27 جمعہ , اپریل 2018

ڏکڻ ايشيا کي آميريڪي هڪ هٽيءَ وسيلي ڀسم ٿيڻ کان بچايو

6 ڊسمبر تي دنيا جي اڪيلي سپرپاور سڄي دنيا کي پاسي تي رکي، پنهنجي هڪ هٽي کي مڃائڻ لاءِ هڪ چوٽ سان ٽن عقيدن وچ ۾ نفرتن جا نوان عالمي دڪان کولي پنهنجي هٿيارن کي وڪرو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. نئين اعلان موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان بيت المقدس کي اسرائيل جي راڄڌاني طور تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهو اعلان دنيا جي هر قسم جي فورم توڙي هرقسم جي گهرج کان پري ٿي رڳو پنهنجي چوڌراهٽ کي جاري رکڻ لاءِ ڪيو ويو آهي. جنهن خلاف سڄي دنيا ڌار ڌار نموني احتجاج ڪري رهي آهي.

پاڪستان سرڪار کي دنيا جي هن چومکيءَ ۾ انتهائي خبرداري سان ڪم ڪرڻا آهن. سفارتي محنت وسيلي ڏکڻ ايشيا جي مختلف ملڪن جي قسمت انهن جي تباهي نه هجڻ گهرجي. اهي ملڪ عراق، افغانستان، ليبيا، يمن ۽ شام وانگر ٿيڻ کان اڳ چوطرفي سفارتي جدوجهد توڙي بهترين موقف رکڻ جون لائق ڪوششون ڪرڻيون پونديون.

پاڪستان ۾ ڪالهه جمعي نماز کان پوءِ سمورن شهرن ۾ آميريڪا مخالف مظاهرا ڪيا ويا آهن. عالمي طور اسرائيل ۽ فلسطيني آبادين ۾ ان فيصلي خلاف وڏي پيماني تي ٿيل مظاهرن ۾ اسرائيلي فائرنگ ۾ ٻه فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.  آمريڪي فيصلي خلاف غزه، اولهه ڪناري، خان يونس، بيت الحم ۽ رام الله ۾ هزارن جي انگ ۾ فلسطيني روڊن تي نڪتا ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جي فيصلي خلاف مظاهرا ڪيا.

آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽيلرسن چيو آهي ته اسرائيل ۾ آمريڪي سفارتخاني کي فوري طور تي والاريل بيت المقدس منتقل ڪرڻ ممڪن ناهي، تل ابيب کان آمريڪي سفارتخاني جي منتقلي لاءِ ڪيترائي سال گهربل آهن. فرانسيسي راڄڌاني پيرس ۾ خطاب ڪندي آمريڪي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته آمريڪي سفارتخاني کي بيت المقدس منتقلي هلندڙ يا ايندڙ سال دوران ممڪن نه پئي نظر اچي. تازن قدمن سان مستقبل ۾ وچ اوڀر ۾ امن عمل جي باري ۾ پهرين کان ئي راءِ قائم نه ڪرڻ گهرجي.

ٻئي پاسي، وائيٽ هائوس طرفان فلسطيني اختيارين کي ڌمڪي ڏني وئي آهي ته آمريڪي نائب صدر مائيڪ پينس جي فلسطيني صدر محمود عباس سان ملاقات ملتوي ڪرڻ جا نتيجا سٺا نه نڪرندا. وائيٽ هائوس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مائيڪ پينس پنهنجي دوري ۾ فلسطيني اڳواڻن سان ملاقات جو ارادو رکي ٿو ۽ ملاقات نه ٿيڻ نقصانڪار ثابت ٿيندي. نائب صدر پينس دوري ۾ اسرائيل ۽ مصر به ويندو.  فلسطيني اختيارين يروشلم کي اسرائيلي گادي وارو هنڌ قبول ڪرڻ جي اعلان بعد فلسطيني اختيارين فيصلي جي مذمت ڪندي چيو هو ته هلندڙ مهيني رٿيل ملاقات هاڻي نه ٿيندي ۽ آمريڪي نائب صدر جي فلسطيني علائقن ۾ آجيان نه ڪئي ويندي.

ڇنڇر 9 ڊسمبر 2017ع، 20 ربيع الاول 1439 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

لوڊشيڊنگ جو مسئلو هر هنڌ حل ٿيڻ گهرجي

وزيراعظم شاهد خاقان عباسيءَ چيو آهي ته ڪراچيءَ ۾ هاڻي لوڊشيڊنگ نه ٿيندي، ڇو جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے