17 بدھ , جنوری 2018

پُرخطر سامونڊي سفر، عظيم نقصان ۽ ضروري اُپاءَ

ٺٽي جي سامونڊي علائقي ۾ سالياني ميلي تي ويندڙ زيارتين جي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 25 ڄڻا ٻُڏي مري ويا آهن، جڏهن ته گم ٿيل 33 ڄڻن جي ڳولا جاري آهي.اهو حادثو 100 کان وڌيڪ مسافرن سان پيش آيو آهي، جيڪي ٺٽي جي تعلقي ميرپورساڪرو جي علائقي ٻوهارا جي سامونڊي علائقي ۾ موجود پير ميهو پٺائي جي سالياني ميلي تي وڃي رهيا هئا. انتظامي رپورٽن موجب، اها هڪ ٻيڙي نه هئي ۽ ٻن ٻيڙين جي ٽڪرجڻ سان اهو حادثو پيش آيو آهي. تيز هوائن جي دٻاءَ، گنجائش کان وڌيڪ ماڻهن جي سوار ٿيڻ ٻيٽن ڏانهن ويندڙ مسافرن جي ٻيڙي ڪلٽي ٿيڻ جي ڪري مليل خبرن آهر گهٽ ۾ گهٽ 25 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا آهن. اهو حادثو سامونڊي ڪناري جي ويجهو ئي ٿيو آهي، جڏهن ٻن ٻيڙين ۾ گنجائش کان مٿي زيارتي سوار ٿي سمونڊ اندر 15 ڪلوميٽر پري پير ميهو پٺائي جي سالياني ميلي تي وڃي رهيا هئا.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حيدرآباد ۽ ٺٽي جي ڊويزنل ۽ ضلعي انتظاميا ۽ ٺٽي ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين غلام قادر پليجو کي علائقي ۾ خيما کوڙڻ ۽ سمورن ماڻهن جي هنگامي بنيادن تي مدد ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون آهن. ضلعي ڊپٽي ڪمشنر جي شروعاتي ڄاڻ موجب ٻيڙين ۾ ماڻهن کي گنجائش کان مٿي سوار ڪيو ويو ۽ سامونڊي هوائن جي تيزي سبب مسافرن جي هڪ پاسي کان ٻئي پاسي چرپر ۽ ساڻ هلندڙ ٻين ٻيڙي جي ٽڪرجڻ سبب اهو حادثو پيش آيو آهي. هيستائين 20 لاش ڪڍيا ويا آهن. 35 زخمين کي اول ساڪرو اسپتال ۽ پوءِ جناح اسپتال ڪراچي ۾ داخل ڪيو ويو آهي، ان ۾ 5 عورتن سميت 3 ٻارڙا زخمي ۽ بيهوش پڻ شامل آهن. حادثي ۾ شڪار ٿيندڙن جي اڪثريت ڪراچي ۽ ٺٽي جي ٻهراڙين جي رهواسين جي آهي، جنهن ۾ جوکيا، ميمڻ، پنهور ۽ ٻيا شامل آهن. ايس ايس پي ٺٽي موجب حادثي کان پوءِ 52 ڄڻن کي جيئرو بچايو ويو آهي. پاڪستان فشرفوڪ فورم جي سربراهه محمد علي شاهه موجب اها ٻيڙي ڪناري ويجهو ئي ماڻحن جي وزن سبب پنهنجو پاڻ ساري سنڀالي نه سگهي ، جنهن ڪري ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو.

ان حادثي تي جيترو به ڏک ڪجي اهو گهٽ آهي. پر سنڌ سرڪار توڙي سامونڊي سفر کي محفوظ بڻائڻ لاءِ پڻ اهم ۽ وقتائتا قدم کڻڻ جي گهرج آهي. سامونڊي ڪنارن تان سمونڊ اندر ويندڙ ٻيڙين جي مسافرن لاءِ ”حياتي جيڪٽ“ کان ويندي ٻيڙين جي حالت توڙي مسافرن جي گنجائش جي باري ۾ اهم فيصلا ڪرڻا پوندا. ٺٽي جي سامونڊي ٻيٽن تي جيڪي به ميلا لڳن ٿا، جيڪي به سفر ٿين ٿا يا مڇيءَ جي شڪار لاءِ مهاڻن جو وڏو انگ گذرسفر لاءِ ٻار ٻچا ڇڏي سفر سنبهي ٿو، تن جي بچاءَ لاءِ سنڌ سرڪار کي بنا دير ضروري قدم کڻڻ گهرجن.

جمعو 8 ڊسمبر 2017ع، 19 ربيع الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

عدليا ذريعي عوام کي رليف ملڻ گهرجي

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جناب ثاقب نثار چيو آهي ته من پسند فيصلن ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے