24 سومر , سيپٽمبر 2018

امريڪي هوائي حدن ۾ ڳجهن ڊرون جهازن جي اڏامن جو انڪشاف

images (5)واشنگٽن(ع آ نيوز) پينٽاگون انڪشاف ڪيو آهي ته گذريل 10 سالن دوران ڳجها ڊرون جهاز امريڪي هوائي حدن ۾ اڏام ڪندا رهيا آهن. پينٽاگون غير فوجي مشن لاءِ آمريڪا مٿان جاسوس جهازن جي اڏامن جو انڪشاف ڪيو. پينٽاگون جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڊرون جون اڏامون تمام گهٽ پر قانوني هيون. جهازن 2006ع کان 2015ع تائين 20 اڏامون ڪيون. رپورٽ مطابق پينٽاگون آمريڪا ۾ ملٽري ڊرون جي اڏامن جي معاملي کي سنجيدگي سان ورتو آهي. 2013ع ۾ ايف بي آءِ جي ڊائريڪٽر رابرٽ ملر ڪانگريس آڏو امريڪا ۾ ڊرون جي اڏامن جو انڪشاف ڪيو هو پر هن واضح ڪيو هو ته ڊرون جون اڏامون تمام گهٽ آهن. امريڪا ۾ ڊرون جي اڏام بابت رپورٽ 20 مارچ 2015ع تي مڪمل ڪئي وئي هئي پر ان کي هاڻي جاري ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز هٿان وڌيڪ هڪ ڪشميري مارجي ويو

سري نگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جاري آهي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے