25 سومر , جون 2018

ٿڌي واري ٿر جي ۽ لطيف سرڪار

مشتاق باگاڻي

چوڏهن سالن کانپوءِ ٿر جي هن سفر ۾ مونکي ڪا به تبديلي ڏسڻ ۾ ڪا نه آئي. اهي ئي ڀٽون، مال، کوهه ۽ کيليا. البت اڳوڻا ٺهيل پڪا روڊ اکوڙي ٻيهر انهن کي ٺاهيو ٿي ويو، ڪوئلي جي کاڻين تائين، ڏينهن اهوئي ساڳوڻو ستين آڪٽوبر ويهه سئو سترهن. مٺيءَ مان رونا ٿياسين. للڪار وارو مڙهو، للڪار واري ڀٽ، سڄي طرف ٻٽڙي واري ڀٽ، ڪونڀٽ وارو لڪ، راهيلو رند ۽ راهيلي واري ڀٽ. هڪ بجي اسلام ڪوٽ پهتاسين. هن ڀيري شهر پُررونڪ نظر آيو. هتي ئي اسانجي لاءِ منجهند جي مانيءَ جو بندوبست ٿيل هو.

استاد نصير الدين ڪوٽڙيو ڏاهو، داناءُ انتهائي پرخلوص، سچڙو سٻاجهڙو، ذهين ۽ قابل استاد سان ملاقات ٿي، طفرراٺوڙ، استاد سانگي ، ڏان سوڍو. اڪرم بجير ۽ استاد عبدالغني. ڇا ته ملوڪ مهانڊا هئا. وڏيون خدمتون ڪيائون. پنهنجائپ وارو پيار ڏنائون. اسلام ڪوٽ کان ساڍين ٽي بجي ڀالوا لاءِ روانا ٿياسين. ٽاڀو فقير وارو دڙو مٽي اونڌيو لڪ تي پهتاسين. ڏهر ۾ گوار ٻاجهري پڪل هئي. اڳيان مکي لڌا رام جو کوهه آيو. روهيڙو جام هو. ور وائيءَ جو ڳوٺ هتي راهما ۽ لنجا ذات جا ماڻهو رهن ٿا. سکيا ستابا آهن. هن علائقي جو قربان وڪيو وڏي عمر جو آهي. ساري ڄمار مٿي تان پڳ ڪا نه لا ٿائين. سچار ۽ همٿ وارو آهي. ڀيل، ميگهواڙ يا ٻين ذاتين وارا ماڻهو پنهنجا مسئلا هن ڏانهن کڻي ويندا. بنهه بي رياٿي فيصلا ڪندو آهي. وڏو مهمان نواز آهي.

ٿر جا اُٺُ حصا ڄاڻايا وڃن ٿا. مهراڻو، کاهوڙ، ڍٽ، وٽ، مارواڙ، سامروٽي، ڪٺو، پارڪر، استاد نصيرالدين اسانکي ٻڌايو، هي ڍٽ جو علائقو هو، هتي ڳوٺ کاديو غلام شاهه مشهور آهي. هتي سيد، سنگراسي. مهراڻ پوٽا ۽ ميگهواڙ ذاتين جا ماڻهو رهن ٿا. ٿاري هاليپوٽو کان نڪرندڙ پاڻي پائيپ نالي زريعي گوڙاڻي ڌانهن موڪليو پيو وڃي. ان تان ماڻهن ۾ ناراضگي آهي. اڳيان وڪڙيو وارو ڏهر آهي جنهن جي ڊيگهه پندرهن ويهه ميل ٿيندي. زمين گئوچر لاءِ مخصوص هئي پر هاڻ قبضي خورن جي نظرن ۾ آهي.

هتي ست راڄي آهي.

کاريو غلام شاهه، ڪنڀاريو، وڪڙيو، جيئندو درس، سنحري درس، صالح جهنجهي، ڄامن سمون، هي ست راڄيو ڏهر آهي. آڏي جي تڙ وٽ ڪافي وڻڪار هئي. ڳوٺ لوڻيو سما، هتي جا ماڻهو شاهو ڪار ڍڳن جا واپاري هئا. گهوڙن جا شوقين مالدار ماڻهو هئا. هنن جو واپار گجرات تائين هلندو هو ۽ هيڏانهن نواب شاهه تائين. حڪيماڻي سما ۾ اٺين جا وڳ ڏٺاسين. هنن جي وڏن جي ٺهيل ماڙيءَ جا نشان اڃان تائين موجود هئا.

چون ٿا ته هنن جي وهٽن جا سنج به سون ۽ چانديءَ جا ٺهيل هوندا هئا پر هاڻ اهو عروج نه رهيو هو. هتي راڄڙ ذات جا ماڻهو به رهندڙ هئا.

ساڄي پاسي ڊاڀو سمو ڳوٺ ڏانهن رستو پئي ويو جيڪو سندر ۽ ماکسريو ڏانهن هليو ٿي ويو. ڏانو ڌانڌل، ڌانڌل ٺڪرن جو پاڙو آهي. سرهاڙي ڀيل، گوڙي جو مندر ٻه ميل اتر طرف هو، مارئي جو ڳوٺ ڀالوا. هاڻ نالي ماتر ميوزم ٺاهيو ويو آهي. پنجين بجي واپس ورياسين ته ڌنار ڳاين ۽ ٻڪرين جا ڌڻ چاريو پياريو واپس پنهنجي گهرن ڏانهن پئي وريا. ڪٿي گاين جا ڍور به نظر آيا. اسين اسلام ڪوٽ کان ٿيندا ڳوٺ علو ڪوٽڙيو پهتاسين. ٻيو اهو سڀ ڪجهه ساڳيو هو جيڪو چوڏهن سال اڳ ڏٺو ويو هو، جنهن جو ذڪر گذريل مضمونن ۾ اچي چڪو آهي. افسوس سائين عبدالمجيد ۽ ڪاڪو راول ڪو نه هئا. هو اڏاڻا ان ڏيهه ڏانهن هليا ويا هئا جتان ڪو به واپس ناهي وريو.

رات گذري صبح ٿي ته الهندي پاسي وارن ڏهرن مان تترن جون تنوارون ٻڌڻ ۾ آيون. مورن جو هڪ ولر چُڳندي نظر آيو. هڪڙو همراهه سڻيءَ جا وٽيل رسا مُڙهي ٺاهيو کنيو پئي ويو، ٻئي به هڪڙي ڏوڪري اڳيان اچي هٿ ڏنو. ٻه ٽي ڳوٺاڻا ٻيا به اچي گڏ ٿيا. جن کان مون آس پاس جي تڙن ۽ مڙهن جا نالا پڇيا. انهن جيڪي خبرون ڪيون. هتي نوٽ ڪيون ٿا.

اوسي پاسي جا تڙ ۽ مڙها، جمعي جو تڙ، شهمير جو تڙ، رامجي وارو تڙ، نيتي وارو مڙهو، سوٽڙن وارو مڙهو، مورا تلي، بنڊ وارو مڙهو، ڪوئلي جي ڀٽ، چانپئي جو مڙهو، هن کان اوڀر طرف چنئي جي مٽاري، کوري جو مڙهو وغيره.

ايتري ۾ هڪڙو همراهه اچي نڪتو، نالو مجنون ٻڌايائين. ان وڌيڪ ٻڌايو، ڳوٺ کان ڪاڇيل هڪڙي ميل جي مفاصلي تي لس وارو مڙهو آهي. لس کان اڀرندي ڊاڀيرو مڙهو آهي، اتان کان ٽن ميلن جي پنڌ تي ارڻيارو ڳوٺ آهي. اتر طرفان ارتياري ڀٽ آهي. ان کان اڃان اتر طرف پيٽيو مڙهو آهي. ان جي اڀرندي قادري جو ڪاٺو آهي. ان جي طرف گما نيئي جي ڍاڻي آهي. ان کان اتر طرف سوني جي ڍاڻي آهي. ان کان اڀرندي پاروتڙ آهي. ان جي ڪاڇيل ڪڏو جو تڙ آهي. ان جي اڀرندي آساڻي ڍاڻي آهي. ان جي اوڀر اتر طرف کان ڀوڄاسر جي ڍاڻي آهي. ان جي اولهه طرف ملوڪ مهر جو ڳوٺ آهي. ملوڪ جي ڳوٺ کان اتر اوڀر طرف سراج الدين جو ڳوٺ آهي.علو ڪوٽڙئي جي چئو طرف ڳوٺ آهن.

اهي خبرون هلندي هڪ ٻيو شخص اچي بيٺو. نالو چيتن ڀيل ٻڌايائين. کيتر جو ڪم ڪندو آهي. هن پنهنجون خبرون هن طرح ڪيون. ”مانجو نانءُ چيتن ڀيل آهي، هون کيتر ٿوڪماوان. ڪالهه گوار اکوڙيو، پاٿرا ٺاهي رکي ڇڏيا آهن. قرض مين مٿي جام اهي. الله روزي جام ڪرسي، قرض ڀرجي جاسي،گان ري آٿولي مڙها جام اهين. اسانجي گائين، ڇاڙهئين، سانڊين ات چريندين،پرهرو وهگو اسين واڻا چاڙهي سون. متان توڏيا ليهي نه جائين، اڳي ڏاگها جام هتا. هير مڙگا ڏيڍا سئو اهين. مين وٽ به اهين. ايڪ سانڍايڪ توڏيو. اسان لاءِ آپرو ٿر مٺو آهي. “

اوٺو مال پهر جي رهيو هو. انهن جي ڳچن ۾ چڙا ٻڌل هئا. ٻڪرين جو ولر مٽيو ته ڏٺوسين انهن جي ڳچين ۾ مٽر ٻڌل هئا. ڍڳين جي ڳچين ۾ ڇير ۽ رڍن ۾ مٽريا ٻڌن. ٿر جا مسڪين سٻاجهڙا ماڻهو.

ٿوري دير ۾ ڪاڪي راول جو پٽ جبار ٻه گدريون کڻي اچي سهڙيو. ساڻس سندس پيءُ جي فاتح ڪئي سين. هو ڪافي دير اسانکي چوڏهن سال اڳ جون ڳالهيون ياد ڏياري رهيو هو، جڏهن پاڻ جوان هو. هاڻ هو موٽيل هويا مونکي لڳي رهيو. ٿر يا الائي ڇو وقت کان اڳي ڏوڪرا ٿيو وڃن.

صبح جو ساڍي اٺين بجي ڌاري واعظ علي جي کيٽ تان گدريون ۽ چاهيون کائي واپس آياسين ته سائين نظير علي، سائين سانوڻ ۽ شفي محمد ڪوٽڙيو ڪچهريءَ لاءِ اچي سهڙيا، هي ٽئي خوش مزاج نظر آيا. عمر ڇهن ڏهاڪن کان مٿي ٿي ڏٺاڻي، خبرون ڪندي ٻڌايائون: هي سڀ علو ڪوٽڙئي ۾ ڄاوا نپنا. ننڍي هوندي گهوڙن تي چڙهڻ جو شوق هون، اسلام ڪوٽ پڙهڻ لاءِ گهوڙن ۽ اٺن تي چڙهي ويندا هئا، جيڪو هتان ڪافي پري هو، ڏڪار وارن ڏينهن ۾ اٺن تي عمرڪوٽ يا ڪنري وڃبو هو، اتان اناج وغيره وٺي واپس وررندا هئا. بک لڳڻ تي ڪنهن ڳوٺ ۾وڃي سڏي ٽڪر ڀور وٺي کائي پوءِ اڳتي منزل ڇڪيندا هئا. ڪن وٽ پنهنجو اٽو ٻڌل هوندو هو، جهنگ يا ڪنهن مڙهي ۾ جوت ٻاري ٽانڊن تي ڪوڪا/ڪوڪلا پچائي رکا سکا کائي اڳتي هلندا هئا. علو ڪوٽڙيو کان ڪنري ڏانهن ويندي جيڪي ڳوٺ ايندا هئا انهن جا نالا هي آهن، سو ڀارو ڳوٺ، لکمور ڳوٺ، ڀوريلو ڳوٺ، سميجا ڳوٺ، عقليون ڳوٺ، ساڏور ڳوٺ، گونگيو ڳوٺ، هي نهڙين جو ڳوٺ هو، ڦاٽوڙو ڳوٺ، ڊاڀي ڳوٺ، ميوي جو تڙ، سينهو ئي ڳوٺ،  چيل بند ۽ ڍرو ڳوٺ، شفي محمد ڪوٽڙيو ٻڌائي رهيو هو.

سڀني ڳوٺاڻن وٽ ڍڳيون، ٻڪريون ۽ اٺ هوندا هئا. ماني ڏينهن جو لسيءَ سان رات جو ڌنئوري سان ۽ کير سان کائبي هئي. جوانيءَ ۾ شاديون ٿينديون هيون. گهڻو ڪري پنهنجن ۾ جي ڪنهن جي ڀوا نه هوندي هئي ته ڌارين ۾ به مٽي ڪبي هئي. مٽي ڏي وٽ جي به ٿيندي هئي، سادو ۽ سنجيدو ڪپڙو پائبو هو. ڳهه ڳٺا گهڻو ڪري چانديءَ جا هوندا هئا. ڳهن ۾ ڪڙيون، منگليون، هسي، بولي، ڦلي، پنڙا ۽ بندا وغيره هوندا هئا. سڱ جي گهر ڪبي هئي جي موٽ مثبت ملي ته مڱڻي ڪبي هئي، مڏ ڏبي هئي، جنهن ۾ چني چولو ۽ سلوار شامل هوندي هئي. ڳڙ، چانور ۽ کارڪون، ايڪيهه سير وزن ٺاهي گناٿن کي ڏبو هو. گناٿ وري سيڻن کي ملير ڏيندا هئا، جنهن ۾ چار ئي پلئون ٻڌي ڏبيون هيون. ڪنهن ۾ روڪڙ، ناريڙ، ٽڪيون ڦوٽا ۽ وڏڦ ٻڌي ڏيندا هئا. ونهه ويهاربو هو. پرڻي واري رات شام جو ئي گهوٽ سينگاربو هو. هڪڙي رات اڳڻي پاڻيءَ جي دلي ڀري ڪنهن مائٽ جي گهر رکبي هئي. اها ٻئي ڏينهن کڻي اچي، ان ۾ ٻيو پاڻي ملائي، گهوٽ کي وهنجاربو ۽ سينگاربو هو. شادي جي تٿ ٻڌجڻ ساڻ ئي گهرن ۾ گيت ڳائبا هئا. راسوڙي جي گيت کي ڏورو سڏيندا هئا، هڪ ڏورو

ڀريا ري ڀريا ٽوڀئيا ماري ڏاڏاڻي رو ڏيس

آيل ماءُ مارو ڏورو ساچوڙي هيم سين مڙهايو

آج ري اتريائي ۾ هانجي دونڌڙيو

آيل ماءُ  مارو وٺوڙو ڏاڏاڻيرو ڏيس

ماءُ ڏورو………….

هڪل ٻانڌوڙا ڪري ليو، ماناموڪل ملي

هڪ ٻيو ڏورو ملا حظه هجي.

هون ري ٻلهياري جائون ماري جامڻ جا يوڙا

نيڙي رو پيهاڻو ڪريا..

ٻيجين تو ٻائين نيڙڪين ماري ڀرديسڻ رهي گي

ڏور هون ري ٻلهياري جائون

ماتاڙ ماتا منا ماڻسيو ميلي، ميلي منا مائوڙي جايو وير

هون ري ٻلهياري جائون.

هڪ لاڏيلو: ڀري موتي ڙان رو ٿال، مارو لاڏيلو آيو

لاڏيلو آيا ري جينا موتيئي وڌا ويا

جاني سرنگهاران ٿا نري هيڪي جوڙي را

پيڙو ٿان ري ڀائيڙان رو ساٿ

ڪاڪا، ري، ماما ٿاندا ڪوڏري ڪرسين

رم جهم هالي ٿاندي جان، مارو لاڏيلو آيو

اج اويڙا ٿي تو پرامڻا، سانجهڙلي ساسريان ري ڏيس مارو لاڏيلو آيو

ڏهين بجي ڌاري علو ڪو ٽڙ يو ڳوٺ ڇڏي، اڏاڻي ڳوٺ لاءِ روانا ٿياسين جتي راوت خان ڏوهٽ جا مهمان ٿيڻا هئاسين، هتي سگهڙن جي ڪچهري به رکيل هئي. راوت خان تعليم کاتي ۾ آفيسر آهي، ڪرڙ وڍ، فهميدو انسان آهي. سخي ۽ وڏو مهمان نواز آهي اڏاڻي ويندي ڏهر وڏا ڏسڻ ۾ آيا. ڀٽون ڇٽيون هيون. ويئريون گهڻيون ڏسڻ ۾ آيون. پاڻي پندرهن ويهن فوٽن تي آهي، اڏاڻي آياسين ته اسانکي اوتاري طور استعمال ٿيندڙ هڪ شاندار چئو نري ۾ هلي ويهاريائون. مشهور سگهڙ ۽ شاعر چنيسر ڏوهٽ به اچي سهڙيو، ان کان علاوه استاد عاشق علي ڏوهٽ پرائمري ماستر، رانجهو مڱڻهار، رحيم مڱڻهار ۽ ٻيا ڳوٺاڻا به اچي ڀيڙا ٿيا. ڪچهري شروع ٿي. رانجهي مڱڻهار سوز ۽ گدازمان راسوڙي جا گيت ٻڌايا، رحيم مڱڻهار ڳجهارتون ڏنيون ۽ چنيسر ڏوهٽ پنهنجي شاعري بڌائي، نموني خاطر هڪ ڳجهارت پيش خدمت آهي.

ڳجهارت: ولايت نه وچ منهنجا پرين ذاتين ڏي لايو

اسانجي ڪاٺي اوهان ڏانهن سي ڪاٺي نه موٽايو

ولات اگهور ذات جا اوڏ، ڪاٺي هڪڙو لوڙ ٻي ميڙ

ڀڃڻي: اگهان نه وڃو منهنجا پرين، اوڏا لڏ لايو

اسانجي لوڙ اوهان ڏانهن، ميڙ نه موٽايو

راوت خان ڏوهٽ جي شاندار دعوت هئي، جنهن ۾ ڇيلي جو ٻوڙ، چڀڙ، گوار، لسي ۽ ڌنئورو وغيره حاضر ڪري ڏنا ويا.

آخر ۾ سگهڙ ۽ شاعر چنيسر ڏوهٽ جي شاعريءَ  جو نمونو حاضر آهي. جنهن ۾ هن ڪاٺ مان ٺهندڙ شين جا نالا ڏنا آهن.

عمر اسانجي ڏيهه ۾ هڪڙا ڪونڀٿ ٻيا ڪنڊا، ڪرڙ ٻيرون ڪيترا ساوا سڪا ڏنڊا،

کٻڙ روهيڙا کٽن نٿا ڳتيا پيا آهن ڳنڍا، وڍي ڏيون واڍي کي ٺاهي منجا ۽ جنڊا،

هو پانياري هر ڪاشي ملي ٿوڻي ٿنڀا، ڪوئڙ ڪڙائي کيلي اهائي اوڙاڪ ڀنوڻ ان منجا،

اهڙي ٺاهي اڙلي ورت منجهه وجهندا، پاکڙو پلاڻ لاٽي ساڻ چوڪني ٻيئي چوندا،

ڪارٻ ڪاٺ سونگو سڳاٺ مٿي چٽ چاڙيندا، اکڙي مهري ان منجهان ٺاهوڪي ٺاهيندا،

جنڊ جو سامان جيڪو اهو هٿيار به هڻندا، پاٽلو ويلڻ پٽيو ڏوئي به ٺاهي ڏيندا،

لوڙهو ٿوڻي لڙهن مان خالي کوڙيندا، سر کي جهلي سانپڙي جوان به جوڙيندا،

ان گهٽي کي آڏوڙي آهن ڏوٿيئڙا ڏيندا، ڪاٺي ڦانگو ڦوڳ مان آهن ادا عمر آڻيندا،

هڪ پڃاري ٻي پائوڙي ٻيا ڳن گهڙيندا، ڪربيون ميئزڪٻٽ ٻيون بئيچون بنائيندا،

دروازا ۽ دريون ٻيا چئونڪ چاڙيندا، ايسون اوپرا اُنهن ۾ آهن ڀلا بنائيندا،

مورکي منجي موچاري آهن پينگهاپوريندا، نڪون ٺاهي نهر وانگي اواڙي پاڻي پڄائيندا،

جهڳيون ٺاهي جافن مان سُرٽيون سينگاريندا، ڪڍائي مل ڪرٽ مان اروسل ۾ آڻيندا،

هڙا ڏيڻي هنج ۾ قابو مل ڪندا، درن مٿي ڌار ٿرڪڻ آهن ٿيندا،

آڻي ڪايا اڪ جا مٿي چوري چاڙهيندا، ڏيئي ڏاڻ ڏاگهن کي ڦنڊڪي فٽ ڪندا،

اهڙيون ٺاهي اڳٺ دانيون ٻيون تسبيون تيار ڪندا، منڌي من مڪڙي ٻيا جهيرڻا جهگيندا،

نگهٽ هڻي نيهڙا پرونڌڻيون پائيندا، ڪاٺي نڍي ڪُرٽ نيٽي منجهه نيندا،

ارٽ ٻيا اوبرا تاني تڻيندا، آلي ڪاٺي اڪ مان نائي ڳلو ڳوٺيندا،

وينجهڻي ڳن واهو لوڪارائي ڳن ڪندا، چاڙهي سندي چڙهڻ لاءِ ڇنا چئونرا ڇائيندا،

داساپٽيون داٻڙا ڌڪي ڌوپ ڪندا، ٽياٽن ٽنگن سان مٿي آن اپڻيندا،

ڪرسي ڪاٺي ڪنڊي مان ڊنبر لاڙ به لوڏيندا، ڌڻ کي پائين ڌنار تڏهن واڄو وڄائيندا،

مٽر آهي مال ۾ سدائين سونهندا، سچيت منهنجا سانگيئڙا سر به سڃاڻيندا،

جيڪو مال جتي ڪاهي ڪل اتي هلي هٿ ڪندا، واپس واري ڌڻ ڌاري ڪاهي ڪل ايندي،

ترسائين اچي تڙمٿي پاڻي پياريندا، ڏوهيو مال ڏوٿيئڙا کڻيو کير ايندا،

مال اٿاري سيم چاڙهي پهرُن پهرائيندا، ڪانبوپن ڪنڊيءَ ۾ اهو به آڻيندا،

ٻولائي ٻڪرن کي مٺ مٺ ڪري ڏيندا، ڦر ويچارا ڦلريو چکيو پيا چرندا،

رت سڄي ريٽن تي ويٺا خوش هوندا، چوي ٿو چنيسر پيا ڳنوار ڳائيندا،

ڪڏهن نه ڀائيندا مٺو پنهنجي مال کي.

شام جا پاڇا لڙيا، ڀٽن تي ڳاڙهي لالاڻ  پنهنجا عڪس ڇڏيا، اسان هٿ ٻڌي ڳوٺاڻن کان موڪلايو رات عمر ڪوٽ ۾ رهي، سانڀائي مهل چئين بجي اٿي عمر ڪوٽ مان روانا ٿياسين.

ساڍن چئن ڪلاڪن جو سفر ڪري اچي ٺٽي رسياسين.

 

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀني سان سٺا پير ڀريندڙ تاج جويي جو هڪ اتساهه پاسو

رکيل مورائي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ آڳاٽي چوڻي آهي، شايد مُهاورو آهي ”پنهنجن سان  سٺا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے