17 اڱارو , جولاءِ 2018

هيلز ۽ اسٽوڪس جي انگلش ون ڊي اسڪواڊ ۾ واپسي

لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ آسٽريليا خلاف 5 ون ڊي ميچن جي سيريز لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ آل رائونڊر بين اسٽوڪس ۽ ايليڪس هيلز کي به شامل ڪيو ويو آهي. انگلش سليڪٽرن ٻنهي رانديگرن کي ٽيم ۾ شامل ته ڪيو آهي پر ان باوجود ان ڳالهه جا امڪان آهن ته کين فائنل اليون جو حصو نه بڻايو ويندو. ويسٽ انڊيز خلاف سيريز دوران بين اسٽوڪس جو برسٽل ۾ ڪلب ٻاهران جهيڙو ٿيو هو، جنهن سبب کيس ۽ ساڻس موجود ساٿي رانديگر ايليڪس هيلز کي ٽيم مان ڊراپ ڪيو ويو هو، ان سان گڏوگڏ انجريءَ سبب ويسٽ انڊيز خلاف سيريز ۾ شرڪت نه ڪري سگهندڙ مارڪ ووڊ جي به انگلش ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي. آسٽريليا خلاف 5 ون ڊي ميچن لاءِ اعلانيل انگلش ٽيم جي ڪپتاني اين مورگن ڪندو، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ جيسن راءِ، جوني بيئراسٽو، جو روٽ، ايليڪس هيلز، سيم بلنگز، بين اسٽوڪس، معين علي، عادل رشيد، ڊيوڊ ولي، ليام پلنڪيٽ، ٽام ڪوران، مارڪ ووڊ ۽ بيڪ بال شامل آهن. آسٽريليا ۽ انگلينڊ وچ ۾ ون ڊي سيريز جي شروعات 14 جنوري کان ٿيندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

FIFA World Cup winners have arrived in France, wonderful fans

فيفا عالمي ڪپ جا فاتح فرانس پهچي ويا، شاندار آجيان

پئرس(اسپورٽس نيوز) فيفا ورلڊ ڪپ جي فاتح وطن پهچي ويا، فرانس پهچڻ تي مداحن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے