19 اربع , سيپٽمبر 2018

هڪ صديءَ جي روشني محمد ابراهيم جويو

سارنگ جويو

سنڌ اڀياس اڪيڊمي ۽ سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز پاران ڪالھه بتاريخ 15 نومبر 2017 جي شام جو 4 وڳي کان 7 وڳي تائين جديد سنڌ جي اڏڻھار سائين ابراھيم جويي جي ياد ۾ "A Legend never Dies” جي عنوان تي زيبسٽ جي 90 آڊيٽوريم ۾ ھڪ شاندار تقريب ٿي گُذري. ھن پروگرام جي شروعات سنڌ اڀياس اڪيڊميءَ پاران پڙھائي ويندڙ ڪورس سنڌ اسٽڊيز جي شاگردن ۽ سنڌ اڀياس اڪيڊميءَ جي ريسرچ ايسوسيئيٽ سارنگ جويي شاھ لطيف جي بيت ” اول الله عليم، اعلي عالمٰ جو ڌڻي“ سان ڳائي ڪئي، جيڪا ڌُن سنڌ اسٽڊيز جي شاگردن ۽ سنڌ اڀياس اڪيڊميءَ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غزالا رحمان جي ٺاھيل آھي. ان کان پوءِ ھن پروگرام جي ماڊريٽر ڊاڪٽر غزالا رحمان سنڌ اڀياس اڪيڊمي ۽ سراج انسٽيٽيوٽ پاران سڀني آيل مھمانن کي آجياڻو ڏنو، جنھن کان پوءِ سنڌ اڀياس اڪيڊمي سنڌ اسٽڊيز جي شاگردياڻي خوشبخت ميمڻ سائين ابراھيم جويي جي زندگيءَ تي مختصر روشني وجھندي چيو ته، ” جويو صاحب سان مُنھنجي ڪڏھن به مُلاقات نه ٿيل ھُئي پر ان بابت اسان سنڌ اسٽڊيز جي ڪورس ۾ پڙھيو آھي، ھو ھڪ وڏي علمي شخصيت ھُئا، جن جا ڪيترائي ڪتاب لکيل آھن ان کان پوءِ سنڌ اڀياس جي ھڪ ٻئي شاگرد شھروز جمالي ڳالھائيندي چيو ته، ” سائين جن سنڌ جي ايڏي وڏي شخصيت آھي، جو ان تي ڳالھڻ جي آئون جسارت به نه ٿو ڪري سگھان، بس ايترو ئي چئي سگھان ٿو ته سائين جتي به رھيا ۽ جيڪي به ادارا ٺاھيا، اُتي ايمانداريءَ سان ڪم ڪيو، ۽ اسان کي به ايمانداريءَ سان ئي ڪم ڪرڻ گھرجي جنھن کان پوءِ نعيم چانڊيي ڳالھائيندي چيو ته، ”سائين ابراھيم جويي جو تعارف مون وٽ سندن ناياب ترجمن جي ڪري آھي، شيلي، ٽئگور، شيڪسپيئر، پائلو فريري جا ترجما جيڪي جويي صاحب ڪيا آھن، اھي ناياب آھن،

ان کان پوءِ سائين ابراھيم جويي جي پوٽيءَ بُشريٰ جويو ڳالھائيندي چيو ته، ” مُنھنجو نه رڳو ڏاڏا سائين ابراھيم جويي سان لاڳاپو آھي،  پر آئون شيخ اياز جي به ڏُھٽي آھيان، ان لاءِ مون تي پريشر ھوندو ھو ته تون ھيڏين وڏين شخصيتن جي اولاد آھين توھان ڇا ڪيو آھي،  منھنجو ڏاڏا بابا سان ڏاڍو ڪلوز رشتو ھو، جيڪو شايد ڪنھن سان به نه ھو، اسان سان گھڻو پيار ڪندو ھو، آئون کانئن سوشل ازم ۽ سنڌي آئڊيالاجي جي باري ۾ پُڇندي ھُيس، پر جنھن طريقي سان ھو اسان کي سمجھائيندا ھُئا اھو نھايت سولو ھوندو ھو. ھڪ اھم ڳالھ ڏاڏا بابا جي اھا ھُئي ته پاڻ سادي زندگي گُذاريندا ھُئا، اسان کي به زندگي سادگي ءَ سان گُذارڻ گھرجي ۽ ڪتابن سان پيار ڪرڻ گھرجي، ڏاڏا بابا ته پنھنجي لائبريري به ڊونيٽ ڪري ڇڏي ته جيئن سنڌ جا نوجوان ذھن اھي ڪتاب پڙھن.“ ان کان پوءِ سنڌ جي ناليواري ليکڪ تاج جويي ڳالھائيندي چيو ته، سائين ابراھيم جويي جو سنڌ تي وڏو ڪم ته ترقي پسند ادب جي آبياري ڪرڻ ۽ ان کي ھٿي وٺرائڻ ھو، پر ان کان به اھم ڪم جويي صاحب جو اھو ڊاڪيومينٽ آھي، جيڪو سائين 1947 ۾ ”سيو سنڌ سيو دي ڪانٽينينٽ“ جي نالي سان لکيو، جنھن ۾ سائين جيڪا اڳڪٿي ڪئي ته اسان پاڪستان ۾ شامل ته ٿيون ٿا، پر اسان ٻئي درجي جي شھري جي حيثيت وارو رويپ رکيو ويندو، جنھن سان اسان جي ٻوليءَ، ثقافت ۽ قومي شناخت کي خطرو ٿيندو، اھي ڳالھيون اڄ به سئو آنا سچ آھن. “ جنھن کان پوءِ سحر گل ڀٽيءَ ڳالھائيندي چيو ته،  ”سائين جويو صاحب سنڌ جو شعور ساز ھو، جنھن پنھنجين لکڻين ۽ ترجمن ذريعي سنڌ ۾ ترقي پسند لاڙن کي متعارف ڪرايو، سائين جو ھڪ ڪتاب ”سيڪيولرازم ۽ عقليت پسندي“ دراصل ٻن اسڪول آف ٿاٽس جي وچ ۾ ڊبيٽ آھي، جنھن ذريعي سائين عقليت پسنديءَ کي ھٿي وٺرائي آھي. ان کان علاوه سائين سنڌ اندر جديديت لاڙن کي متعارف ڪرايو. “

ان کان پوءِ ڊائريڪٽر سنڌ اڀياس اڪيڊمي ڊاڪٽر غزالا رحمان رفيق سائين ابراھيم جويي جو سنڌ اڀياس اڪيڊميءَ سان تعلق تي ڳالھائيندي چيو ته،  ”سائين ابراھيم جويي جي آئون ٿورائتي آھيان جو انھن جي شفقت جو ھٿ ھميشه مون مٿان ۽ اسان جي اداري سنڌ اڀياس مٿان رھندو آيو، ھو مونکي پيار مان بابلي به چوندو ھو، منھنجو ساڻن تعلق ڏاڏا عبدالرحمان، چاچا لُطف رحمان ۽ بابا حسن علي عبدالرحمان جي ڪري به رھيو، مون کي سائينءَ ئي ٻُڌايو ته بابلي تنھنجو ڏاڏو سنڌ مدرسته الاسلام ۾ اسٽڊي سرڪل ھلائيندو ھو، جن جا موضوع ان وقت شيڪسپيئرس جا ڊراما، شيلي، گوئٽي، ۽ ٻيا ھوندا ھُئا ان کان علاوه ون يونٽ جي دور ۾ جڏھن اوھان جو والد سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ھو،  تڏھن ھو حيدرآباد ۾ مٺارام ھاسٽل ۾ اسٽڊي سرڪل ھلائيندو ھو، جنھن کان پوءِ سارنگ جويي ڳالھائيندي چيو ته، ” جان جان ھُئي جيئري ورچي نه ويٺي، وڃي ڀونءِ پيٺي ساريندين کي سڄڻين. سائين ابراھيم جويو جديد ۽ ترقي پسند سنڌ جو اڏيندڙ ھو.

 

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے