19 اڱارو , جون 2018

ڏٺوئي اڻ ڏيٺ ۾….!!

نوراحمد جنجهي

ڪبير ڀڳت ساديون ڳالهيون ڪندي ، انساني رويئي بابت گهڻو ڪجهه سمجهايو آهي جنهن ۾ انيڪ لطيف ڳالهيون آهن جيئن صوفي ورثي جي ٻين شاعرن به اهڙا خيال پيش ڪندي، اظهاريو آهي ته خدا شناسي خود شناسيءَ مان  اُپجي ٿي . ادراڪ جي اها اونهي منزل آهي جنهن جي محسوسات کي مڪمل بيان ڪرڻ ناممڪن آهي. ان جي بيان جي جيتري اجازت آهي اوتري هرڪو ٻُڌائي ٿو. خلقڻهار سمورين انساني تاويلن کان بي نياز آهي، جيڪي ڪجهه بيانيو پيو وڃي اهو ٻيو ڪجهه آهي يا اڻ پورو آهي. ان ڪري چيو ويندو آهي ته ”گاڊ ڪين ناٽ بي ڊفائينڊ. ان خيال کي  لفظن جو روپ ڏيندي، رومي سائين هن ريت فرمايو آهي؛

خود کوزه و خود کوزه گر و خود گلِ کوزه،

(پاڻ  ڪونرو ڪونڀ آهي، پاڻ ڪونڀار ۽ پاڻ مٽي ڪونري ڪونڀ جي)

خود رندِ سبو کش

(پاڻ ان  ڪونري ڪونڀ  جو رند به آهي)

خود      برسرِ آن    کوزه    خريدار   برآمد

( پاڻ ئي ان  ڪونري ڪونڀ جو خريدار بنجي نروار ٿئي ٿو)

بشکست و روان شد

(ڪونڀ کي ڀڃي روانو ٿي وڃي ٿو)

پاڻ گهڙي، پاڻ ڀڃي ، پاڻ ئي ڪونري ڪونڀار ميان جي گونج تصوف ۽ ويدانت جي شاعرن وٽ جابجا ملي ٿي. ڪبير به پاڻ سُڃاڻڻ جي ڳالهه ڪندي اندر اجار۾ جي واٽ ٻُڌائي ٿو. هو ساڌوءَ کي مخاطب ٿي فرمائي ٿو ته ” ڪايا جي صفائي سولي آهي جيئن وڻ جي ٻج ۾  پن، ڦُل ، ڦَر ۽ ڇانو سمايل آهن تيئن جسم اندر ٻج آهي ۽ ٻج اندر جسم. ان کانسواءِ  اگن (آڳ، باه)، پاڻي، پرٿي (پرٿوي، ڌرتي) نيرو نڀ (آسمان) وغيره ڪجهه به ملي نٿو سگهي. قاضي ۽ پنڊت ٿورو به ويچار ڪن ته  آپي (وجود) ۾ ڇا ڇا نه آهي. پاڻيءَ سان ڀريل ڪونڀ (مٽيءَ جو گهڙو، ٿانءُ) پاڻيءَ ۾ رکيل آهي، جنهن اندر به پاڻي آهي ته ٻاهر به پاڻي آهي. ان کي ڪو نالو ڏيڻ  چُڪ آهي. ان سان ٻيائيءَ جو دوکو ٿئي ٿو. ڪبيرچوي ٿو او ساڌو ادا ٻُڌو، سچ ٻول سمورو نج آهي. پاڻ ئي پنهنجي وجود ۾ ٻولي پيو. هو پاڻ وجود آهي ته پاڻ وجود جو سرجڻهار به آهي.“

وجود جي انهي وائي جي سمجهاڻي کي ”وحد ت الوجود“ جو پنٿ چيو ويو ۽ همه اوستي هوڪي جي هاڪ مُلڪان ملڪ مشهور ٿي.

ڪبير ڀڳت پنهنجي خيال جي سمجهاڻي ڏيندي فطرت جي نظارن  کان مدد وٺي ٿو ڇوته فطرت انسان لاءَ پهريون ۽ وڏو اُستاد رهي آهي.انسان پنهنجي اندر ۾ سمايل ڄاڻ جي املهه ماڻڪن کي فطرت جي ڪُشاديءَ ڪُک سان ڀيٽي پرکيو آهي ، موکيو آهي ۽ اڳتي وڌايو آهي. ان ڪري انسان  ڄمندي ڄام آهي . کيس زندگي گهارڻ جو بنيادي علم آهي. هو ڪنهن اداري ۾ رسمي تعليم جي دائري جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ٿو يا نه پر فطرت سندس سکيا گهرآهي. انسان جو خارجي علم اڪتسابي آهي جڏهن ته  داخلي داڻا ازلي عطا آهن. انساني ثقافت سکڻ رويئي مان اُڀري ٿي جيڪو خارجي آهي پران کي ڄائي ڄم کان جيڪو داخلي بنياد ميسر آهي ان جي آڌار تي ئي سموري واڌ ويجهه ۽ اوسر ٿئي ٿي. انساني ذهن جا پُرپيچ تهه تمام ڳوڙها ۽ ڳتيل آهن جن جي هڪ هڪ ڳُڙت ڳوڙهين ڳالهين جي ڳنڍو آهي. ڪبير ”ڪايا“ يا وجود بابت سمجهاڻي ڏيندي ٻُڌائي ٿو؛

سادهو سهجي کايا سودهو

جيسي  بٽ کا بيج تاهي مين پتر پهول پهل چهايا

کايا مدهي بيج براجي، بيجا مدهي کايا

اگن پون پاني پرتهي نبهه تا بن ملي ناهين

کا جي پنڊت کرو نرنئي کو نه آپا ماهين

جل بهر کمبهه جلي بچ دهريا، باهر بهيتر سوئي

ان کو نام کهن ڪو ناهين، دوجا دهوکها هوئي،

کهين کبير سنو بهائي سادهو، ستيه شبد نج سارا

آپا مدهين آپي بولي آپي سرجن هارا

ڪبير انهي سمجهاڻيءَ کانپوءِ محبت جي رڱ ۾ رڱجڻ جي ڳالهه اوريندي چوي ٿو ته هاڻي اُچڙمنائي يعني بيچيني يا اڻ تُڻ ختم ٿي ويئي آهي ، سڪون ملي ويو آهي. ”تتو“ (ڏٺي)  ۾” نهه تتو“(اڻ ڏٺي) جو درشن ڪيوسين. سنگ جوسُسنگ سريو اهڙي سُٺي صحبت  سمورن ٻنڌڻن مان آجو ڪري ڇڏيو آهي. سڀئي ٻنڌڻ ڇيڪ ڇڄي پيا آهن. ڪبير چوي ٿو پريم رڱ ۾ رڱجي ” اگم“   ڀيد ڀيديوسين. هو فرمائي ٿو؛

چلت منسا اچل کينهي، من هوا رنگي

تتو مين نهه تتودرسا، سنگ مين سنگي

بندهه ني نربندهه کينها، توڙ سب تنگي

کهين کبيرا گم گم  کييا، پريم رنگ رنگي

چلت منسا جهڙي مٺڙي ٻول سان من جي اڻ تڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته من هوا جي حرص ڀريل آهي.من واقعي هوا جي رڱ ۾ رڱيل آهي. تتو (شڪل ، صورت، روپ) ۽ نه تتو (اروپ، صورت کان مٿاهون) جو ذڪرڪري ، ڪبير ڳالهه جي ڳوڙهائيءَ کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. خواجه محمد زمان لنواريءَ واري به پنهنجي هڪڙي ٻول ۾ ان حال جو احوال هن ريت اوريندي ، فرمايو آهي؛

نڪي اوڏو اک کي ، نڪي نظران ڏور،

وڃان ايئن وهلور، جيئن ڏٺوئي اڻ ڏيٺ ۾

بيان جو اهو انداز پُرلطف آهي ته تضادات هڪٻئي کي سپورٽ ڪن. اهو اهڙن لطيف نڪتن تي ئي اچي محسوس ٿئي ٿو جتي تضادات جي  سائنس کان ڪم ٽپي وڃي ٿو ۽ تضاد اچي هڪ نقطي وٽ جوڙ ٺاهين ٿا.ان جوڙ جو بيان واه واه آهي. ڪبير به اهڙا نيارا ۽ نرالا بيان ڪري ٿو جن ۾  هو باريڪ ڳالهيون انتهائي اثرائتي نموني ڳرهي ٿو جو پڙهندڙ توڙي ٻُڌنڌڙ کي سولائيءَ سان سمجهه ۾ اچي وڃن ٿيون. هو اظهاري ٿو؛

جو ديسي  سو تو هي ناهين، هي سو کها نه جاءِ

بن ديکهي پرتيت نه آوي، کهي نه کو پتيانا

سمجها هوئي تو شبدي چينهي، اچرج هوئي ايانا

کوئي دهياوي نرآکار کو، کوئي دهياوي آکارا

يا ودهه اس دونون تين نيارا، جاني جانن هارا

وه راگ تو لکها نه جائي، ماترا لگي نه کانا

کهين کبير سو پڙهي نه پرلي، سُرت نرت جي جانا

ڪبير فرمائي ٿو ته ”جيڪي ڏيک جي ويک ۾ اچي ٿو سو هو ناهي. جو ڪجهه اهو بيان کان مٿاهون آهي. ڏسڻ کانسواءِ  ويساهه (پرتيت) نه ايندو ۽ جيڪو بيان ڪيو وڃي اهو ويساهه جوڳو ناهي.عرفان جي اوت وارو ئي ٻول کي سُڃاڻي سگهي ٿو. اياڻو ته حيران آهي. ڪوئي نرآڪار (شڪل صورت کان مٿاهون) کي ڌياني ٿو. ڪوئي آڪار(صورت، روپ) کي ڌياڻ ۾ آڻي ٿو. ڄاڻڻ وارا ڄاڻن ٿا ته ”هو“ انهن ٻنهي کان ڏور آهي. اهو راڳ لَکي نٿو سگهجي . ان جون ماترائون ڪن سُڻ کان مٿاهيون آهن. ڪبير چوي ٿو ته جنهن پريم ۽ ويراڳ ٻنهي کي اپنايو ان کي موت کان ڇوٽڪارو ملي ويو.“  ڪبير ان نموني ڪافي ڳوڙهيون ڳالهيون ڪندو هلي ٿو. هو ڏسڻ ۽ چوڻ جي جڏهن ڳالهه ڪري ٿو ته يقينن اها ڳالهه هو هڪڙي جامع تناظر۾ ڪري ٿو. عام سوچ ۾ اک جو ڏسڻ ئي ڏسڻ سمجهيو وڃي ٿو پر اک جو ڏسڻ محدود آهي. انساني اک جي بصارت جو ن پنهنجون حدون آهن. انسان به ٻيون اهڙيون اکيون تخليق ڪيون آهن جيڪي انساني اک جي انهن حدن کي لامحدود ڏانهن وٺي وڃن ٿيون. مثال طور دوربيني، خوردبيني، بحربيني سڀئي اهڙا اوزار آهن جيڪي انساني اک کان اڳڀرو ٿي ڏسڻ جي سهوليت مهيا ڪن ٿا تنهنڪري اک کي انهن کان مدد وٺڻي پوي ٿي. اهڙي ريت ڏسڻ جا ٻيا انيڪ لقاءَ آهن.چوڻ مان مطلب انساني زبان جو چوڻ آهي پر انساني ٻولين اڃا ايتري ترقي نه ڪئي آهي جو انسان جي محسوسات کي مڪمل اظهاري سگهن. دنيا وڌڻ جي ڪري وري ٻوليون به ورهابيون ويون آهن تنهنڪري انهن ۾ به ايتريون وڇوٽيون نظراچن ٿيون جو سمجهڻ لاءِ انهن کي سکڻو پوي ٿو.ايئن ڏسڻ ۽ چوڻ واري انساني صلاحيت جي اوڻاين کي هرهڪ سمجهي سگهي ٿو. ڏسڻ کانسواءِ ويساهه نه ايندو آهي پر جيڪو بيانيو وڃي پيو اهو ويساهه جوڳو ڪانهي. پاڻ سُڃاڻندڙ يا عارف هجي ته لفظن جي لُب لباب کي سمجهي پر اياڻو هوندو ته  اچرج ۾ پوندو.ڪن جي نظر ۾ اروپي ڪا ئنات آهي ته ڪي صورت جي سُلطانيءَ تي ڌيان رکيو ويٺا آهن پر ڄاڻو ڄاڻن ٿا ته ”هو“ انهن ٻنهي ڳالهين کان ڏور آهي. ڏٺل ۾  اڻ  ڏٺل آهي ته اڻ ڏٺي ۾ ڏٺل آهي. اهو سُر اهڙو راز آهي جنهن جون تانون ، جنهن جا پلٽا ٻُڌڻ  کان مٿاهان آهن. ان  نڪتي ۾ به ڪبير انتهائي ڀلوڙ ڳالهه چوري ٿو ته جيئن ”ڏسڻ“، ”چوڻ“اوڻائي رکن ٿا ۽ محدود آهن تيئن ”ٻُڌڻ “ جي سگهه به پوڻي آهي يعني انساني ڪن کي ڪائنات جي سمورن آوازن ٻُڌڻ جو ملڪو حاصل ناهي. ڪيئي آوازي لهرون فضا ۾ ۽ فضان کان ڏور روان دوان آهن پراهي انساني ”سُڻڻ سگهه“ کان  پري آهن.اهو راڳ لطيف راڳ آهي جنهن جي طلب جون تندون تن من ۾  وڄن ٿيون. انهي لطيف راڳ کي ٻُڌڻ کانپوءِ انسان  جنهن محويت ۾ ٽٻي هڻي ٿو تنهن  جا لقاءَ نيارا آهن. ڪبير هرڳالهه ڪري موٽي اچي عشق جي ڳالهه ڪري ٿو پريم جي واڻي ورنائي ٿو. عشق ئي اهڙي املهه وٿ آهي جنهن تي هرشئي جو بنياد آهي. عشق کي محسوس ڪندي ، ڀٽائي هن نموني سُر سهڻيءَ ۾ فرمايو آهي؛

ساهڙ جا سينگار، اڻ لَکئا اڳي هئا

نڪا ڪُن فيڪون هئي، نڪا ٻي پچار

نڪو سڄ نه چنڊ هو، نڪا ڌُو ڌُو ڪار

ملڪنئو ن مهند هئي، توڏيءَ جي تنوار

محبت ساڻ  ميهار، لايائين لطيف چئي.

عشق محبت جي انهن لطيف پنڌن جي پٽن جي جيتري به ڳالهه ڳائجي ، اوترو ٿوري ۽ اڻ پوري آهي. ڪبير پنهنجي من اندر جي ڳالهه سولي انداز ۾ مثال ڏيئي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جيئن هرڪو انسان جي حيثيت ۾ ڪائنات جي عبارت  اندر پنهنجو پاڻ کي سُڃاڻي ۽ پرکي به سگهي.

 

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀني سان سٺا پير ڀريندڙ تاج جويي جو هڪ اتساهه پاسو

رکيل مورائي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ آڳاٽي چوڻي آهي، شايد مُهاورو آهي ”پنهنجن سان  سٺا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے