16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

ماڊل ٽائون سانحو: آصف زرداري ۽ طاهر القادري جو شهباز شريف کان استعيفيٰ جو مطالبو

لاهور(ويب ڊيسڪ) ماڊل ٽائون سانحي جي رپورٽ منظر تي اچڻ کان پوءِ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري سان گڏجي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي. آصف زرداري سان ملاقات کان پوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي طاهر القادري جو چوڻ هو ته هڪ عالمي سانحو ظاهر ٿيو، جيڪو رڳو مسلمان امت جو نه پر هڪ عالمي مسئلو آهي. هن چيو ته ان معاملي تي سڄي دنيا جي مسلمانن کي هڪ ٿي آواز بلند ڪرڻ گهرجي. طاهر القادري چيو ته جسٽس باقر نجفي رپورٽ ۾ واضع طور تي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کي ماڊل ٽائون سانحي ۾ ڏوهاري قرار ڏنو آهي، راڻا ثناءُ الله ان منصوبي جو انچارج هو. هن چيو ته جيڪي ماڻهو چون ٿا ته اها رپورٽ نامڪمل آهي اهي ڪوڙ ڇا چون، اها رپورٽ 100 سيڪڙو مڪمل آهي ۽ ان ۾ قاتلن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، رپورٽ ۾ واضع طور تي لکيل آهي ته اهو بيريئر هٽائڻ جو معاملو نه هيو ڇو ته گذريل ٻن ٽن سالن کان بيريئر تي ڪنهن به اعتراض نه هو، اهو سمورو معاملو ٻڌائي ٿو ته ماڊل ٽائن ۾ رت جي هولي کيڏي وئي. طاهر القادري چيو ته رپورٽ ۾ لکيل آهي ته پوليس آفيسرن طرفان اهو ناهي ٻڌايو ويو ته گوليون ڪنهن جي حڪم تي هلايون ويون پر حالتون ۽ واقعا ٻڌائن ٿا ته اهو سڀ ڪجهه حڪومت جي اجازت کان سواءِ ممڪن نه هو. عوامي تحريڪ جي سربراهه چيو ته ماڊل ٽائون سانحي جو ذميوار شهباز شريف آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه نواز شريف جي چوڻ تي راڻا ثناءُ الله جي نگراني ۾ ٿيو. طاهر القادري چيو ته نواز شريف، شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله مستعفي ٿين ۽ پاڻ کي قانون جي حوالي ڪن. هن چيو ته اسان ڪو به ڏڦيڙ نه پئي چاهيو پر اهي ماڻهو مستعفي ٿي پاڻ کي قانون جي حوالي نه ڪندا ته اسان پرامن قانوني احتجاج ڪنداسين. ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو ته ماڊل ٽائون سانحي تي اکيون بند نٿا ڪري سگهون، ماڊل ٽائون سانحو ظلم جي هڪ بدترين مثال آهي. هن چيو ته ماڊل ٽائون سانحي تي اسان اصولي طور طاهر القادري سان گڏ آهيون ته سانحي جي رپورٽ منظر تي اچڻ کان پوءِ شهباز پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي. هن چيو ته هاڻ گهڻو ٿيو، هاڻ پيپلز پارٽي ڪيئن به شهباز شريف کي برداشت نه ڪندي ۽ ماڊل ٽائون سانحي جي حوالي سان ڊاڪٽر طاهر القادري سان گڏ جدوجهد ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته اصولي طور ڊاڪٽر طاهر القادري سان گڏ آهيون پر سياسي حوالي سان هن وقت تائين ڪجهه به طئي ناهي ٿيو. هن چيو ته جيڪڏهن ڊاڪٽر صاحب چيو ته گڏجي سياسي ميدان ۾ وڃڻ لاءِ تيار آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام کي انصاف نه پيو ملي، سڌارن جي ضرورت آهي: چيف جسٽس

لاهور (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ڪوڙين صحيحن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے