21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ڊينگي سان سڀ کان وڌيڪ فوتگيون خيبرپختون خواهه ۾ ٿيون: صحت جو عالمي ادارو

پشاور(ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري جي رپورٽ مطابق هلندڙ سال سڀ کان وڌيڪ ڊينگي ڪيسز خيبر پختونخواهه صوبي ۾ اڳيان آيا، جتي ان وائرس سبب 69 فوتگيون ٿيون. صحت جيع المي اداري طارفان خيبر پختونخواهه ۾ ڊينگي وائرس بابت جاري ڪيل رپورٽ مطابق ڊينگي سبب فوتگيون ٽرانسفيوزن ۾ دير ٿيڻ سبب ٿيون. رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ ڊينگي بخار 1994ع کان هلي رهيو آهي، پر هلندڙ سال 24 هزار 807 مريضن ۾ ڊينگي وائرس جي تصديق ٿي. صحت جي عالمي اداري پنهنجي رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته ڊينگي جي علاج لاءِ ضروري آهي ته اسپتال ۾ طبي امداد کي بهتر بڻايو وڃي. ٻئي طرف ان ڳالهه تي به زور ڏنو ويو ته ڊينگي مريضن لاءِ معياري مطابق وارڊ بڻايا وڃن ڇو ته اسپتالن ۾ وارڊ معيار مطابق ناهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Generates biodiesel of tones too!

آنڊن جا جيوڙا بجلي به ٺاهيندا آهن!

ڪيليفورينا( ويب ڊيسڪ ) سائنسدانن انڪشاف ڪيو آهي ته آنڊن ۽ هاضمي جي نظام مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے