21 ہفتہ , اپریل 2018

 عدالت پاران اورينج ريل رٿا مڪمل ڪرڻ جي هدايت

ڪالهه پاڪستان ۾ سياسي توڙي عدالتي محاذن تي نواز ليگ جي وفاقي توڙي پنجاب صوبائي سرڪار کي الاهي سرسي ملي آهي. سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ پاران پنجاب ۾ ”اورنج لائين“ رٿا روڪڻ جي فيصلي کي رد ڪندي پنجاب سرڪار کي ريل جي اها رٿا پوري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. سياسي ميدان تي ان رٿا کي روڪڻ لاءِ درخواست ڏيندڙ تحريڪ انصاف کي نقصان ٿيو آهي.

سپريم ڪورٽ ستن مهينن کان پوءِ اهو فيصلو ٻڌايو آهي. جسٽس اعجاز افضل جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بئنچ هلندڙ سال اپريل مهيني جي وچ ۾ ٻڌڻي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو. سپريم ڪورٽ 16 اربن جي ماليت سان ٺهندڙ رٿا تي لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي پنجاب حڪومت جي درخواست منظور ڪري ورتي. سپريم ڪورٽ جي پنجن مان چئن ججن حق ۾ جڏهن ته هڪ جج جسٽس مقبول باقر اختلافي نوٽ لکيو. عدالت منصوبي ۾ وڌيڪ شفافيت لاءِ 31 شرطن سان پنجاب حڪومت کي رٿا جاري رکڻ جو حڪم ڏنو. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته رٿا ۾ ڪوبه غير قانوني عمل نه ڏٺو آهي، رٿا مڪمل ڪرڻ دوران تاريخي ورثي جي حفاظت يقيني بڻائي وڃي.

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته اورنج لائين منصوبو لاهور جي غريب ۽ مڊل ڪلاس عوام لاءِ دنيا جو بهترين ۽ باوقار سفر جو ذريعو آهي، ان منصوبي کي مختلف سببن جي ڪري دير جو شڪار بڻايو ويو، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪيان ٿو، اڄوڪي فيصلي سان اورنج لائين جي سياسي مخالفن کي منهن ڀر کائڻي پئي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پنجاب جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته اورنج ميٽرو ٽرين منصوبو لاهور جي غريب عوام، شاگردن، مڊل ڪلاس ۽ مزدور ماڻهن لاءِ دنيا جو هڪ بهترين سفر جو ذريعو آهي، تحريڪ انصاف لاهور جي صدر اورنج ميٽرو ٽرين منصوبي کي 14 مهينا لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ 8 مهينا سپريم ڪورٽ ۾ ٽنگرايو پر اڄ عدالتن اسان جي منصوبي جي حمايت ڪئي آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف چيو ته ميگا پراجيڪٽ جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ سموريون توانائيون استعمال ڪيون وينديون. هن چيو ته اڄ عوامي مفاد جي رٿا کي ڪاميابي ملي آهي.

ڇنڇر 9 ڊسمبر 2017ع، 20 ربيع الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ٿيل اهم فيصلا

سنڌ ڪابينا جو اجلاس سومر ڏهاڙي نئين سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي وڏي وزير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے