20 خميس , سيپٽمبر 2018

انساني حقن جي عالمي پڌرنامي جو تاريخي پس منظر

معصوم سنڌي

سماج ۾ هر انسان جا ڪُجهه حق ۽ ڪُجهه آزاديون هُجن ٿيون، جيڪي کيس ڄائي ڄم کان ملن ٿيون. ان حوالي سان هر مُلڪ جي آئين ۾، اُتان جي رهواسين کي ڪجهه بنيادي حق حاصل آهن، جن ۾ انسان جا اهڙا فطري حق به شامل آهن، جيڪي ان کان ڪڏهن به قانون يا دستور ذريعي کسي نه ٿا سگهجن. اهي حق سڀ کان پهريائين فرانسيسي انقلاب کان پوءِ جوڙيل (French Declaration Of Rights 1789) ۾ شامل ڪيا ويا. جنهن مطابق برابري، آزادي، ملڪيت، سلامتي، جان جي حفاظت ۽ ڏاڍائيءَ کي روڪڻ جي حقن کي انسان جا “بنيادي حق” قرار ڏنو ويو. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ ٿيل انساني حقن جي لتاڙ کي نظر ۾ رکندي، اقوام متحده 10 ڊسمبر 1948ع ۾ “انساني حقن وارو عالمي پڌرنامو” پيش ڪيو، جنهن ۾ انساني حقن جو ذڪر تفصيل سان ٿيل آهي.

انساني حقن جو عالمي پڌرنامو پئرس جي گاديءَ جي هنڌ يعني فرانس ۾گڏيل قومن جي اداري جي 56 رياستن ان مسودي کي 10 ڊسمبر 1948 تي تسليم ڪيو ويو، پڌرنامي لاءِ ووٽ متفقه طور تي ڏنو ويو هو پر، پر اٺ قومن ان چونڊ کان پاسو پئي ڪيو، (گڏيل سويت سوشلسٽ روس، گڏيل سوويت سوشلسٽ يوڪرين، گڏيل سويت بيلارس، چيڪو سلوويڪيا، يوگوسلويا، پولينڊ، ڏکڻ آفريڪا ۽ سعودي عرب). پاڪستان 9 ٻين مسلم رياستن سان گڏجي انساني حقن جي عالمي پڌرنامي لاءِ پڻ ووٽ ڪيو هو ۽ شائسته اڪرام الله انساني حقن ۽ عالمي پڌرنامي جي حوالي سان حامي ڀرينديندي زور ڏئي چيو ته “ ان ڳالهه جي اشد ضرورت هئي ته دنيا جا ماڻهو وري هڪ جياپي جي اهڙي فضيلت ڀرئي رويي کي هٿي ڏين، جيڪو نه رڳو عالمگير تعلقات جي حوالي سان لاڳو ٿئي پر، اندروني مامرن لاءِ به ساڳيو هجي”

عالمگير پڌرنامي جي لکندڙن جي خيال مطابق ، پئرس شهر جي چونڊ انڪري ڪئي وئي ته جئين فرانس کي ڀيٽا ڏئي سگهجي، ڇو ته اها ڌرتي “ماڻهوءَ کي حق ڏيڻ واري ڌرتي” آهي، ان جو مضبوط حوالو “ماڻهوءَ ۽ شهرين جي حوالي سان فرانسيسي پڌرنامو ” آهي. جنهن کي The French Declaration on the Rights of Man and Citizen 1789 جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. اهو پڌرنامو ، فرانسيسي انقلاب جو نتيجو هيو، جنهن ۾ ماڻهن وڏريڪي خيالن خلاف انساني بغاوت ڪئي هئي. ايلنور روزويلٽ، جيڪا ان وقت جي اقوام متحده جي انسان حقن جي ڪميشن جي چيئرپرسن هئي، هاڻي اها ڪميشن 2006 کان انساني حقن جي ڪائونسل (Human Rights Council) سڏجي ٿي، جنهن ڪميشن اهو پڌرنامو لکيو، ان پڌرنامي کي انهن سمورن دستاويزن سان ڀيٽيو ويو، جيڪي خاص طور فرد جي حقن تي زور ڏين ٿا، جهڙوڪ Magna Carta (1215) ، حقن جو انگريزي بل (The English Bill of Human Rights 1689) ، ماڻهوءَ ۽ شهرين جي حقن جو فرانسيسي پڌرنامو جنهن کي The French Declaration on the Rights of Man and Citizen (1789) چيو وڃي ٿو ۽ گڏيل رياستن جي آئين ۽ حقن جو بل ، جنهن کي The US Constitution and Bill of Rights (1791)چيو وڃي ٿو. انهن منجهان گهڻا ئي دستاويز جڏهن اصلوڪي بنياد تي پاليسيءَ ۾ تبديل ڪيا ويا ته اهو ڏٺو ويو ته اهي عورتن کي حقن ڏيڻ کان وانجها هيا، رنگ جي بنياد تي متڀيد جا ماريل ماڻهو، ۽ اهڙي ئي حوالي سان ٻيا به ڪيترائي سماجي، مذهبي، اقتصادي۽ سياسي گروهه حقن کان وانجها هيا. پر ان جي باوجود، دنيا جي دٻيل ۽ هيسيل ماڻهن کي انهن ئي مٿين دستاويزن جي اصولن ۽ اظهار تحت ڌيان ڏنو ويو ۽ انهن انقلابن کي هٿي ڏني وئي، جيڪي انسان جي خود مختياري ، آزاديءَ جا حامي ۽ جبر ۽ ظلم جي طاقتن خلاف هيا.

انساني حقن جي عالمگير پڌرنامي جي جوڙ جڪ دوران قدرتي حقن جي ٻولي، ۽ فرد جي حقن تي زور ڏيڻ واري ڳالهه قانوني حقن جي داخل ڪرڻ سان ملي وئي هڪ ٿي وئي . اهڙي طرح، انساني حقن جي پڌرنامي، پنهنجي اپيل ٻنهي قدرتي حقن جي حوالي سان آڏو رکي ته ٻنهي ۾ حقن جي ڳالهه سڀاويڪ، اڻلچڪدار، برابري جي بنياد واري ، عزت ۽ شان واري ۽ هاڪاري قانون جي فريم مطابق آزادي هوندي، جتي حق ڏيندڙ ۽ وٺندڙ ٻئي ڌريون برابريءَ جي بنياد تي واضح ڪيون وڃن ٿيون ۽ اهي ٻئي ڌريون ساڳين قانونن جون پابند هونديون آهن . تاريخ اسان کي ياد ڏياري ٿي ته مٿيان سمورا دستاويز سماجي تحريڪن، سياسي انقلابن يا سرگرمين جو نتيجو آهن. پر مذهبن ۽ فلسفن جو ڪردار ( اخلاقي ۽ لاديني) ۽ بين ڪيترن ئي ثقافتن ۾، انساني حقن جي ٻولي يا ترقيءَ جو جديد نظريو اڃا گهٽ ڄاتو ۽ سڃاتو پيو وڃي. اهڙي طرح تنقيد جي ڪيترين فڪري درسگاهن کي اڀار ملي ٿو ، جيڪي ثقافتي رابطا ڪاري (cultural relativism) ، گروهه يا اجتماعي حقن، سياسي حقن ۽ ٻين حقن جي تصور کي هٿي ڏين ٿا. اهڙا سوال ۽ تضاد ان وقت به سامهون ٿي آيا، جڏهن اڃا انساني حقن جو عالمي پڌرنامو لکيو نه ويو هيو ۽ اهي درجي به درجي جاري رهيا. اگر هڪ ڀيرو به اهڙين تنقيدن کي جاءِ نه ڏني وئي ۽ انحراف ڪيو ويو ته ان جو اثر بنيادي “عالمگير قدرن” تي پوندو.

انساني حقن جو پڌرنامو

آرٽيڪل 1سڀ انسان آزاد ڄاوا آهن ۽ اهي مرتبي ۽ حقن ۾ هڪجهڙا آهن. انهن کي عقل ۽ شعور سان نوازيو ويو آهي ۽ کين هڪ ٻئي سان ڀائپي جو مظاهرو ڪرڻ گھرجي.

آرٽيڪل 2هرهڪ کي اهي پڌرايل حق حاصل آهن، تنهنڪري ان سلسلي ۾ ڪنهن، رنگ، نسل، ٻولي، مذهب، سياسي يا ٻين ويچارن، قومي يا سماجي اصليت، ملڪيت، ڄم يا ٻئي مرتبي جو سنڌو نه مڃيو ويندو. وڌيڪ ته ڪنهن شخص سان ملڪ جي سياسي، علائقائي، عالمي مرتبي جي بنياد تي امتياز نه ورتيو ويندو، پوءِ ڀلي اهو ملڪ آزاد هجي يا ٽرسٽ، يا پاڻ حڪومتي انتظام کان پري، يا محدود خودمختياري هيٺ هلندڙ هجي.

آرٽيڪل 3

هرشخص کي پنهجي زندگي، آزادي، ۽ دات جي تحفظ جو پورو حق آهي.

آرٽيڪل 4 ڪنهن به شخص کي غلامي ۽ تابعداري ۾ جڪڙيو نه ويندو؛ غلامي ۽ غلامن جي واپار جي هر صورت کي روڪيو ويندو.

آرٽيڪل 5 ڪنهن به شخص تي  ٽارچر نه ڪيو وڃي ۽ نه ان سان ظالماڻو، تذليل ڪندڙ ۽ غير انساني ورتاءُ ڪيو وڃي.

آرٽيڪل 6 هرهڪ کي هرجاٰءِ قانون آڏو پنهنجي شخصي حيثيت جي مڃتا حاصل هوندي.

آرٽيڪل 7 سڀ قانون جي نظر ۾ برابر آهن ۽ بغير ڪنهن امتياز جي قانوني تحفظ جا هڪجيترا حقدار آهن. هر هڪ کي هن پڌرنامي جي ابتڙ ٿيندڙ امتيازي سلوڪ يا پاڻ اهڙو امتيازي سلوڪ ڪرڻ جي ترغيب کان تحفظ جو حق حاصل آهي.

آرٽيڪل 8 هرشخص کي آئين ۽ قانون کان مليل بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ڪري ڪيو ويندڙ سلوڪ جي صورت ۾ اهو حق حاصل آهي ته هو بااختيار قومي عدالتي يا ٽريبيونلن کان ان لتاڙ ۽ ڀڃڪڙي جو اثرائتو ازالو حاصل ڪري.

آرٽيڪل 9 ڪنهن کي به زور زبردستي ڪري گرفتار، قيد يا جلاوطن نه ڪيو ويندو.

آرٽيڪل 10 هرهڪ کي پاڻ خلاف لڳايل مجرمانه الزامن ۽ پنهنجي حقن ۽ فرضن جي مقرري واسطي، هڪجيترو حق حاصل آهي ته ملڪ جي آزاد ۽ غير جانبدار عدالت يا ٽريبيونل، هن جو موقف کلي عام ٻڌي.

آرٽيڪل 11

  1. هرهڪ کي، جنهن تي ڪو سزا جوڳو ڏوهه ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي، اوسيتائين معصوم سمجھيو وڃي، جيسين تائين قانوني طرح عدالتي ڪاروائي دوران، جنهن ۾ هن کي پنهنجي بچاءُ جي هر قسم جي ضمانت حاصل هجي، اهو الزام سچو ثابت نه ٿئي.
  2. ڪنهن کي به ڪنهن اهڙي جرم يا غفلت جي باعث، سزا جوڳي ڏوهه جو مجرم نه سمجھيو وڃي، جيڪو ڏوه يا غفلت قومي يا عالمي قانون تحت سزا جوڳو ڏوه نه هجي. ڪنهن تي به هن جي ڪيل جرم تي مقرر سزا کان وڌيڪ سزا نه مڙهي وڃي.

آرٽيڪل 12ڪنهن جي به خانگيت (پرائيويسي)، ڪٽنب، گھر، خط وڪتابت ۾ اره زورائي ڪري مداخلت نه ڪئي ويندي، ۽ نه ڪنهن جي عزت ۽ حرمت تي حملو ڪيو ويندو. هرهڪ کي اهو حق حاصل آهي ته هو اهڙي مداخلت ۽ حملي کان بچڻ لاءِ قانون جو تحفظ حاصل ڪري.

آرٽيڪل 13

  1. هرهڪ کي اها آزادي مليل آهي ته رياست جي جنهن پاسي وڃڻ چاهي، ڀلي وڃي يا جتي چاهي اتي رهائش اختيار حاصل ڪري.
  2. هرهڪ کي اهو حق حاصل آهي ته پنهنجي ملڪ سميت ڪوبه ملڪ ڇڏي هليو وڃي يا پنهنجي ملڪ واپس وري.

آرٽيڪل 14

  1. هرهڪ کي اهو حق حاصل آهي ته پاڻ کي ظلم ۽ ستم کان بچائڻ لاءِ ٻين ملڪن ۾ سياسي پناه وٺي ۽ رهي .
  2. ان حق جو ان وقت استعمال نه ڪيو ويندو، جڏهن ڪو شخص غير سياسي ڏوهن باعث عدالتي ڪارواين کي منهن ڏيندڙ هوندو يا اهڙين سرگرمين ۾ ملوث هوندو، جيڪي گڏيل قومن جي مقصدن ۽ اصولن جي منافي هونديون.

آرٽيڪل 15

  1. هرهڪ کي قوميت جو حق حاصل آهي،
  2. ڪنهن کي زورزبردستي ڪري قوميت کان محروم نه ڪيو ويندو ۽ نڪو اروه روزائي ڪري کيس پنهنجي قوميت حاصل ڪرڻ کان روڪيو ويندو.

آرٽيڪل 16

  1. قانوني عمر کي پهتل مردن ۽ عورتن کي اهو حق حاصل آهي ته بغير ڪنهن رنگ، نسل ۽ مذهب جي حدبندين جي پاڻ ۾ شادي ڪن ۽ خاندان جو بنياد وجھن. انهن کي شادي ڪرڻ مهل، شادي دوران ۽ شادي جي اختتام مهل هڪجيترا حق حاصل آهن.
  2. خواهشمند جوڙن جي مڪمل ۽ آزادانه رضامندي کان پوءِ ئي شادي ڪرائي وڃي.
  3. ڪٽنب سماج جو هڪ فطري ۽ بنيادي گروهي ايڪو آهي، ۽ ان کي سماج ۽ رياست پاران هر قسم جي تحفظ جو حق حاصل آهي.

آرٽيڪل 17

  1. هر هڪ کي اڪيلي سر يا ٻين جي ساٿ ۾ ملڪيت رکڻ جو حق حاصل آهي.
  2. ڪنهن کان به زور زبردستي ڪري ملڪيت ڦري نه ويندي.

آرٽيڪل 18

هرهڪ کي مذهب، ضمير، ۽ ويچار جي مڪمل آزادي حاصل آهي. هن حق ۾ اهو به شامل آهي ڪو چاهي ته پنهنجو مذهب يا ايمان بدلائي، ۽ کيس اها آزادي مليل آهي ته هو اڪيلي سر يا ٻين سان گڏجي سکيا، عمل، عبادت ۽ بجا آواري ۾ پنهجي مذهب ۽ فڪر کي پڌرو ڪري.

آرٽيڪل 19

هرهڪ کي پنهجي راءِ جو اظهار ڪرڻ جي مڪمل آزادي آهي. هن حق ۾ هڪ پاسي اها آزادي شامل آهي ته هو پنهنجا رايا بغير ڪنهن جي مداخلت جي قائم رکي، ۽ ٻئي پاسي بنان سرحدن جي لحاظ جي،  جتي ۽ جيئن چاهي پنهنجي تصورات ۽ ڄاڻ اماڻي ۽ ٻين کان اها حاصل ڪري .

آرٽيڪل 20

  1. هرهڪ کي پرامن ميڙاڪي ڪرڻ ۽ ائسوسئيشن ٺاهڻ يا تنظيم ڪاري ڪرڻ جي مڪمل آزادي حاصل آهي.
  2. ڪنهن کي به جبر ذريعي ڪنهن ائسوسئيشن جو حصو نه بنايو ويندو.

آرٽيڪل 21

  1. هرهڪ کي اهو حق حاصل آهي ته هو ملڪ جي حڪومت ۾ سڌي طرح يا پنهنجي آزادانه نموني چونڊيل نمائندن ذريعي شريڪ ٿئي.
  2. هرهڪ کي پنهجي ملڪ اندر حڪومتي خدمتن تائين هڪجهڙي رسائي جو حق حاصل آهي.
  3. عوامي خواهش ئي هر حڪومت جي اختيار جو بنياد ٿيندي. ان جو اظهار وقتائتي ۽ حقيقي چونڊن ذريعي ٿيندو، جن ۾ هر بالغ کي آزادانه پر خفيه نموني يا ڪنهن ٻئي آزاد چونڊ طريقي ۾ ووٽ ڏيڻ جو اختيار حاصل هوندو.

آرٽيڪل 22هرهڪ کي سماج جي رڪن جي حيثيت ۾ سماجي تحفط جو حق حاصل آهي ۽ هرهڪ کي اهو حق حاصل آهي ته هو پنهجي حرمت ۽ آزادانه شخصي واڌ لاءِ لازمي سماجي، اقتصادي ۽ ڪلچرل حقن کي هر رياست جي وسيلن ۽ تنظيم پٽاندڙ قومي ڪوششن سان يا عالمي سهڪار ذريعي حاصل ڪري.

آرٽيڪل 23

  1. هر ڪنهن کي ڪم ڪرڻ، آزادانه نموني روزگار چونڊڻ، مناسب ۽ انصافي حالتن هيٺ ڪم ڪار ڪرڻ، ۽ بيروزگاري کان تحفظ جو حق حاصل آهي.
  2. هر هڪ کي بنان ڪنهن فرق جي هڪجيتري ڪم تي هڪجيترو پگهار حاصل ڪرڻ جو حق آهي.
  3. هرهڪ جيڪو ڪم ڪار ڪري ٿو، اهو مناسب ۽ انصاف ڀرئي معاوضي جو حقدار آهي، ته جيئن هو ۽ ان جو خاندان انساني وقار موجب گذر ڪري سگھن. ان لاءِ ضروري ٿئي ته ٻين سماجي تحفظ وارن ذريعن وسيلي ان جي سهائتا ڪجي.
  4. هرهڪ کي پنهنجي مفادن جي حفاظت واسطي ٽريڊ يونين ٺاهڻ يا ان ۾ شامل ٿيڻ جو پورو پورو حق حاصل آهي.

آرٽيڪل 24هرهڪ کي آرام، فرحت ماڻڻ، گڏوگڏ محدود ڪم ڪار وارن ڪلاڪن ۽ پگھار سان وقتي موڪل حاصل ڪرڻ جو پورو حق آهي.

آرٽيڪل 25

  1. هرهڪ کي پنهجي ذات يا خاندان جي صحت ۽ ڀلائي لاءِ زندگي جو معيار بشمول، کاڌي، ڪپڙي، گھر، صحت سنڀال ۽ ضروري سماجي خدمتن جي، حاصل ڪرڻ جو حق آهي. بيرزوگاري، بيماري، جڏائي، زال يا مڙس جي فوتگي، وڏي عمر، يا وس کا ٻاهر حالتن ۾ گذر سفر جي ذريعن جي اڻهوند وغيره جي صورت ۾ هر هڪ کي تحفظ جو حق حاصل آهي.
  2. ماءَ پڻي ۽ ٻاروتڻ واري عرصي دوران خصوصي سنڀال ۽ سهائتا حاصل ڪرڻ جو حق حاصل آهي. مڙني ٻارن کي، ڀلي اهي قانوني يا غير قانوني ڄاوا هجن، ساڳين سماجي تحفظن حاصل ڪرڻ جو حق آهي.

آرٽيڪل 26

  1. هرهڪ کي تعليم حاصل ڪرڻ جو حق آهي. تعليم گھٽ ۾ گھٽ ايليمينٽري يا بنيادي سطح تائين مفت فراهم ڪئي وڃي. ايليمينٽري سطح تائين تعليم حاصل ڪرڻ لازمي هوندي. هڪ پاسي ٽيڪنيڪل ۽ پروفيشنل تعليم کي عام لاءِ موجود ڪيو ويندو، ته ٻئي پاسي ميرٽ جي بنياد تي اعليٰ تعليم تائين پهچ هر هڪ کي هڪ جيتري حاصل هوندي.
  2. تعليم وسيلي هڪ پاسي هر هڪ جي انساني شخصيت کي وڌايو ويجھايو ويندو ته ٻئي پاسي انساني حقن ۽ بنيادي آزادين واسطي احترام واري جذبي کي سگھارو ڪيو ويندو. ان جي وسيلي قومن، نسلي ۽ مذهبي گروهن وچ ۾ هڪ ٻئي جي سمجھ، هڪٻئي لاءِ سهپ ۽ دوستي جا جذبا فروغ ڏبا ۽ ٻي پاسي گڏيل قومن پاران ڪيو ويندڙ امن واريون ڪوششن کي وڌايو ويندو.
  3. والدين کي اڳواٽ ئي پنهنجي ٻار کي ڏني ويندڙ تعليم جي نموني جي چونڊ ڪرڻ جو حق حاصل هوندو.

آرٽيڪل 27

  1. هرهڪ کي ڪميونٽي جي تهذيبي زندگي ۾ آزادانه نموني شريڪ ٿيڻ ، فنون لطيفه (آرٽس) مان مزو ماڻڻ، ۽ سائنسي ترقي ۽ ان جي فائدن ۾ حصيدار ٿيڻ جو پوروپورو حق آهي.
  2. سائنسي، ادبي ۽ آرٽسٽڪ ڪاوشن جي ليکڪن کي پنهن جي ڪاوشن سان لاڳاپيل اخلاقي ۽ مادي مفادن جي حفاظت جو پورو پورو حق آهي.

آرٽيڪل 28

هر هڪ  اهڙي سماجي ۽ عالمي نظام يا دستور جو حقدار آهي، جنهن ۾ هن پڌرنامي ۾ اعلانيل حق ۽ آزاديون ماڻي ڪري سگھجن.

آرٽيڪل 29

  1. هرهڪ جون ڪميونٽي ڏانهن ذميواريون آهن، جن ۾ ئي هن جي شخصيت جي مڪمل ۽ آزادانه واڌ ويجھ  ممڪن آهي.
  2. پنهنجي حقن ۽ آزادي جي استعمال دوران، ڪنهن تي صرف ايتري حد بندي هوندي ته جيئن ٻين جي حقن ۽ آزادين جو احترام ۽ مڃتا محفوظ رهي ۽ جمهوري سماج ۾ عام ڀلائي، امن امان ۽ اخلاقيات جون عام تقاضائون پوريون ٿين.
  3. ڪنهن به حالت ۾ انهن حقن ۽ آزادين جو استعمال گڏيل قومن جي مقصدن ۽ اصولن جي منافي نه ڪيو ويندو.

آرٽيڪل 30ڪنهن کي به اهو حق حاصل نه آهي ته هن پڌرنامي ۾ آيل حقن ۽ آزادين جي اهڙي وضاحت ڪري انهن کي ڪنهن هڪ رياست يا گروپ يا شخص سان مخصوص ڪري، ۽ پوءِ اهڙيون سرگرميون يا عمل ڪري، جن سان پڌرايل حقن ۽ آزادين جي ڀڃڪڙي ٿئي.

پاڪستان جي 1973ع واري مروج آئين ۾ بنيادي انساني حقن جي فهرست ڏني وئي آهي ۽ ان سان گڏ اهو به واضح ڪيل آهي ته ڪوبه اهڙو قانون، جيڪو انهن بنيادي حقن سان ٽڪرائبو، اهو ختم ٿي ويندو. آئين ۾ ذڪر ڪيل بنيادي حق هيٺيان آهن: زندگيءَ ۽ آزاديءَ جو حق، گرفتاري ۽ ناحق نظربنديءَ کان تحفظ جو حق (ڪجهه شرطن سان)، غلاميءَ ۽ بيگار جي منع، ٻِٽي سزا خاف تحفظ (يعني ڪنهن به هڪ مجرم کي هڪ ڏوهه تي ٻه دفعا سزا نه ڏني ويندي)، ذاتي عزت جو تحفظ، لڏپلاڻ ۽ رهائش جيآزادي، اجتماع جو حق، انجمن ٺاهڻ جو حق، سياسي پارٽي ٺاهڻ يا ان ۾ شامل ٿيڻ جو حق (ان شرط سان ته شهري سرڪاري ملازمت ۾ نه هوندو)، ڪاروبار، واپار ۽ گذر سفر جو حق، تحرير ۽ تقرير جي آزادي، پنهنجي مذهب تي عمل جو حق، تعليمي ادارن ۾ مذهبي تحفظ، مذهبي ٽئڪس کان تحفظ، حق جائداد يا ملڪيتي حقن جو تحفظ، شهريت ۾ برابري، عوامي جاين (مذهبي جاين کان سواءِ) تائين پهچڻ/گهمڻ جو حق، ملازمت جو حق ۽ ٻوليءَ ۽ ثقافت جو حق وغيره. اهي سمورا حق گڏيل قومن جي انساني حقن واري چارٽر موجب شهرين کي ملڻا آهن.

پاڪستان اهم انساني حقن جي معاهدن جي منظوري ڏني آهي، جيڪي موضوع وار ۽ مخصوص مامرا آهن، مثال طور: شهري ۽ سياسي، اقتصادي، سماجي ۽ ثقافتي حق، تشدد جي ممنانعت ، عورتن، ٻارن، اقليتن، ليبر، ۽ معذور ماڻهو جي حوالي سان آهن، پر انهن جي تعميل ۽ نفاذ پنهنجي جاءِ تي هڪ رهجي ويل سوال آهي. اسان کي رڳو قانوني حالت تي نظر وجهڻ نه گهرجي، پر ٻين اهڃاڻن جهڙوڪ سماجي، اقتصادي۽ بنيادي ڍانچي ڏانهن به نهار ڪرڻ گهرجي. انهن حقن جي حاصلات لاءِ نه رڳو حڪومتون پر معاشري ۾ رهندڙ هر فرد ، جماعت، تنظيمن ۽ گروهن کي انساني حقن جي ان حاصلات لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

 

 

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے