20 خميس , سيپٽمبر 2018

بڙ جي گهاٽي ڇانو جهڙو شخص سيد ديدار حسين شاهه

اي-آر سولنگي

ميڊيا جي اُڏامندڙ خبرن ۾ هُن کي جيالو جج ڪوٺيو ويندو هُئو، اڳتي هلي شايد سنڌ سندس اهو تاثر ۽ حوالو قبولي ها، جيڪو اڄ جيالن جو جڙيو آهي. سڄي سنڌ موهن جو دڙو آهي، ان ڪري هاڻ سڄي سنڌ جي تباهيءَ تي فخر ڪرڻ جو سبب اسان کي جيالن مُيسر ڪري ڏنو آهي پر ان سڀ کان اڳ هُن جيالو بڻجڻ کان لنوايو. هُن پنهنجو شخصي منصب اهم سمجھيو.

هُو جج به بڻيو ۽ هُن اهو ثابت ڪيو ته جج جو منصب ڇا هجڻ گھرجي، ان لاءِ جڳ مشهور ڪالم نگار ”اردشير ڪائوسجيءَ“ جوئي جڳ مشهور جملو، هُن جي آتم ڪٿا ۾ موجود آهي، ٻيءَ طرح هُن جيالن جي جياپي لاءِ پنهنجي اڇن ڪپڙن ۽ بليڪ ڪوٽ تي ڪوبه داغ لڳڻ نه ڏنو ۽ مخالفن کي مناسب ۽ گھربل انصاف ڏيئي، پنهنجي منصب (جج واري)جي آبرو رکي. هونئَن هن ملڪ ۾ ججن جيڪا پنهنجي پيشي جي آبرو رکي آهي ان جا به ڪي ڪارا چٺا ۽ اَڇا اکر اُن آتم ڪٿا ۾ آهن جنهن جو مان ذڪر ڪرڻ گھران ٿو.

هُن آبرو دار شخص جي آتم ڪٿا، انهن لاءِ به اعزازي مرتبو رکندڙ بڻجي پئي آهي، جيڪي سياسي توڻي نظرياتي طور ساڻس سهمت نه آهن ۽ انهن لاءِ ڏکوئيندڙ بڻجي پئي آهي، جيڪي کيس نظرياتي طور ويجھو سمجھن ٿا، جيتوڻيڪ انهن جو نظريو ڪو به نه آهي، سواءِ بُک مِٽائڻ جي، جيڪا هُنن جي زندگيءَ ۾ مٽجڻي نه آهي ۽ جنهن لاءِ هنن قوم، رنگ، نسل، آداب، اخلاق ۽ وطن سميت سڀ ڪجھه قربان ڪرڻ جو سوچي رکيو آهي.

ٻئي طرف هيءُ شخص آهي، جنهن پنهنجو جنم سجايو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته هُو سمجھي ٿو ته هڪ شخص کي هڪ جنم ملندو آهي ۽ ٻيو جيڪو جنم هوندو آهي ان ۾ هُو پنهنجي پهرئين جنم جي ڪمائي کائيندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو سندس آخري جنم هوندو، هُو ڪائنات ۾ هڪ ئي جنم وٺندو آهي ۽ پوءِ ڪيترائي جنم ان جنم جي کٽئي تي جيئندو آهي، پنهنجي اولاد جي صورت ۾ پنهنجي عمل جي صورت ۾، پنهنجي ڪارنامن جي صورت ۾ ۽ پنهنجي تخليق جي صورت ۾.

پڪَ سان هُو اڄ تائين اهو جنم جي رهيو آهي جيڪو کيس ڌڻي سائينءَ اڄ جي ڏينهن کان شروع ڪيو هُئو. ڇاهتر سال اڳ ۾ باقي جنم هُو ڪئين جيئندو، اهي سندس اهي عمل آهن، جيڪي هُن انسانن لاءِ ڪيا آهن، جن جو ذڪر مان مٿي ڪري آيو آهيان، انهن تي اعتبار ڪرڻ لاءِ سندس هٿ اکر لکيل دستاويز اڄ سنڌ جي اڻ ڳڻين پڙهيل لکيل ماڻهن وٽ موجود آهي. جنهن جو نالو آهي ”گوندر ويا گذري“.

ٻيءَ طرح جن شخصن جي هُن سان ويجھڙائي رهي آهي، اهي سڀ ڄاڻن ٿا ۽ جيڪي وڌيڪ ڄاڻن چاهين ٿا، انهن لاءِ رڳو ايترو سمجھائڻ گھڻو آهي ته سج جڏهن ٽامڻي هڻي ويندو آهي، هُن جي موجودگي تارونءَ مٿان محسوس ٿيندي آهي، تڏهن بڙَ جي ڇانوَ وڌيڪ ٿڌي ٿي ويندي آهي، اُهي اجھي جو احساس ڏيارڻ لڳندا آهن، ايئن ڪي شخص به هوندا آهن، جن جي ڇانوَ ۾ ويهي پنهنجائپ جي ٿڌاڻ محسوس ٿيندي آهي. مون پنهنجي اڌ صديءَ کي رسندڙ عُمر ۾ ڪي اهڙا شخص ضرور ڏٺا آهن ۽ انهن جي پاڇي جي ڇانوَ جو احساس به ماڻيو آهي، شايد اُهي منهنجا ڀاڳ آهن ۽ اهڙا ڀاڳ ڪن ٿورن جي نصيب ۾ ايندا آهن ۽ پڪ سان اهڙن شخصن لاءِ ئي شايد ڀٽائي چيو هُئو ته:

تان ڪي ساڻن اور، جان آهن اوطاقن ۾،

ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾، پاڻُ مٿانئُن گھور،

ويا جي هنگلور، ڪرمَ ملندءِ ڪاپڙي.

اڄ جي نسل کي، اهڙن شخصن سان ڪي گھڙيون ويجھو ٿي گھارڻ گھرجن، شايد اڄ جي تيز ڊوڙندڙ ۽ رشتن جي، ڀتين جيان ڀوريندڙ ۽ شخص جو شخص مان اعتبار ختم ڪندڙ دور ۾ کين جيئڻ جو اُتساهه ملي وڃي، سنڌ جي ثقافتي قدرن ۾ اعتبار موٽي اچي. ماڻهپي جو مرتبو مٿانهون ڏسڻ ۾ اچي ۽ انهن قدرن سان سنڌ جي تهذيبي سفر تي نئين سِري کان سوچڻ شروع ڪن. پڪ سان ايندڙ وقت ۾ اهو سڀ شايد نه ملي سگھي. اڄ کين ڪُجھه ملي سگھي.

اڄ جي ڏهاڙي يارهين ڊسمبر اُڻيهه سئو اوڻيتاليهن تي سنڌ کي هڪ اهڙو شخص نصيب ٿيو هُئو، جنهن جو نالو… پر نالن ۾ ڇا رکيو آهي، ان نالي سان ۽ زات سان سنڌ ۾ ڪيترائي ٻيا شخص به ٿي سگھن ٿا. اهي سڀ اهڙا هوندا ڇا؟.. جن جو نالو کڻڻ سان سنڌ جي صدين جي پنهنجائپ، سهپ، بُردباري ۽ پاٻوهه هڪ ئي وقت دل ۾ محسوس ٿئي، ڀٽائيءَ سنڌ جي محبوب شاعر اُن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجھه، اچي بوءِ بهار جي.

ڪنهن جي نالي کڻڻ سان بهار جي مُند جو احساسُ ٿئي، سڀني نالن کڻڻ سان ائين نه ٿيندو آهي.

اڄ جي تاريخ ۾ اهڙو نالو کڻدي گھڙيءَ کن لاءِ ٿڌي ڇانوَ جو احساس ماڻيندي. احترام ۽ عقيدت سان مان لکڻ چاهيان ٿو.

سنسار جا ڪيترائي لقب چيف جسٽس تائين سندس نالي جي اڳيان توڻي نالي جي پٺيان جڙيل آهن، پر مون کي انهن سڀني جي نسبت غير اهم لڳي ٿي، سنساري ماڻهن لاءِ انهن جي اهميت هوندي، ڇاڪاڻ ته انهن جو واسطو انهن لفظن ۽ منصبن سان آهي، پر مون کي اهو لکندي بيحد آٿت ملي ٿو ته هُو، اسان لاءِ، مون لاءِ سائين ديدار حسين شاهه آهي. ڇاڪاڻ ته انهن لفظن ۾ جيڪا پنهنجائي آهي مان انهن جي گرمي محسوس ڪرڻ گھران ٿو ۽ ان ئي گرمجوشيءَ مان اڄ سندس اٺهترهين جنم ڏڻ تي کيس اڻ ڳڻيون مبارڪيون ڏيان ٿو. سنڌ کيس جنهن به طريقي سان نيڪ خواهشون موڪلي، اهو ان جو مسئلو آهي، هُو مون لاءِ ”سائين“ آهي، اڄ سندس ڄمڻ ڏينهن آهي، پاڻ وڏي ڄمار ۽ سٺي صحت ماڻي، اهڙي خواهش سانڍيندي گھڻيون دعائون.

 

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے