25 سومر , جون 2018

ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا…….

هڪ اهم ۽ ظاهري طور عجب ۾ وجهندڙ سياسي اڳڀرائي طور پاڪستان پيپلزپارٽي جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري پارٽي جي وفاقي ۽ پنجاب جي اڳواڻن سان گڏجي لاهور ۾ پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهرالقادري سان ملاقات لاءِ پهتو آهي. ساڻس گڏ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه، پ پ پ  اڳواڻ قمرالزمان ڪائرا ۽ ٻيا گڏ آهن.

گذريل هفتي ڊاڪٽر طاهرالقادري اعلان ڪيو هو ته ماڊل ٽائون سانحي جي سرڪار پاران جاري ٿيل ”نجفي رپورٽ“ ۾ جيڪڏهن ڪي ڦيريون گهيريون نظر آيون ته ان خلاف احتجاج ڪيو ويندو ۽ ڌرڻو لڳايو ويندو. ان جي موٽ ۾، تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران خان چيو آهي ته ” جيڪڏهن ڊاڪٽر قادري ڌرڻو هنيو ته اهي ساڻس گڏ هوندا“. ان اعلان کان ٻن ڏينهن پڄاڻان پاڪستان پيپلزپارٽي جو سربراهه آصف علي زرداري فون رابطي کان پوءِ ملاقات لاءِ لاهور  سندن اداري ” منهاج القران“ ۾ پهچي چڪو آهي. جتي هي سٽون لکجڻ تائين ملاقات جاري هئي. جڏهن ته ملاقات کان اڳ، سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته سندن پارٽي جا ڊاڪٽر قادري سان لاڳاپا رهيا آهن.

جسٽس باقر نجفي جي رپورٽ جيڪا 17 جون 2014ع ۾ ماڊل ٽائون ۾ عوامي تحريڪ جي اڳواڻ جي رهائش سامهون حددخليون هٽائڻ جي آپريشن ۾ تحريڪ جي 14 ڄڻن نجي مارجڻ ۽ 90 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ واري واقعي جي اصليت بابت آهي، تنهن لاءِ گذريل هفتي ملڪ جي عدالت پنجاب سرڪار کي حڪم ڪيو هو ته ان رپورٽ کي 30 ڏينهن اندر عام ڪيو وڃي، جيڪا گذريل ساڍا ٽي ورهيه غائب ڪيل هئي. عدالت جي ان حڪم ۽ 30 ڏينهن تائين ميڊيا حملن کان امڪاني بچاءَ طور پنجاب سرڪار اها رپورٽ ٻن ڏينهن اندر جاري ڪري سياسي دٻاءَ واري ڦوڪڻي مان هوا ڪڍي ڇڏي هئي، جنهن کان پوءِ ڊاڪٽر قادري ان ۾ امڪاني تبديلي جي خلاف احتجاج ۽ ڌرڻي لڳائڻ جو اعلان ڪيو هو.

پاڪستان پيپلزپارٽي جنهن جو شروع کان موقف آهي ته چونڊون پنهنجي وقت تي ٿيڻ گهرجن ۽ سرڪار پنهنجو مدو پورو ڪري ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺي. جڏهن ته مسٽر عمران خان جو موقف آهي ته چونڊون وقت کان اڳ ڪرايون وڃن. هن جي مسلسل تنقيد جو نشانو شريف فيملي کان ويندي آصف زرداري رهيو آهي. سياست جي ان چوپڙ تي ٽن مختلف ڌارائن جو هڪ پاسي هلڻ نه رڳو ڏکيو آهي پر پاڪستان جي سياست ۾ جذباتي عنصر سبب اهو ناممڪن آهي.

ڊاڪٽر طاهرالقادري پاران هاڻوڪي سرڪار خلاف چتاءَ کان پوءِ جناب آصف علي زرداري جي اها اڳڀرائي ”معرفت واري سياست“ ۾ نواز ليگ جي بچائڻ واري اڳڀرائي ڪوٺي سگهجي ٿي. اها ڳالهه گهڻو وقت جٽاءُ نه ٿي ڪري سگهي.

جمعو 8 ڊسمبر 2017ع، 19 ربيع الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

چونڊن کان اڳ ڪامور ا شاهيءَ جون وڏي پئماني تي ٿيل بدليون

سرڪاري ملازم لاءِ اصول ته اهو هوندو آهي ته اهو شخصيتن جي تابع ٿيڻ بدران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے