16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

نيوز | وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت ماڻهن کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهي آهي

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت ماڻهن کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهي آهي

جرمن قونصليٽ پاران جرمن پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي پروگرام کي خطاب ڪندي وڏي وزير جو چوڻ هو ته اها هڪ سٺي ڳالهه آهي ته جرمني ۽ پاڪستان جي پي سي سي آءِ  قائم ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي جنهن جو هيڊ ڪوارٽر ڪراچي ۽ برانچون پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ هونديون.

هن چيو ته منهنجي خيال ۾ گڏيل رابطن ۾ واڌاري جي حوالي سان اهو پهريون يورپين چيمبر هوندو.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اها ڄاڻ ملي خوشي ٿي رهي آهي ته جي پي سي سي آءِ (جرمن پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري) قانون کاتي سان گڏجي عورتن، ٻارن ۽ اقليتن جي حوالي سان مسئلن جي حل تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ انهن جي توجهه مختلف منصوبن تي آهي.

وڏي وزير چيو ته جرمني اهو پهريون ملڪ هو جتي 1952ع ۾ گڏيل سيڙپڪاريءَ جي پهرين معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون ۽ 1956ع ۾ ان ۾ وڌيڪ بهتري ٿي آخرڪار ٻه ورهيا اڳ ان حوالي سان ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون.

هن چيو ته سنڌ حڪومت ٻاهرين  سيڙپڪاري تي مڪمل توجهه ڏئي رهي آهي ۽ سنڌ معدني وسيلن ۽ اعليٰ تعليم يافته هنرمند ورڪ فورس سان آراستا آهي. اسان وٽ وسيع سامونڊي علائقو، سرسبز ميدان ۽ محنت ڪندڙ هاري موجود آهن ۽ اهي پرڏيهي سيڙپڪارن خاص طور تي جرمن ڪمپنين لاءِ تمام مناسب آهن.

ان موقعي تي پاڪستان ۾ جرمنيءَ جي سفير ۽ جي پي سي سي آءِ جي صدر قاضي ساجد عليءَ  ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ……………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز| ڳڙهي خدا بخش ڀٽو شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي ملهائڻ پيپلز پارٽي جو اجلاس

ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پيپلز پارٽي جي شهيد چيئرمين بينظير ڀٽو جي ورسي ملهائڻ لاءِ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے