16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

نيوز | بدين ڀرسان ڳوٺ ۾ باهه لڳڻ سبب پورهيتن جو سامان سڙي رک ٿي ويو، متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل، واهر جي گهر

بدين ڀرسان ڳوٺ ۾ باهه لڳڻ سبب پورهيتن جو سامان سڙي رک ٿي ويو، متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل، واهر جي گهر ڪئي

بدين ڀرسان ڳوٺ سونو ڪولاچي ۾ باهه لڳڻ سبب پورهيتن جا گهر سڙي رک ٿي ويا.

بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب گهر کي باهه لڳڻ سبب سڄي ڳوٺ ۾ پکڙجي وئي، جنهن ڪيترائي گهر سڙي رک ٿي ويا.

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ واري واقعي جو فوري طور اطلاع ميونسپل ڪميٽي جي انتظاميا کي ڏنو ويو، پر بروقت فائر برگيڊ نه پهچڻ سبب سڄو ڳوٺ سڙي رک ٿي ويو آهي.

سندن چوڻ هو ته گهرن ۾ پيل اناج، قيمتي سامان ۽ نياڻين جو ڏاج سڙي رک ٿي ويو آهي.

سڄو ڏينهن متاثر سخت سيءُ ۾ کليل آسمان هيٺ ويٺل رهيا پر چونڊيل نمائندن توڙي انتظاميا ۾ ڪير به لڙي نه ويو.

باهه واقعي جي متاثرن ڊپٽي ڪمشنر کان مطالبو ڪيو ته فائر برگيڊ عملي خلاف ڪارروائي ڪري سندن مالي سهائتا ڪري بي گهر ٿيڻ کان بچايو وڃي………………………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز| ڳڙهي خدا بخش ڀٽو شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي ملهائڻ پيپلز پارٽي جو اجلاس

ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پيپلز پارٽي جي شهيد چيئرمين بينظير ڀٽو جي ورسي ملهائڻ لاءِ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے