هاڻي الله جي پڪڙ ۾ اچي چڪا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بجلي بحران: وڏي وزير مراد علي شاهه وزير اعظم کي ٽيون خط لکي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ بجلي جي بدترين بحران ۽ لوڊشيڊنگ جي عذاب کي ختم ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے