16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

نيوز | پيپلز پارٽي ۽ عوامي تحريڪ پاران ماڊل ٽائون سانحي وارثن کي انصاف ڏيڻ لاءِ گڏيل جدوجهد ڪرڻ جو اعلان

عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري چيو آهي ته آمريڪا ولاريل بيت القمدس واري معاملي تي اڪيلو ٿي چڪو آهي، يورپي يونين ۽ گڏيل قومون آمريڪي صدر جي قدمن جي مخالفت ڪئي

لاهور ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي طاهر القادري جو چوڻ هو ته ماڊل ٽائون سانحي ۾ باقر نجفي جي رپورٽ  شهباز شريف کي قاتل قرار ڏنو ويو آهي

علامه طاهر القادري جو وڌيڪ چوڻ هو ته شهيدن جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ تائين عدالتن جا چڪر ڪاٽيا سين پر اميد نه ڇڏي  آهي

طاهر القادري چيو ته شهباز شريف ماڊل ٽائون سانحي ۾ خون جي هولي کيڏي ، جنهن کي ڪنهن به صورت برداش نه ڪيو ويندو

ان موقعي تي آصف علي زرداري چيو ته باقر نجفي جي رپورٽ اچڻ کان پوءِ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کي استعيفيٰ ڏيڻ گهر جي ها

هن چيو ته پيپلز پارٽي شهباز شريف کي ڪڏهن به برداشت نه ڪيو ويندو، ان خلاف جنگ ڪنداسين ۽ روڊن تي اينداسين

آصف علي زرداري چيو ته علامه طاهر القادري سان ڪابه ڊيل ناهي ڪئي، هن چيو ته ڪنٽينر تي چڙهي احتجاج ڪنداسين ……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز| ڳڙهي خدا بخش ڀٽو شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي ملهائڻ پيپلز پارٽي جو اجلاس

ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پيپلز پارٽي جي شهيد چيئرمين بينظير ڀٽو جي ورسي ملهائڻ لاءِ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے