16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

پي سي بي شرجيل خان جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اسپاٽ فڪسنگ ۾ معطل ڪرڪيٽر شرجيل خان طرفان تعصباڻي رويي ۽ ڪيس ۾ ڦاسائڻ جا الزام رد ڪري ڇڏيا آهن. اڱاري ڏينهن پنهنجي وڪيل سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل خان الزام مڙهيو هو ته سندس ڪيس جي ٻڌڻي دوران پي سي بي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ۾ ترميم ڪئي، ان سان گڏوگڏ اوپننگ بيٽسمين پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي ۽ اينٽي ڪرپشن يونٽ جي سربراهه اعظم خان جي ڪردار تي به شڪ جو اظهار ڪيو هو. بورڊ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ۾ ترميم ذريعي ڌرين کي اپيل جو وڌيڪ هڪ موقعو ملندو، ڇو ته هاڻ پاڪستان جون عدالتون سوئٽزرلينڊ ۾ راندين جي عالمي ثالثي عدالت طرفان ٻڌايل ڪيسن جون ٻڌڻيون به ڪري سگهنديون. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اها ڳالهه واضح ڪرڻ به ضروري آهي ته ترميم مستقبل جي ڪيسن تي به اثرانداز ٿيندي ۽ ان جو واسطو رڳو شرجيل خان جي ڪيس سان ناهي. بورڊ چيو آهي ته شرجيل جي سزا برقرار رکڻ جو فيصلو هڪ آزاداڻي ٽربيونل ڪيو، جيڪو پي سي بي طرفان فراهم ڪيل پڪين شاهدين سان گڏوگڏ ان حقيقت جي به نشاندهي ڪري ٿو ته ڪنهن به فرد طرفان انتقامي ڪارروائي ناهي ڪئي وئي. واضح رهي ته ايس ايس ايل جي ٻئي ايڊيشن دوران سامهون آيل فڪسنگ اسڪينڊل ۾ شرجيل خان کي ڏوهاري قرار ڏيندي کيس 5 سال پابندي جي سزا ٻڌائي وئي هئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽي ٽين ليگ: بنگالي ٽائيگرز پنجابي ليجنڊز کي هارائي ڇڏيو

شارجا(اسپورٽس نيوز) ٽي ٽين ليگ جي ٽئين ميچ ۾ بنگالي ٽائيگرز پنجابي ليجنڊز کي ٽن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے