25 سومر , جون 2018

مگر ياد رکندو اسان کي زمانو

آصف نظاماڻي

26 نومبر نومبر 2017ع (آچر) جي شامَ خيرپور جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ سوهو ڪناسرا رنگن ۽ روشنين سان جڳمڳائي رهيو هو. اها سنڌي ٻوليءَ جي برک شاعر، محقق، تعليمدان، سماجي رهنما ۽ مٺڙي ماڻهوءَ ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ جي 35 هين ورسي تقريب واري شام هئي. حاميءَ جي پروقار مزار ۽ ان جي سامهون اسٽيج ۽ وسيع پنڊال روشنين جي ساٿَ ۾ هڪ سُهانو ڏيک ڏئي رهيو هيو. سنڌ جي مختلف شهرن کان ”حاميءَ جي مٺڙن“ جي آمد جو سلسلو جاري هُيو ـــ اسٽيج جي مُک بينر تي حاميءَ جي مُرڪندڙ تصوير جي ڀرسان سندس شعر مرڪي رهيو هو:

بدن  مان  روح  نڪري  ٿو  سگهي  ”حامي“ مگر سِرَ مان

ڪڏهن ممڪن نه ٿي سگهندو جي خوداريءَ جو خُو نڪري

شامَ جو حاميءَ جي مزار تي گُلن جي چادر چاڙهي ادبي ڪانفرنس جو آغاز ڪيو ويو. اسٽيج سيڪريٽريءَ جا فرض نامياري ڪمپيئر ۽ شاعر ياسر قاضيءَ ادا ڪيا. حامي يادگار ڪاميٽي خيرپور ۽ سنڌ جي ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي جي سهڪار سان منعقد ٿيندڙ ورسي تقريب جي ادبي ڪانفرنس واري نشست جي پريزيڊيم لاءِ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جيلاني، نامياري اسڪالر تاج جويو، نامياري شاعر ايازگل، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل نامياري شاعر احمد سولنگي، ميمبر قومي اسيمبلي نواب خان وساڻ، پروفيسر سراج سوهو، ايس ايس پي خيرپور غلام اظفر مهيسر، ڊپٽي ڪمسنر خيرپور ۽ چيئرمين حامي يادگار ڪاميٽي خيرپور محمد نواز سوهو کي اسٽيج تي ويهاريو ويو.

حامي يادگار ڪاميٽيءَ جي سيڪريٽري لعل بخش منگي، حاميءَ جي فرزند ۽ يادگار ڪاميٽيءَ جي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نصير حاميءَ کي پڻ ميزبان جي حيثيت سان اسٽيج تي ويهاريو ويو. مهمانن کي اجرڪ جون سوکڙيون ڏيڻ کان پوءِ لعل بخش منگي، قربان منگي، ڊاڪٽر نصير حامي ۽ امر اقبال جي محنتن جو ثمر تحقيقي جرنل ”حامي ـــ 8“ ۽ ”حامي سووينئر ــــ 11“ جو تاڙين جي گونج ۾ مهورت ڪيو ويو . تنهن بعد سالن جي روايت موجب مختلف شعبن ۾ ”حامي ايوارڊ“ ڏنا ويا.

حامي ايوارڊ حاصل ڪندڙن ۾ تاج جويو (بهترين مقالا نگار)، خواجا ذوالفقار (بهترين شاعر)، شازيه ماروي (بهترين راڳي)، آصف نظاماڻي (بهترين ڪارڪن)، پروفيسر عزيز اڄڻ (بهترين تعليمدان) ۽ منٺار بگٽي (بهترين ملهه پهلوان) شامل رهيا.

تنهن بعد مقالن جي نشست شروع ٿي. مقالن واري نشست ۾ ابراهيم کرل، ڊاڪٽر مهر خادم، پروفيسر سلام شيخ، حزب الله آءِ سومرو حاميءَ جي فن، فڪر ۽ ادبي خدمتن جي حوالي سان مقالا پڙهندڙ ـــ گڏوگڏ هلندڙ مشاعري جي نشست ۾ سجاد ميراڻي، خالد راڄپر، آصف علي آصف، خواجه ذوالفقار، رحمت ڪمال ۽ ٻين شعرن ۾ حاميءَ کي منظوم خراج پيش ڪيو.

اسٽيج تي ويٺل معزز مهمانن مان نامياري شاعر ۽ محقق تاج جويي چيو ته حامي هڪ خوددار شاعر هيو، هو هر محاذ تي مظلومن جي پاسي نظر اچي ٿو، سندس شاعريءَ ۾ منفرد ميٺاڄ سمايل آهي. هو سچل سرمست جو عقلي شارح آهي، جنهن وڏي واڪ چيو ته سچل ستن نه پر چئن ٻولين سنڌي، اردو، سرائڪي ۽ فارسي جو شاعر آهي.

سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جيلانيءَ چيو ته حامي اڻ سڌي طرح منهنجو استاد هيو پر ساڻس محبت ۽ عقيدت جو رشتو جڙيل هيو، هو اعليٰ پائي جو اديب شاعر ته هيو ئي پر خيرپور رياست جي زماني ۾ خيرپور ليجسليٽو اسيمبليءَ جو اڪثريت سان ميمبر به چونڊيو ۽ اتي قائد حزب اختلاف جو ڪردار ادا ڪيائين. خيرپور جي ٽالپر حڪمرانن جو سياست، ثقافت ۽ ادب ۾ حصو جي موضوع تي لکيل سندس تحقيقي ٿيسز، وڏو ڪم آهي.

نامياري شاعر ايازگل چيو ته حامي وڏو ليکڪ ۽ وڏو ماڻهو هيو. هن عام جي دلين ۾ جايون جوڙيون. سندس غزل جميعت الشعراء جي دؤر کي اورانگھي جديد دؤر ۾ داخلا حاصل ڪئي ۽ هن پنهنجي مٺي ٻوليءَ ذريعي سنڌي شاعريءَ ۾ الڳ ڇاپ ڇڏي.

سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل نامياري شاعر احمد سولنگيءَ چيو ته حاميءَ جي شاعري روايت ۽ جدت جو حسين سنگم آهي. سندس غزل، تغزل، تشبيهن ۽ رس رچاءَ سان ڀرپور آهن. سندس رُباعيون ۽ قطعا سماجَ تي هڪ طنز ۽ چوٽ وانگر آهن ۽ سندس نطم به اعليٰ پائي جا آهن.

قومي اسيمبلي جي ميمبر نواب خان وساڻ چيو ته سماجي خدمت حاميءَ جي سڃاڻپ هئي، هن خيرپور ۾ تعليم جي ڦهلاءَ لاءِ به وڏي جاکوڙ ڪئي اسين سندس نقش قدم تي هلڻ جي ڪوشش ۾ آهيون.

حاميءَ جي فرزند ڊاڪٽر نصير حاميءَ چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته حاميءَ جون سڀئي اڻ ڇپيل تحريرون ۽ شاعري ڪتابي صورت ۾ محفوظ ڪندا هلون ته جيئن نئون نسل ان کان آگاهه ٿي سگهي.

ادبي ڪانفرنس ۽ مشاعري جي نشستن کانپوءِ هزارين مهمانن کي رات جي پر تڪلف ماني کارائي وئي. تنهن بعد راڳ رهاڻ جي نشست شروع ٿي. راڳ رهاڻ جي نشست ۾ استاد عبدالغفور سومرو، ديبا سحر، عاشق نظاماڻي، شهنيلا علي، سليم رضا ڪنڀر، جنسار سمون ۽ رخسانه ماروي حاميءَ جا مشهور غزل ”نه ڪر ناز ايڏو جوانيءَ تي جاني“، ”مليو ڪنهن جي اک جي اشارن جو ڌوڪو“، ”تنهنجي حسن ڏي موليٰ خير ڪري“، ”سر يار جي قدمن تان فدا ٿيو“ سميت ڀٽائي، شيخ اياز، استاد بخاري، ابراهيم منشي، مقصودگل، امر اقبال ۽ ٻين شاعرن جو ڪلامُ ڳائي پرهه ڦُٽيءَ تائين محفل کي مهڪايو.

ٻئي ڏينهن 27 نومبر 2017ع سومر جي شامَ حاميءَ جي مزار جي آڳر ۾ ئي سنڌ جي روايتي راند ملاکڙو ٿيو جنهن ۾ سنڌ جي مشهور ملهه پهلوانن حصو ورتو. ڪامياب پهلوانن کي انعام ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا.

 

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀني سان سٺا پير ڀريندڙ تاج جويي جو هڪ اتساهه پاسو

رکيل مورائي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ آڳاٽي چوڻي آهي، شايد مُهاورو آهي ”پنهنجن سان  سٺا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے