21 ہفتہ , اپریل 2018

سڌو رستو اختيار ڪندڙن کي ڀاڪر پائينداسين: ثناءُ الله زهري

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير ثناءُ الله زهري چيو آهي ته ڪجهه پئسن لاءِ معصوم ماڻهن کي استعمال ڪيو پيو وڃي، رياست سان وڙهندڙن کي انجام تائين پهچايو ويندو، جيڪو به سڌي رستي تي ايندو ان کي ڀاڪر پائينداسين. شهداءِ زهريٰ فلاءِ اوور جي افتتاح دوران صحافين سان ڳالهائيندي ثناءُ الله زهري چيو ته ماضي جي لٽل پئرس کي ٻيهر خوبصورت شهر بڻائينداسين، فلاءِ اوور سان ٽريفڪ جي رواني بهتر ٿيندي. هن چيو ته جيڪو به سڌي رستي تي ايندو ان کي ڀاڪر پائينداسين، پاڪستان جي دل وڏي آهي، غلطيون ڪندڙن کي معاف ڪري ڇڏينداسين پر جيڪو رياست جي رٽ کي چئلينج ڪندو، ان کي انجام تائين پهچائينداسين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

مارشل لا نه لڳندي، جمهوريت تي راتاهو لڳو ته ڪو به جج نه هوندو: چيف جسٽس

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته مارشل لا جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے