16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

پاڪستاني خوبصورت اداڪارا ماهرا خان ايشيا جي پرڪشش عورتن ۾ شامل

ممبئي(شوبز نيوز) پنهنجي جاندار اداڪاري ۽ حسن سان دنيا کي ديوانو بڻائيندڙ اداڪارا ماهرا خان هڪ ڀيرو ٻيهر ايشيا جي پرڪشش عورتن جي فهرست ۾ شامل ٿي وئي آهي. برطانوي رسالي ايسٽرن آءِ هلندڙ سال ايشيا جي پرڪشش عورتن جي فهرست جاري ڪئي آهي جنهن ۾ بالي ووڊ جي حسينائن پريانڪا چوپڙا، دپيڪا پڊوڪون سميت پاڪستان جي مشهور اداڪارا ماهرا خان به شامل آهي. ماهرا کان علاوه ان سروي ۾ پاڪستاني ڳائڻي مومنه مستحسن به شامل آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته پريانڪا چوپڙا پنجو ڀيرا اهو اعزاز حاصل ڪيو، هوءَ پوين ڪيترن ئي سالن کان ان فهرست تي نمبر ون رهي، گذريل سال بالي ووڊ اداڪارا دپيڪا پڊوڪون ان کي پوئتي ڇڏي ايشيا جي پرڪشش عورت جو اعزاز حاصل ڪيو هو. هن سال فهرست ۾ دپيڪا پڊوڪون ايشيا جي ٽئين پرڪشش عورت قرار ڏني وئي، جڏهن ته ٻئي نمبر تي هندستاني اداڪار نيا شرما جو نالو رهيو. فهرست ۾ بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ چوٿين، پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان پنجين جڏهن ته هندستاني اداڪارا ڌرشتي ڌامي ڇهين نمبر تي رهي. ماهرا خان کانسواءِ ناليواري پاڪستاني ڳائڻي مومنا حسن به ايشيا جي پرڪشش عورتن ۾ 37 هون نمبر حاصل ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آسڪر ايوارڊ لاءِ پاڪستاني فلمن جي نامزدگي تمام وڏي ڪاميابي آهي: سهائي علي ابڙو

لاهور (شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ماڊل سهائي  علي ابڙو چيو آهي ته آسڪر ايوارڊ لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے