16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

نيوز | ٺري ميرواهه ۾ ڳوٺاڻن پاران ڪوٽ لالو پوليس جي ظلم خلاف احتجاج ڪيو ويو

ٺري ميرواهه ۾ ڳوٺاڻن پاران ڪوٽ لالو پوليس جي ظلم خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڳوٺاڻن عبدالله جٽ جي اڳواڻ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته ڪوٽ لالو ٿاڻي جو ايس ايڇ او اصغر عالماڻي بنا سبب سندن گهرن تي پوليس اٽالن سان چڙهائي ڪري بيگناهه ماڻهن کي حراسان ڪري رهيو آهي.

سندن چوڻ هو ته ايس ايڇ او کان بنا جواز چڙهائي خلاف پڇاڻو ڪرڻ تي ڪيترن ئي ڳوٺاڻن کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي گهرن ۾ پيل قيمتي سامان ۽ چوپايو مال ڪاهي ويو.

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي ڪري کين ڦرلٽ ڪيل سامان واپس ڏياري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي……………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز| ڳڙهي خدا بخش ڀٽو شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي ملهائڻ پيپلز پارٽي جو اجلاس

ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پيپلز پارٽي جي شهيد چيئرمين بينظير ڀٽو جي ورسي ملهائڻ لاءِ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے