18 جمعرات , جنوری 2018

سوشل ميڊيا جو مثبت استعمال

الطاف پيرزادو

جيئن هر عمل جو رد عمل هجي ٿو، بلڪل ايئن ئي هر شيء جا هاڪاري پاسا به ٿيندا آهن ته ناڪاري به، صحافت يا ميڊيا پرنٽ ميڊيا کان اڳتي وڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ پير پاتو، جنهن ۾ اڄ ڪلهه سوشل ميڊيا وري اهڙي جدت ۽ نواڻ آندي آهي جو ڪنهن به معاملي تي گهر ويٺي پنهنجي موبائيل جي استعمال سان راءِ جو اظهار به ڪري سگهجي ٿو، تجزيو به ڪري سگهجي ٿو ۽ ان جي هاڪاري ۽ ناڪاري پاسن تي بحث به ڪري سگهجي ٿو.

فيس بوڪ، واٽس ايپ ۽ ٽوئيٽر سوشل ميڊيا جون اهي شڪليون آهن جن ذريعي ڪنهن ميٽرو پوليٽن شهر ۾ ويٺل شهري هجي يا دنيا جي ڪنهن به ڳوٺ ۽ پٺتي پيل علائقي ۾ رهندڙ ڪو به ڳوٺاڻو اهو سڄي دنيا سان ڳنڍيل آهي ۽ سڄي دنيا ۾ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو هجي ٿو تنهن جي پل پل جي صورتحال کان واقف رهي ٿو.

منهنجي جنم ڀومي ٻلهڙيجي جنهن کي انور پيرزادي ”جاگيرادري سمونڊ ۾ مڊل ڪلاسي ڳوٺ“ سڏيو هو، سو سنڌ جي باقي ڳوٺن وانگر هڪ عام ڳوٺ آهي، جتي جو ڪاروهنوار به ايئن ئي هلي ٿو ۽ هلندو رهيو آهي، جيئن سنڌ جي ڪنهن به ڳوٺ ۾. هن ڳوٺ کي جنهن شيءِ سنڌ جي باقي ڳوٺن کان الڳ ڪري بيهاريو آهي سو هن ڳوٺ جي رهواسين جو ڀٽائي جي ”ڳنڍين سارو ڏينهن“ واري ڏنل فلسفي تي جيئن جو تيئن عمل ڪندي اڳتي وڌڻ آهي.

هن ملڪ تي جڏهن ضيا جي ڪاري مارشل لا مڙهيل هئي، ان وقت به هن ڳوٺ جا رهواسي سياسي شعور جي ڀوڳنا ڀوڳڻ، مارشل لائي سختيون، قيد ۽ صعوبتون سهڻ سان گڏوگڏ ڳوٺ جي ڀلائيءَ لاءِ پتوڙڻ ۾ به رڌل هئا. ٻلهڙيجي سنڌ جي تهذيبي مرڪز مهين جي دڙي جي ڪک ۾ ۽ سنڌو جي ساڄي ڪناري تي قائم ڳوٺ آهي، جتي حق ۽ باطل جي ترقي پسندن جي قدامت پسندن جي ويڙهه ورهين کان جيتوڻيڪ جاري رهندي پئي آهي پر سوڀ قدامت پسندن، روايت پسندن جي نه پر تبيلي چاهيندڙن ۽ شعور پکيڙيندڙن جي پئي رهي آهي.

سنڌ جڏهن ضيائي مارشل لا جي مصيبتن کي ڀوڳي رهي هئي ته ٻلهڙيجي واسي اهي مصيبتون ڀوڳڻ سان گڏوگڏ ڳوٺ کي بجليءَ جي روشنيءَ سان روشناس ڪرڻ لاءِ جاکوڙي رهيا هئا. يعني هن ڳوٺ کي بجلي، روڊ، گئس، صحت، تعليم جي سهولت لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري ڳوٺ واسين کي زندگي جون بنيادي گهرُجون سندن چانئٺ تي مُهيا ڪرڻ لاءِ جنهن جذبي جا بنياد انور پيرزادي، ڪاڪي قربان پيرزادي، ڪاڪي گلاب پيرزادي، ڀائو محب پيرزادي، ڪامريڊ ٺاري ماڇي ۽ مامي رمضان ساريي وڌا هئا، ٻلهڙيجيءَ جي اڄ جي ٽهي ۽ اڄ جو نسل به سندن پير تي هلندي جديد گهرجن پٽاندر پنهنجي وت وس ۽ سگهه آهر ڳوٺ وارن جي ڀلائيءَ لاءِ پتوڙي رهيو آهي.

ڳالهه پئي ڪئي سين سوشل ميڊيا جي مثبت استعمال جي، سو ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ٻلهڙيجي واسين مان ئي هڪ نوجوان ڊاڪٽر افتخار پيرزادي ”ٻلهڙيجي“ جي نالي سان واٽس ايپ گروپ 4 نومبر 2016ع تي قائم ڪيو، هن گروپ جو بنيادي مقصد اڄ جي هن نفسا نفسيءَ جي دور ۾ ڪراچيءَ ۾ ۽ ڳوٺ ۾ يا ايئن کڻي چئجي ته دنيا ۾ ڪٿي به رهندڙ ٻلهڙيجي واسين جو پاڻ ۾ رابطو قائم ڪرڻ هو. اهو گروپ قائم ڇا ٿيو، ٻلهڙيجي واسي پاڻ ۾ ڳنڍجي ويا ۽ ڪچهرين جو اهڙو سلسلو شروع ٿي ويو، جهڙو ڳوٺ جي اوطاقن ۾ هلندو آهي، هن گروپ تي نوجوان شاعر مسرور پيرزادي تجويز ڏني ته ڪراچيءَ ۾ ”ٻلهڙيجي هوم“ قائم ڪجي ته جيئن علاج وغيره لاءِ ڪراچي ايندڙ ڳوٺاڻن کي رهائڻ جي سهولت ملي ۽ اهي نوجوان جيڪي انٽرويو وغيره لاءِ اچن ٿا پر رهائش نه هئڻ ڪري پريشان رهن ٿا تن جو مسئلو حل ٿي سگهي، بس تجويز ڏيڻ جي دير هئي، هر پاسي کان واهه واهه ٿي وئي، ايئن ڪراچيءَ ۾ پهريون ڀٽائي آباد ۽ هينئر سفوران چوڪ تي ڪرائي جي جاءِ وٺي اهو ٻلهڙيجي هوم قائم ڪيو ويو آهي.

ٻلهڙيجي هوم کي ڪامياب ڪرڻ ۾ جيڪو ڪم سماجي خدمت جي جذبي سان سرشار ڊاڪٽر اصغر پيرزادي سرانجام ڏنو آهي، سو به ساراهه جوڳو آهي، هو دير سوير ”ٻلهڙيجي هوم“ ايندڙ مريضن جي خدمت ۾ هر وقت پيش پيش هجي ٿو، سنڌ جو سيوڪ مامو رمضان ساريو وري نه رڳو ٻلهڙيجي پر تر جي مختلف ڳوٺن ايتري قدر جو ڏوڪريءَ مان علاج لاءِ مريض آڻي هتي رهائي ٿو.

سو ان ٻلهڙيجي واٽس ايپ گروپ کي 4 نومبر 2017ع تي سال پورو ٿيو، هن ئي گروپ تي تجويز آئي ته جيئن ته ٻلهڙيجي واسين سوشل ميڊيا جو مثبت استعمال ڪندي ”ٻلهڙيجي هوم“ وارو عظيم ڪم ڪيو آهي تنهن ڪري اهو ڏينهن ڪراچيءَ ۾ ڀرپور نموني ملهائڻ گهرجي. ٻلهڙيجي هوم لاءِ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ۽ ڳوٺ ۾ رهندڙ ٻلهڙيجي واسي رضاڪاراڻي طور ماهوار پنج پنج سئو رپيا ڏين ٿا، ان مان گهر جو ڪرايو به ڏنو وڃي ٿو ۽ بچت به ڪئي وڃي ٿي، ڳوٺ جي هڪ ٻئي نوجوان مختيار سومري جنهن کي خاموش خدمتگار چوڻ غلط نه ٿيندو. تنهن ٻلهڙيجي هوم جو ڪرايو پاڻ ڏيڻ جو اعلان ڪيو. سو گذريل ڪجهه مهينن کان هو ”ٻلهڙيجي هوم“ جو ڪرايو ته ڀري ٿو پر ماهوار ڪنٽريبيوشن وارو سلسلو به پنهنجي جاءِ تي جيئن جو تيئن هلندڙ آهي. جنهن جو مقصد اڳتي هلي ”ٻلهڙيجي هوم“ خريد ڪري ٻلهڙيجي واسين کي مستقل سهولت مُهيا ڪرڻي آهي.

سو 5 نومبر 2017 تي ڪراچيءَ جي ڀٽائي آباد ۾ سبزازار ۾ ”ٻلهڙيجي واٽس ايپ گروپ“ جي پهرين سالگره جو جشن ڀرپور نموني ملهايو ويو، هن پروگرام ۾ اسٽيج سيڪريٽريءَ جا فرض سينيئر صحافي الطاف پيرزادي سرانجام ڏنا، جنهن ٻلهڙيجيءَ جي پنجن ليجنڊس يعني مامو رمضان ساريو، ڪامريڊ ٺارو ماڇي، قربان پيرزادي، ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادي ۽ ڪامريڊ گلاب پيرزادي کي شاندار ڀيٽا ڏيندي واري واري سان اسٽيج تي سڏيو. هن پروگرام جي خصوصي ڳالهه انور پيرزادي ۽ محب پيرزادي کي ڳوٺ لاءِ سندن خدمتن عيوض زبردست خراج تحسين پيش ڪرڻ هئي.

پروگرام ۾ مامي قاسم جانيئڙي کي شاهه جي وائيءَ لاءِ سڏائي پروگرام جي رونق وڌائي وئي، ايئن باري ابڙي به وائي پيش ڪري ڀرپور داد وصول ڪيو. ناليواري شاعر امر پيرزادي ٻلهڙيجي واٽس ايپ گروپ جي سال جي ڪارڪردگي پيش ڪئي ۽ حاضرين اڳيان مستقبل جا پلان پيش ڪيا. پروگرام ۾ شاعر ۽ ماضيءَ جي سياسي اڳواڻ فيض پيرزادي، شاهه محمد پيرزادي، ڊاڪٽر امتياز پيرزادي، زرار پيرزادي، ڊاڪٽر فياض پيرزادي، رياض پيرزادي، مهتاب مڱريي، سارنگ پيرزادي، مسرور پيرزادي، اطلاعات کاتي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر سيد صفدر شاهه، مينهون خان سوز ٻروچ ويچار ونڊي، سوشل ميڊيا کي مثبت نموني استعمال ۾ آڻيندي ڪراچيءَ ۾ ويهي ڳوٺ لاءِ پتوڙيندڙن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ۽ اڃا ڇا ڪري سگهجي ٿو؟ ان بابت ڪارائتيون تجويزيون ڏنيون.

هن پروگرام ۾ ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادي اعلان ڪيو ته هو ”ٻلهڙيجي هوم“ خريدڻ لاءِ هڪ لک رپيا ڏيندو، سو ٻلهڙيجي واسين جو هي شاندار پروگرام تقريري سيشن ۽ ان کان پوءِ شفيع فقير جي فرزند سڪندر فقير جي سريلي آواز جي شاندار محفل موسيقي ٿي، جنهن ۾ هن امر پيرزادي جو غزل پڻ خوبصورت انداز ۾ ڳائي ڀرپور داد وصول ڪيو، ان کانپوءِ اها تقريب ان عزم سان پڄاڻي تي پهتي ته ”ٻلهڙيجي هوم“ ايندڙ سال يعني 2018ع ۾ ڪراچيءَ ۾ خريد ڪيو ويندو. پروگرام ۾ جتي ٻلهڙيجي واٽس ايپ گروپ جي سرگرم ساٿين ڊاڪٽر افتخار، ڊاڪٽر اصغر، الطاف پيرزادي، زيد پيرزادي، مختيار سومري، حسن پيرزادي، مهتاب مڱريي، تاجن سولنگي، نعمت پيرزادي، رياض، سارنگ پيرزادي، کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ويو. اتي پروگرام ۾ شرڪت لاءِ ڳوٺ کان آيل اسد ٻگهيي، مامي قاسم جانيئڙي، فراز پيرزادي، ڏاڏي هادن، ڀائو حاڪم، بشير کوکر، علي محمد بروهي، محبوب عباسي، ارشد عباسي ۽ ٻين جا به خاص ٿورا مڃيا ويا.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪهت ڪبير مالها ڀلي من جي…..!!:نوراحمد جنجهي

اڄ کان پنج صديون اڳ هي جهان ڇڏي ويندڙ ڀڳت ڪبيرننڍي کنڊ جو اهڙو وڏو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے