16 خميس , آگسٽ 2018

بنگالين ۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ نا منظور، ڌاريا بار آهن، ڊيموگرافي ۾ تبديلي برداشت نه ڪنداسين:سنڌ ايڪشن ڪميٽي

ڪراچي/ حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ايس يو پي، ايس ٽي پي، قومي عوامي تحريڪ، جسقم، جسم، جيئي سنڌ تحريڪ، اي جي پي، جسقپ ۽ ٻين قومپرست پارٽين ڌارين کي قومي سڃاڻپ ڪارڊٺاهي ڏيڻ لاءِ امڪاني قانون سازي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾احتجاجي مظاهرا ڪري بک هڙتال ڪئي. رپورٽن موجب ڪراچيءَ ۾سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سربراھ جلال محمود شاھ جي اڳواڻي ۾ علامتي بُک هڙتال ڪئي وئي. جنهن ۾ ايس ٽي پي، جسقم، جسقم (آ)، عوامي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ، اي جي پي، جسم (ر)، جسم، جسقپ، جست ۽ جيئي سنڌ لبرل فرنٽ جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن توڙي دانشورن، ليکڪن، صحافين، اديبن ۽ سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. علامتي بک هڙتال تي ويٺل سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سربراھ جلال محمود شاھ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ هڪ تاريخي وحدت جي حيثيت سان پاڪستان جي وفاق ۾ شامل ٿي هئي ۽ ان ئي وفاق جي اندر سنڌ کي پنهنجي ڊيموگرافي جي تحفظ جو مڪمل حق حاصل آهي. هن چيو ته اسان سنڌ ۾ ڪنهن به ڌاري کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون. هن چيو ته پرامن احتجاج وسيلي سنڌ توڙي وفاقي حڪمرانن کي پيغام ڏيون ٿا ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت سنڌ ۾ رهندڙ 35 لک کان مٿي پرڏيهين کي رجسٽرڊ ڪري پنهنجي ڏيھه موڪليو وڃي. هن چيو ته ڌاريا سنڌ جي وسيلن تي بار آهن ۽ امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ جا به ذميوار آهن.هن چيو ته سنڌ جي شعور وندن سان گڏجي پرامن احتجاج ڪري ڌارين کي نيڪالي ڏيارڻ لاءِ تحريڪ هلائي ويندي. هن چيو ته سنڌ جون قومپرست ڌريون رڳو ڌارين جي نيڪالي واري هڪڙي نقطي تي گڏ آهن. علامتي بُک هڙتال ۾ اي جي پي جي امان الله شيخ، حريف چانڊيي، ايس ٽي پي جي گلزار سومري، ايس يو پي جي اعجاز سامٽيي، جسقم جي الاهي بخش بڪڪ، جسقم (آ) جي مسعود کوکر، شاعر ۽ قومي راڳي بيدل مسرور، سماجي اڳواڻ احمد سومري ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.هوڏانهن ملير ۾ پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. انهي موقعي تي جسم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري علي نواز ٻٽ، انڊيجينيس رائيٽس الائينس جي مرڪزي اڳواڻ خدا ڏني شاھ، ايس ٽي پي جي خيرمحمد مگسي، اي جي پي جي اياز چانڊيي، جسقم(آريسر) جي جمن حمائتي، اصغرباغي، حميد مگسي، صدرالدين پنهور، ڪامران مري، مشتاق لغاري، ميان داد حمائتي، قمرالدين سومري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ٻي پاسي ٺٽي ۾ پريس ڪلب سامهون قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ڊاڪٽر گلزار جماڻي، اشرف پليجو، آزاد سنڌي، ايس ٽي پي ضلعي صدر ناٿو بروهي، ستار ميرانخور، عوامي تحريڪ ضلعي صدر بلاول لاشاري، گهنور زنئور، امان الله بروهي، شاھ عنايت ادبي فورم جي اوڀايو خشڪ، وحيد راهوجو، راجو قريشي، جميل سمون ۽ ٻيا بک هڙتال تي ويٺا.حيدرآباد ۾قوم پرست جماعتن جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر حميد ميمڻ چيو ته 1980ع جي آدمشماري تحت سنڌين جي آبادي 80 سيڪڙو هئي، جڏهن ته هڪ سازش تحت تازو ٿيل آدمشماري ۾ سنڌين جي آبادي 52 سيڪڙو ڏيکاري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي.ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ روشن ٻرڙي چيو ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم گڏجي سنڌ ۾ رهندڙ ڌارين کي شهريت ڏيڻ لاءِ قانون سازي ڪرڻ طرف وڃي رهيا آهن. هن چيو ته سپريم ڪورٽ چئي چڪي آهي ته سنڌ ۾ 35 لک غيرملڪي آباد آهن جنهن مان 30 لک افغاني آهن، جنهن سبب امن قائم نه ٿو ٿي سگهي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر عزيز ٽالپر چيو ته هاڻ سنڌين کان سنڌ کسڻ لاءِ ڌارين کي قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن، اهڙي عمل کي ڪنهن صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو.هوڏانهن ٽنڊي محمد خان ۾ جسقم (آريسر) جي مرڪزي چيئرمين ڊاڪٽر مير عالم مري، جست جي مرڪزي اڳواڻ عبدالخالق خاصخيلي، ايس يو پي جي ضلعي صدر شاهد نور ميمڻ، ايس ٽي پي جي ضلعي صدر اقبال حاجاڻي، جسقم (ب) جي جاويد هاليپوٽي جي اڳواڻيءَ ۾ سوين ڪارڪنن ميونسپل ڪاميٽي سامهون شاميانو لڳائي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر مير عالم مري چيو ته سنڌ عالمي طاقتن جي نشاني تي آهي، سنڌ جي قوم پرست جماعتن کي سائنسي بنيادن تي سندن مقابلو ڪرڻو پوندو . هن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ ڌارين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ وارو سلسلو فوري طور بند ڪيو وڃي ۽ ڌارين کي پنهنجي ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي.ٽنڊي الهيار ۾عبدالله مڱڻهار، افضل جسڪاڻي، هاشم بلوچ، باغي حبيب الله ڪالرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال ڪئي وئي.ڪوٽڙيءَ ۾ المدينه چوڪ تي جست جي وقتي صدر  عبدالفتاح چني، جسقم جي ديدار شام، ايس ٽي پي جي گوتم چني، شبير مگسي، ايس يو پي جي ممتاز ڳورڙ، دريا خان لغاري، جسقم (آ) جي شمشاد ميڻي، قومي عوامي تحريڪ جي مقصود جهتيال، شبير ساند، پروفيسر آدم ٻٽ، اي جي پي جي اعجازسومري، ڄام شورو شهري ايڪشن ڪاميٽي جي ساگر عالماڻي، اديب شاعر هاشم شوري سميت سياسي،سماجي توڙي مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن بک هڙتال ڪئي.هالا پريس ڪلب اڳيان ايس يو پي جي غلام مصطفى رند، انور ٻرڙي، محمد رحيم ميمڻ، ايس ٽي پي جي قربان ارباب، عبدالفتاح ڳاهوٺي، جانب ڪيريو، غلام حيدر نظاماڻي،  جسقم جي عبدالرشيد ڏيٿي سميت وڏي انگ ۾ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد بک هڙتال ڪئي. سکر  ۾جسم چيئرمين رياض چانڊيي، عزيز الله ڀٽو، عيدن جتوئي، نسيم شاهاڻي ۽ اسدالله سومري جي اڳواڻيءَ ۾سوين ڪارڪنن پريس ڪلب اڏو احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. جنهن ۾ ايس ٽي پي، ايس يو پي، اي جي پي، جسقم(آ) ۽ ٻين پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي رياض چانڊيي چيو ته سنڌ سان تعصب رکندڙ حڪمرانن ۽ ملڪي ادارن پنجاب ۾ افغانين، بنگالين، برمين سميت ڪنهن به مهاجر کي برداشت ناهي ڪيو پر سنڌ سان هڪ سازش تحت وڏن شهرن ۾ آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ۽ سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ لاءِ منصوبا بندي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ته سازش تحت پ پ سرڪار ملڪ رياض کي بحريا ٽائون لاءِ ڪراچيءَ کان ڄام شوري تائين قيمتي زمينون ڏنيون آهن، جنهن کي سنڌ جا ماڻهو ڪڏهن به برداشت نه ڪندا. ميرپورماٿيلي ۾ڀٽائي چوڪ تي حاتن شر، خالد لاکي، مصطفي نائچ، اڪرم ميتلي، نذير شيخ، لال شاهه جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال ڪئي وئي. خيرپور ۾ڪورٽ روڊ تي ڪئمپ قائم ڪري جسقم امجد مهيسر، ايوب لاشاري، شير احمد لنڊ، فياض خميساڻي، خرم مهيسر، غلام حيدر ٻرڙي جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال ڪئي وئي.موري ۾جسقم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڪيھر انصاري ، اڪرم چانڊيي، امين ڪلھوڙي، ياسين ملاح، جگديش ڪمار، امتياز کوسي، ايس يو پي جي اسلم ڪوريجو، غلام حسين جويو، ياسين سومري، ايس ٽي پي جي عبدالحميد پنھور، ميان داد لنڊ، اشرف رستماڻي، غفور لاکي، جسقم (آ) جي ڀيرو مل ۽ اشرف لغاريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاھرو ڪرڻ بعد بک ھڙتال ڪئي وئي.نواب شاهه پريس ڪلب ٻاهران ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ زين شاهه، جسقم ضلعي صدر علي رضا خاصخيلي، ايس ٽي پي جي ڊويزنل اڳواڻ اطهر شاهه، نثار ڪيريو، قومي عوامي تحريڪ جي ابراهيم بگٽي ۽ جسقم (آ) جي سرمد ميراڻي جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن ڌرڻو هڻي علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي زين شاهه چيو ته 1954ع کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪي به ڌاريا آيا آهن، انهن کي ٻاهر ڪڍيو وڃي ڇاڪاڻ ته ڌارين جي غير قانوني آبادڪاري سان سنڌ جي اصلوڪن وارثن جا حق غصب ٿين ٿا ۽ نوڪرين، ڪاروبار جي ذريعن ۾سنڌي ماڻهن کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو.هن چيو ته تازو برمين، بنگالين ۽ افغانين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ واري حڪومتي اعلان جي اسان مذمت ڪيون ٿا.ٻي طرف لاڙڪاڻي ۾جناح باغ چوڪ وٽ جسقم جي اطهر سومري، ايس يو پي جي روشن ڪلهوڙي، جڳديش آهوجا، جسم جي سراج ڪلهوڙي، محمد علي ابڙي، جسم (ر) جي ذوالفقار بليدي، جست جي اسد جروار ۽ قومي عوامي تحريڪ جي شبير جتوئي جي اڳواڻيءَ ۾احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. جڏهن ته قمبر، جيڪب آباد، تنگواڻي،  دادو، ميهڙ،  ڪي اين شاهه، جوهي، ڀان سيد آباد، سيوهڻ ،مٺي، عمرڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاج ڪيو ويو.05

هي به ڏسي سگهو ٿا

Nawabshah: The beauty of Mohammad Ismaili entered the Bad, PMO hospital

مخالف ڌر نوان طريقا اختيار ڪندي ته اسان به تيار آهيون: مراد شاهه

ڪراچي:  سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ بعد ايوان ۾ ڳالهائيندي نامزد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے