21 اتوار , جنوری 2018

ملير ۾ ناري جي قتل ڪيس جو ڊراپ سين، ڀيڻ ئي قاتل نڪتي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ جي علائقي ملير سعود آباد ۾ ڌاڙي دوران مزاحمت تي ناري جي قتل جو ڊراپ سين ٿي ويو آهي، ڀيڻ ئي قاتل نڪتي، پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو. ايس ايس پي ڪورنگي نعمان صديقي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته 3 ڏينهن اڳ پنهنجي ئي ڀيڻ علوينا کي پنهنجي گهر ۾ دوستن سان گڏ ڏسي ورتو هو جنهن تي ٻنهي ۾ جهيڙو ٿيو ته علينا ڪاوڙ ۾ اچي وئي ۽ قتل لاءِ جوابدارن کي گهر مان ڇري فراهم ڪئي. هن ٻڌايو ته ٻنهي ناري کي قتل ڪيو ۽ ڀڄي ويا. سندس چوڻ هو ته علوينا قتل جي واقعي کي ڌاڙي جو رنگ ڏيڻ لاءِ ڇري ذريعي پنهنجي جسم تي زخم هنيا. ايس ايس پي ٻڌايو ته پوليس کي بيان ۾ هزارين رپين جي ماليت جي سون، روڪ ۽ موبائيل فون چوري ٿيڻ جو ذڪر ڪيو ويو. نعمان صديقي ٻڌايو ته جاچ دوران جوابدار عورت ڀيڻ کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪندي ٻڌايو ته قتل لاءِ جوابدارن کي ڇري گهران ئي فراهم ڪئي، ٻئي گهر جي پوئين در کان گهر ۾ داخل ٿيا ۽ واردات کانپوءِ ساڳي رستي ڀڄي ويا. هن چيو ته علينا علوينا جي وڊيو ٺاهي پر ڊليٽ نه ڪئي. سندس چوڻ هو ته والدين ٻارڙن کي سمارٽ فون ڏين ٿا پر خطرن کان آگاهه نه ٿا ڪن. ايس ايس پي جو چوڻ هو ته جوابدار مظر وٽان قتل جي واقعي بابت شاهديون مليون آهن. علوينا ميڊيا کي ٻڌايو ته احسن نالي شخص جي ڪري سندس ڀيڻ سان اختلاف هئا، ڪافي سمجهائڻ باوجود هوءَ نه سمجهي ته کيس پنهنجي مڱيندي جي مدد سان کيس ذبح ڪيو. هن چيو ته احسن نالي شخص وٽ خراب تصويرون ۽ وڊيوز هئا جنهن ڪري علينا ۽ هو کيس بليڪ ميل ڪندا هئا. سندس چوڻ هو ته قتل واري ڏينهن سندس مڱيندو گهر آيو ۽ علينا کي گهڻو سمجهايو ته وڊيو ۽ تصويرون ڊليٽ ڪري پر هن ايئن نه ڪيو جنهن ڪري کيس قتل ڪيو ويو. علينا چيو ته هن مڱيندي کي چيو ته گهر مان پئسا ۽ زيور پاڻ سان گڏ کڻي وڃي ته جيئن ڪنهن کي شڪ نه ٿي ۽ پوءِ ايئن ئي ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نقيب الله محسود کي مقابلي ۾ ماريندڙ سموري پوليس پارٽي معطل

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ جي علائقي شاهه لطيف ٽائون ۾ شڪي مقابلو ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے