21 ہفتہ , اپریل 2018

جاڏي پير تاڏي خير 35

روسي انقلاب ۾ آيل سوشلسٽ نظام سڄي دنيا تي اثر ڇڏيا. غريب ملڪن جي ڏتڙيل عوامَ ۾ اتساهه پيدا ٿيو، ان انقلاب خوشحاليءَ جي خوابن لاءِ پيڙهه جو پٿر رکيو.

روس ۾ جاسوسي ادارو ”ڪي جي بي“ KGB ٺهيو، جنهن آمريڪي جاسوسي اداري ”سي آئي اي“ CIA سان مهاڏو اٽڪائڻ سان گڏوگڏ نظام سان سهمت نه ٿيندڙ شاعرن ۽ ليکڪن جو جيئڻ جنجال ڪيو، اهي انقلاب دشمنن لاءِ پويون ڏينهن بڻيا.

****

سولزي نٽسن جهڙو سُٺو نثر لکندڙ پنهنجي ناول ‘‘ڪينسر وارڊ’’ ۾ انقلاب جا بخيا اڊيڙي، سائيبريا ۾ سزا جا سور سهي، عالي شان ننڍو ناول لکي، ان جو عنوان (One Day in the Life of Ivan Densovich) رکي، ڇپائڻ کان پوءِ آمريڪا ڀڄي ويو. حياتيءَ جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ سوشلسٽ نظام جي ”تمت بالخير“ ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي وطن واپس وريو. جهاز مئون لهڻ سان پنهنجي ديس جي ڌتيءَ کي سجدي ۾ وڃي چمي ڏنائين.

روسي صدر ويلسين کيس اعزاز ۽ تمغو ڏيڻ جو اعلان ڪري تقريب رکي. هو بيماريءَ ۽ ڪمزوريءَ وگهي اچي نه سگهيو. صدر موصوف اعزاز ۽ تمغو کڻي، کيس گهر وڃي ڀاڪر پائي ڏئي آيو.

****

اسان جا ڪي سهڻا ليکڪ ميڙ منٿ ڪري، سنگت ساٿ کان چَورِائي، ٻين جا حق لتاڙي، ايوارڊ جو اعلان ڪرائين ٿا. سيڪريٽري صاحب علاج لاءِ پرڏيهه يا ذاتي ڪم سان وڃي ٿو، ته ليکڪ پنهنجو ايوارڊ کاتي جي پٽيوالي کان سندس ڪوارٽر مان وڃي وٺي ٿا اچن.

روس جي سٺي شاعر بورس پيسٽرناڪ ناول ‘‘ڊاڪٽر زواگو’’ لکيو. ٻڙڌڪ مچي ويو. نوبل انعام جو اعلان ٿيو. سنڌ جي ڪنهن ملهه پهلوان جهڙيون مُڇان رکندڙ سوويت صدر جوزف اسٽالن ان شاعر جي ماني حرام ڪري ڇڏي. هو دلبر نوبل انعام تان هٿ کڻي ويو.

****

سنڌ جي اديب، پڙهاڪو ۽ سوشلسٽ خيالن جي مالڪ رئوف نظاماڻيءَ کي اهو ناول ڪونه وڻندو هو. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان مان رٽائر ٿيڻ کانپوءِ ڀاڄي ڀُتي وٺڻ لاءِ معاوضو وٺي، ناول ‘‘ڊاڪٽر زواگو’’  سنڌيءَ ۾ سليقي سان ترجمو ڪيو. سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ڇپايو آهي، ٻه ٽي ورهيه اڳ ڇپايل اهو ڪتاب اڃان نه کپيو آهي، اتي جو اتي پيو آهي.

****

سولزي نٽسن جو ناول ‘‘ڪينسر وارڊ’’ هندوستاني اديب ۽ سوويت پاليسين جي سخت دشمن گوپال متل اردوءَ ۾ ترجمو ڪري، چاليهه سال اڳ پاڻ ئي ڇپايو هو، اهو ساڳيو ڪتاب ٻه سال کن اڳ، فڪشن هائوس لاهور پاران ٻيهر ڇپايو ويو آهي.

جوزف براڊسڪي جهڙو سهڻو شاعر آميريڪا هليو ويو، هن کي نوبل انعام ملي چڪو آهي. ‘‘لوليٽا’’ (LOLITA) جهڙي خوب صورت ناول جي ليکڪ ولاديمير نوباڪوف هن پويان وڃي آمريڪا جا وڻ وسايا.

ماياڪووسڪي ماسڪو ۾ هڪ چوڪ تي پنهنجا عالي شان نظم پڙهندو هو ته ماڻهن جو درياءُ اٿلي پوندو هو. آڪٽوبر انقلاب سان هن جي نه پئي، ٺاه نه ڪري سگهيو، جيءُ جلي ويس، نيٺ ڪڪ ٿي ڪري پنهنجو انت آندائين.

اليگزينڊر بلاڪ ڏاڍو سٻاجهو شاعر هو، هن کي گم ڪري ماريو ويو، سنڌ جي وڏي ڪهاڻيڪار جمال ابڙو جهڙيون سٺيون ۽ ٿوريون ڪهاڻيون لکندڙ ڪهاڻيڪار آئزڪ بيبل کنڀجي ويو، انيڪ شاعرن ۽ ليکڪن کي سمنڊ ۾ سئيءَ وانگر گم ڪيو ويو.

****

روس وارن اسان جي ديس جي اردو شاعر فيض احمد فيض کي لينن امن انعام سان نوازيو هو. فيض صاحب خبر ناهي ڪهڙو امن ڪرايو هو؟ هو ته سدائين پنهنجي ملڪ ۾ جهموريت واري دور ۾ اديبائن جي ولر ۾ ويهندو هو. جڏهن ڪارو دور ايندو هو ته  مزاحمت  ڪندو هو. پوءِ پاڻ هرتو جلا وطنيءَ جو پلي ڪارڊ  کڻي ڪڏهن لنڊن ته ڪڏهن بيروت ۾ عربي ٻوليءَ جي سٺي ليکڪ ۽ رسالي ‘‘لوٽس’’ (Lotus)  جي ايڊيٽر يوسف السباعيءَ وٽ رهندو هو جتي ساڳيون شيون نه هونديون هيس. ‘‘ٻانگ ملي آهي، وڃ! بوتل ۾ پيل باهه کڻي اچ’’.

****

وڏو شاعر ۽ ليکڪ ايوارڊن کان مٿانهون هوندو آهي، هن کي ايوارڊن جي غرض به ڪونه هوندي آهي پر ڪنهن سگهاري شاعر کي ايوارڊ ڏيڻ سان، ايوارڊ کي اعزاز ملندو آهي.

ڏٺو وڃي ته لينن امن انعام حبيب جالب جو حق هو. هو شاعر سان گڏوگڏ عوامي، سياسي ڪارڪن هو، جنهن لٺيون کاڌيون، ڌڪا ۽ ٿاٻا کاڌا، آڇ ٿيل ڪرسين کي هڪ ئي لت هنيائين، هر حڪمران کي لنڊن ۽ بيروت ۾ ڳالهائڻ ۽ نظم پڙهڻ بدران کين منهن تي سچ چئي ڏنائين، حق جي ڳالهه ڪيائين ته هنن کيس ڪاٺ ۾ وجهرائي ڇڏيو. مرندو مري ويو، آڻ نه مڃيائين. اڄ به هن جا نيڪ فرزند لاهور جي هڪ وچولي هوٽل ۾ ٻوڙ رڌينڌي ۽ مزدوري ڪندي پيٽ پالي رهيا آهن.

جيب جالب صاحب کي اهو انعام نه مليو جو هن جو لباس سادي سٿڻ ۽ قميص هو، قميص جو کيسو ڦاٽل هو، هن جي وڏي بنگلي جي وشال ڊرائنگ روم ۾ هن جي چترڪاري ڌيءُ مسز سليما هاشميءَ جي سهڻي ڪئليگرافي ۾ لکيل هوند هو ته ‘‘دنيا جا مزدورو هڪ ٿي وڃو’’. جيب جالب عملي طور مزورن کي هڪ ڪندو هو پر اُجرت هن جي بدران بينر واري کي ملي وئي.

****

فيض صاحب جي نظم ‘‘مجهه سي پهلي سي محبت ميري محبوب نه مانگ’’ لکيو، ڇپيو. سرخن کي زائفان جي چپن تي لڳل ڳاڙهي سرخيءَ وانگر وڻيو. انقلاب ۽ عشق جي نظم ۾ لڙائي هئي. چوڌاري واهه واهه ٿي وئي. محبوبا سرخ انقلاب جي اوسيئڙي ۾ ويٺي رهي. ڳري ڳري ميلاپ بنا، سورن ۾ سڙي، ڪراڙي ٿي، مري وئي، انقلاب نه آيو. روس وارو انقلاب ئي آسرن جي لام تي چڙهي ويو. ان نظم کي فلم ‘‘قيدي’’ جي ڊائريڪٽر جنهن نموني فلمايو، ان ڄڻ نظم کي ڦاڙي ذريون ذريون ڪري ڇڏيو. ڊائريڪٽر صاحبه موسيقار رشيد عطري کان موسيقي ترتيب ڏياري، مئڊم نورجهان جي سريلي آواز ۾ رڪارڊ ڪرايو. جهر جهنگ ۾ وڄڻ لڳو. فيض صاحب کي مشهوري ڏيارڻ ۾ مئڊم نور جهان جو وڏو هٿ ايئن هو، جيئن استاد بخاري کي منظور سخيراڻي. ٻئي هڪ ئي شهر دادوءَ جا سو هِن هُن جا جهجا ڪلام ڳايا. ٻئي شهرت جي اڀ تي چمڪڻ لڳا.

****

اسان جو دلبر شاعر عبدالغفار ‘‘تبسم’’ به ڳائڻ وڄائڻ جو شوقين مڙس، اهو ڇو پوئتي هجي. منظور ميان کي ڪراچيءَ گهرائي، بنگلي ۾ رهائي خدمتون ڪري کيس جهومائي ڇڏيائين. هن يار جو ڪلام ڳايو. ‘‘ها مان تنهنجي بنا ڪجهه به ته ناهيان’’ مشهور ٿيو. ڏک جي ڳالهه اها ٿي، جو منظور سخيراڻيءَ تي شاعري ڳائڻ ۾ استاد بخاريءَ جو ٺپو لڳل هو، ان ڪري اهو ڪلام ماڻهو اڄ ڏينهن تائين استاد بخاريءَ جو سمجهندا آهن.

****

فيض صاحب جو نظم وڏو انقلابي هو، ڊائريڪٽر صاحب ان کي فلمي گانو بڻائي، پنهنجي فلم ۾ اداڪارا شميم آرا تي فلمايو. هن پرفارمنس ڏاڍي سٺي ڏني.

ان وڏي نظم جو فلم ۾ ڏيک ائين آهي جو فلم جي هيروئين جنهن سان ڪوٺا ٽپي ملندي آهي، ظالم سماج ڪري هن جي شاديءَ جي رٿا ٻئي جوان سان ڪئي ويندي آهي، هوءَ اها ڳالهه ٻڌي جهنگ ۾ ڏک مئون، ڪن تي هٿ رکي ڳائيندي آهي ‘‘مجهه سي پهلي سي محبت ميري محبوب نه مانگ’’.

فيض صاحب کي پنهنجي نظم جي حشر جي سڌ پئي، هو طبيعت جي حوالي سان ڏاڍو ڀلو ماڻهو هو، دشمن کي به دعا ڏيندو هو.

هن ڊائريڪٽر ڏانهن فون ڪئي. فلم جا ڊائريڪٽر سٺ ستر جي ڏهاڪي جا ذهين ۽ چتر چالاڪ هوندا هيا، هن جي ونءُ ڪرڻ سان ڳالهه کي سمجهي ويو.

شام جو سندس بنگلي تي اچي، اسڪاچ بوتل، 555 سگريٽن جو ٻانڌو کڻي حاضر ٿيو، اهي شيون ميز تي رکي، کيس ڀاڪر وڌائين ته فيض صاحب ٺري پيو.

****

روس ڄائي وڏي برجستي ليکڪا آئن رئنڊ به انقلاب کي منهن نه ڏئي سگهي، آمريڪا وڃي سک جو ساهه کنيائين. هن انقلاب کانپوءِ جي روس جي حالتن تي ڪمال جو ناول لکيو آهي. ٻين ناول نويسن سولزي نٽسن وغيره سٺا ناول لکيا، هنن وٽ واويلا آهي، اجائي پروپيگنڊا آهي پر هن مائيءَ وڻ وڄائي ڇڏيا آهن. حالتن جي اهڙي سچائيءَ ۽ سادگيءَ سان منظر ڪشي ڪئي آهي جو ڪهڙي ڳالهه ڪجي!

هن جي ٺاهوڪي ناول (We The Living)  جو اردو ترجمو، سنڌي ٻوليءَ جي سٺي ليکڪ، نيڪدل انسان الطاف شيخ صاحب واري اداري پاڪستان مئرين اڪيڊمي مان ريٽائرڊ ٿيل آفيسر بنگالي بابو اعجاز بن اسد ڏاڍو سٺو ڪيو آهي. اردو ۾ ‘‘هم جو زندا هين’’ عنوان سان سٽي بڪ پوائنٽ ڪراچي پاران ناول ڇپرايو ويو آهي.

****

اسان جي ديس ۾ چئنلن جي يلفار نه هئي، پاڪستان ٽيلي ويزن ڪارپوريشن هڪ ادارو هو، سونهري دور هو، خبر ان مورڳو ‘‘حڪومت نامو’’ هوندو هو، باقي ٻيا پروگرام ناٽڪ، موسيقي ۽ ڪوئز شو وغيره ڏاڍا عاليشان هوندا هيا.

پروڊيوسرن ۾ شعيب منصور، هارون رند، محمد بخش سميجو، ياور حيات، نصرت ٺاڪر، راشد ڊار، قاسم جلالي، محسن علي، آغا ناصر، حيدر امام رضوي، سائرا ڪاظمي، سلطانا صديقي ۽ سجاد احمد جهڙا ڄاڻو، ذهين ۽ پڙهيا لکيا همراهه هوندا هيا. اٺين وڳي رات جو قسطوار ناٽڪ هلي ته گهرن ۾ ماڻهو ستين وڳي کان ٽي وي اڳيان وڃي ويهندا هيا.

مائي آئن رئنڊ جي هڪ ناول (Fountain Head)  جي ڊرامائي تشڪيل ڏئي پيش ڪيو ويو هو، ناول کي پڙهئي لکئي اداڪار راحت ڪاظمي ناٽڪ جو روپ ڏنو هو، ذهين پروڊيوسر شهزاد خليل شاندار نموني پيش ڪيو هو. سٺن ماڻهن جو قدر الله به ڪندو آهي سو هن کي ننڍي عمر ۾ پاڻ وٽ گهرائي ورتائين. ڪراچي سينٽر ٻاهران ڀت جي ڪنڊ تي هن جو بورڊ ‘‘شهزاد خليل اوينيو’’ لڳل آهي، اداڪارا بدر خليل سندس زال هئي.

هن ناٽڪ ۾ مک ڪردار راحت ڪاظمي ۽ سندس زال سائرا ڪاظمي نڀايا هيا. تمام وڏي ايڪٽر سنڌ جي سائين شفيع محمد شاهه، اخبار جي ايڊيٽر جي ڪردار ۾ڏاڍي سٺي اداڪاري ڪئي، ان ئي کيس مٿي آندو، هو اڳتي هلي (Legend)  بڻجي ويو. ناٽڪ ۾ آرڪيٽيڪچر جي ڪردار ۾ شاهد جميل به اڻ وسرندڙ اداڪاري ڪئي هئي. شهزاد خليل صاحب ان سيريل ذريعي ناٽڪن ۾ هڪ نئون رخ ڏنو. هن پسمنظر ۾پهريون ڀيرو نظم ڏنو. هن شاعر احمد شميم جو هڪ نظم ، اختر الله دته جي موسيقيءَ ۾، نيره نور کان ڳارائي، گهٽين ۾ گونجائي ڇڏيو هو:

”ڪڀي هم ڀي خوبصورت ٿي،

ڪتابون ۾ بسي خوشبو ڪي مانند

سانس ساڪن ٿئي.“

 

 

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽئين ڪلاس جي آرٽسٽ شاگردياڻي سهائي ڪمال ڄامڙو جو انٽرويو:عوامي آواز سٿ

پيارا ٻارو! اڄ اسان اوهان جي ملاقات هڪ اهڙي ٻارڙيءَ سان ڪرائينداسين جيڪا ڪراچيءَ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے